; سنڌي شخصيتون: آتش، سنڌي، سنڌ، محبوب، شاعر، سعيد، سومرو، قمبر،
Showing posts with label آتش، سنڌي، سنڌ، محبوب، شاعر، سعيد، سومرو، قمبر،. Show all posts
Showing posts with label آتش، سنڌي، سنڌ، محبوب، شاعر، سعيد، سومرو، قمبر،. Show all posts

14 February, 2013

آتش سنڌي - سعيد سومرو

آتش سنڌي
سنڌ جي محبوب مٽيءَ جو شاعر
سعيد سومرو/قمبر
سال ۱۹۷۰ واري ڏهاڪي ۾، جن قومپرست ۽ عوام دوست جذبن جي ترجمان شاعرن، پنهنجي ڪَلا ذريعي پنهنجي ديس جي اَٻوجھه ماڻهن جي من ۾ شعور جي ڦهلاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ’ون يونٽ‘ جي ڍنگھر کي ڊاهي پٽ ڪرايو، تن سپاهين منجهان آتش سنڌي به هڪ هو. سندس مرحوم والد، ولي محمد شيخ ته سندس نالو معشوق علي رکيو، پر سنڌ جي حالتن کي ڏسي هُو، ’معشوق‘ مان ’آتش‘ سڏائڻ لڳو.