; سنڌي شخصيتون: سيد، اڪبر، شاهه، علي، ڏنو، جروار،
Showing posts with label سيد، اڪبر، شاهه، علي، ڏنو، جروار،. Show all posts
Showing posts with label سيد، اڪبر، شاهه، علي، ڏنو، جروار،. Show all posts

02 February, 2013

سيد اڪبر شاهه - علي ڏنو جروار

سيد اڪبر شاهه
سندس لکڻيون ۽ شخصيت
علي ڏنو جروار/حيدرآباد
سنڌ اُها ڌرتي ماءُ آهي، جنهن اڻ ڳڻيا عالم، ڏاها ۽ بهترين استاد پيدا ڪيا آهن. سيد اڪبر به انهن مان هڪ آهي. سندس تعلق سنڌ جي لاڙ پٽ واري حصي سان آهي. سنڌ جي لاڙَ واري علائقي تمام عظيم انسان اسان سنڌ واسين جي رهنمائيءَ لاءِ خلقيا آهن، جن ۾ شاهه عنايت شهيد، مولوي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي ۽ سيد اڪبر جهڙا سدا ملوڪ شاعر، اديب، عالم ۽ صوفي شامل آهن.