; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ - ناصر بلوچ

30 June, 2012

ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ - ناصر بلوچ

ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ
ناصر بلوچ
هي دنيا درسگاهه آهي، جنهن ۾ جدوجهد کي اهم مقام حاصل آهي ۽ اهي ئي ڪاميابي ٿا ماڻين جيڪي اڻ-وِرچ ٿي محنت ڪن ٿا ۽ همٿ نه ٿا هارين. ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ پڻ ضلعي بدين جي اهڙي شخصيت آهي. پرائمري ٽيچر کان ابتدا ڪندڙ هيءُ شخص، اڄڪلهه پي ايڇ ڊي ڪري چڪو آهي ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو باگو جو پرنسپل آهي.


ڊاڪٽر صاحب ۱۹۶۰ع ۾ ڳوٺ پهاڙ مري، تعلقي ٽنڊو باگو ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ، ميٽرڪ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو ۽ بي اي ۽ ايم اي اسلاميه ڪاليج بدين مان ڪيائين. بي ايڊ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد، M.ED زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي شام وارن ڪلاسن مان بدين مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ۱۹۹۴ع سنڌ يونيورسٽي جي اسلامڪ ڪلچر شعبي ۾ رجسٽريشن ڪرائي. سندس گائيڊ سابق چيئرمين رٽائرڊ پروفيسر عبدالرزق ميمڻ هو. ڏهن سالن جي مسلسل ڪوششن بعد هن ۲۰۰۴ع ۾ ”مولانا حاجي احمد ملاح جون ديني ۽ علمي خدمتون“ جي عنوان تي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ۲۰۰۶ع ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ رجسٽريشن ڪرائي. اهڙيءَ طرح ۱۶ سالن جي مسلسل ڪوششن بعد، اپريل ۲۰۱۲ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب سڄي ڄمار تعليم لاءِ وقف ڪئي آهي. هو موجوده تعليمي حالتن تي چوي ٿو ته؛ ڪاپي ۽ سفارش ڪلچر، تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن تجويز ڏني ته؛ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته پرائمري تعليم جو معيار بهتر بڻايو وڃي. اسڪولن ۾ ڀرتي، خالص ميرٽ تي ڪئي وڃي. اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ هر سال مرمت ڪرائي وڃي. استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ عوامي نمائندا تعليمي بهتري لاءِ اڳيان اچن. جڏھن ته SMC (School management committees) پنهنجي افاديت وڃائي چڪيون آهن ۽ ڪرپشن جو سبب آهن، سي ختم ڪيو وڃن. پرائمري تعليم، مادري زبان ۾ ڏني وڃي ۽ ٻٽو تعليمي معيار ختم ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح هر سال امتحاني مرڪزن ۾ ٿيندڙ ڪاپي ختم ڪرائڻ جا بهتر انتظام ڪيا وڃن. ڊيوٽي ڏيندڙ استادن کي بهتر تحفظ ڏنو وڃي ۽ اسڪولن ۾ امتحان دوران موبائيل فون آڻڻ تي پابندي لڳائي وڃي. پر بهتر تعليم جو معيار پرائمري تعليم جي بهتريءَ سان ئي ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ جي شخصيت، همٿ ۽ مسلسل محنت جي علامت آهي. نوجوانن کي گهرجي ته اهڙين محترم شخصيتن جي نقش قدم تي هلي، پنهنجي لاءِ به ڪاميابيون ماڻين ته سنڌ جو مستقبل به محفوظ بڻائين.

No comments:

راءِ ڏيندا