مٺل وقاصي
ملاقات: قاسم راڄپر ۽ فريد ڀٽو
ميهڙ
کان امريڪا پهتل ڊاڪٽر مٺل وقاصي جو پيشو هونئن ته ڊاڪٽري آهي، پر ان کان وڌيڪ هو
لطيف تي تحقيق ۽ سنڌ پرستيءَ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان هو
سنڌ ۽ امريڪا ۾ لطيف جي حوالي سان مختلف پروگرام منعقد ڪندو رهي ٿو. لاس اينلجلس ۾
سانا جي سالياني ميڙاڪي ۾ ساڻس ڪچهري هن ريت ٿي.
