مخدوم امين فهيم
جي حياتي وفا ڪئي ته سائين عشق جي انتها
ڪري ڏسبي
نور سنڌي
۲۱ نومبر تي صبح جو ۵ وڳي مخدوم سعيد الزمان عاصف جي ڪال
تي ڇرڪي پيس، ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت ڪال خيريت جي نه هوندي آهي. جڏهن سائين ٻڌايو ته قبله
مخدوم امين فهيم رحلت ڪري ويا آهن ته مٿي کي چڪر اچڻ لڳا، دل ٻڏڻ ڪري اکين مان ڳوڙها
ڳڙڻ لڳا. ساڻن ملاقاتون، ڪچهريون حاضريون ذهن جي پردي تي ڦرڻ لڳيون. پاڻ ڪجهه عرصي
کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر ۱۴۳۷هه تي فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪري ويا.
