; سنڌي شخصيتون: سيد، خادم سبحان، ڏاڏاهي، پروفائيل انٽرويو، مٺل جسڪاڻي،
Showing posts with label سيد، خادم سبحان، ڏاڏاهي، پروفائيل انٽرويو، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label سيد، خادم سبحان، ڏاڏاهي، پروفائيل انٽرويو، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts

18 August, 2017

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي - مٺل جسڪاڻي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
پروفائيل انٽرويو - مٺل جسڪاڻي
هر لکندڙ جا مقصد يا لکڻ جا سبب ڪهڙا به هجن، پر ان جو تعلق ان جي من اندر جي احساسن سان هجي ٿو. آئون سمجهان ٿو ته هر انسان جا احساس ٿين ٿا، پر ان جو اظهار فقط اهي ئي بهتر طريقي سان ڪري سگهن ٿا، جن کي مالڪ اهڙي ڏات سان نوازيو آهي. معيار جا ته پنڌ پري آهن، پر آئون به الله سائين جي انهن بندن مان هڪ آهيان، جنهن کي رب پنهنجي احساسن جي اظهار جو ٿورو گهڻو سليقو ڏنو آهي. منهنجي لکڻ جا سبب به منهنجي حساس طبيعت ۽ منهنجا احساس ئي آهن، جيڪي هن جهان ۾ جيئندي، آئون سنڌ ۽ سڄڻَ لاءِ محسوس ڪندو آهيان“. اهڙن خيالن جو اظهار سيد خادم سبحان ڏاڏاهي ڪيو، جنهن جو پورو نالو سيد خادم حسين ڏاڏاهي ولد سيد سبحان علي شاھ ڏاڏاهي آهي. هن ٻڌايو ته ”تعلقع ۽ ضلع ٽنڊو الهيار جي تاريخي ڳوٺ بڪيرا شريف ۾ ۵ جنوري ۱۹۶۱ع تي اک کوليم. وڏا ڏاڏاھ تعلقو ٽنڊو باگو کان هجرت ڪري بڪيرا شريف آيا، ان ڪري ڏاڏاهي سيد سڏجڻ لڳاسين. هن وقت ڪراچي، حيدر آباد، ٽنڊوالهيار، جهڏو، ٽنڊو باگو ۽ بڪيرا شريف ۾ ڏاڏاهي سيد آباد آهن“.