; سنڌي شخصيتون: حاجي، خميسو خان دلواڻي، ماڻهو مڻيادار، سليم دلواڻي،
Showing posts with label حاجي، خميسو خان دلواڻي، ماڻهو مڻيادار، سليم دلواڻي،. Show all posts
Showing posts with label حاجي، خميسو خان دلواڻي، ماڻهو مڻيادار، سليم دلواڻي،. Show all posts

04 August, 2017

حاجي خميسو خان دلواڻي- سليم دلواڻي

حاجي خميسو خان دلواڻي
ماڻهو مڻيادار - پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان
سليم دلواڻي

ماڻهوءَ جي عظمت ماپڻ لاءِ ته هر ڪنهن انسان وٽ پنهنجو پنهنجو پئمانو هوندو آهي، ڪو انسان ڪنهن ماڻهو کي ان جي دولت ۽ ٺٺ ڏسي ان کي عظيم هئڻ جا تمغا ڏيندو آهي ته ڪو ماڻهو ڪنهن انسان جي سوچ ۽ فلسفي کي ڏسي سندس عظيم هئڻ جي گواهي ڏيندو آهي. اهڙو ئي هڪ عظيم صحافتي ڪردار اسان سڀني کان هڪ سال اڳ ڪنهن طويل سفر جو راهي ٿي موڪلائي ويو. هو پنهنجي سوچ ۽ فلسفي ۾ سچ پچ ته پاڻ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو.