; سنڌي شخصيتون: اياز گل - دولت رام کتري

12 June, 2012

اياز گل - دولت رام کتري


اياز گل
نئين ٽهيءَ جو محبوب شاعر
دولت رام کتري
شاعري، دل جي ڪيفيت جي اظهار جو، ٻيو نانءُ آهي. اُهي دل جون ڪيفيتون، جڏهن لفظن جو روپ وٺي، ڪنهن شاعر جي دل مان اُڀرن ٿيون ته اهو شاعر پنهنجي دل جي دردن جو داستان، شاعريءَ جي روپ ۾ لکي وٺي ٿو. شاعري، فائن آرٽس سان واسطو رکندڙ اُها صنف آهي، جنهن ۾ خيالن جي گهرائيءَ سان گڏوگڏ موسيقي پڻ شامل آهي. ارسطو، پنهنجي ڪتاب Poetics ۾ لکيو آهي ته؛ ”شاعريءَ جو رجحان بدلجندو رهي ٿو.“ منهنجي خيال ۾؛ ادب هڪ وهندڙ نديءَ مثل آهي، جنهن جي هر لهر ۾ سدا نئون آب تاب آهي. سنڌي ادب جي وهندڙ نديءَ ۾ ڪيترا ئي اڻ ڳڻيا نالا آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جي اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. انهن نالن ۾ هڪڙو نالو سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز گل جو پڻ آهي، جيڪو نئين ٽهي جو محبوب شاعر آهي. اياز جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ خاص اهميت جي حاصل آهي.
ورهاڱي کانپوءِ، سنڌي شاعريءَ ۾ جديديت جي جيڪا لهر آئي آهي/ هئي، اُن شاعريءَ جي اسلوب ۽ تخيل کي تمام گهڻو مٿي ڪيو آهي. شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، امداد حسيني، اُستاد بخاري، ابراهيم منشي، وفا ناٿن شاهي، سنڌ جا اُهي سرموڙ شاعر آهن، جن سنڌي شاعريءَ جي اسلوب ۽ تخيل کي جدت ڏني آهي. سنڌي ادب ۾ جتي شيخ اياز سنڌي غزل ۽ ٻي شاعري کي ڌاري روايت مان ٻاهر ڪڍي، انهيءَ جون جڙون سنڌي شاعري سان ملايون ته اتي اياز گل جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائي شاعريءَ کي نوان گس ڏنا. 1990ع کانپوءِ جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو هو، تڏهن منهنجي لکڻ جو هڪڙو سبب، اياز گل جي شاعريءَ جو مطالعو هو. سندس شاعري، مون لاءِ اُتساهه جو سبب بڻي ۽ مون لکڻ جي طبع آزمائي ڪئي. اياز گل جو وڏو ڪمال اهو پڻ آهي جو هو پنهنجي شاعريءَ ۾ نت نوان خيال ۽ تصور ڏيندو رهيو آهي. انهيءَ ڪري نئينءَ ٽهيءَ جو نوجوان، هن جي شاعريءَ مان اُتساهه وٺي ٿو ۽ ڪجهه لکڻ لاءِ طبع آزمائي ڪري ٿو.


ڏک جي نه پڄاڻي آ،
هر شخص ڪهاڻي آ،
احساس بنا ماڻهو،
اخبار پراڻي آ.

سنڌي شاعريءَ ۾ اياز گل، غزل جو خوبصورت شاعر آهي. هن سنڌي غزل جي صنف کي، نوان گس ڏئي، اوج تي پهچايو. شيخ اياز کانپوءِ، اياز گل ۽ وفا ناٿن شاهي، سنڌي غزل جا خوبصورت شاعر ليکيا وڃن ٿا. اياز گل جي غزل ۾ جيڪي خوبصورتيءَ جا رنگ آهن، انهن رنگن جو نکار انڊلٺي رنگن جهڙو آهي. اياز گل هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
توسان نينهن نيارا ٿي پيا،
ڏينهن ته مُرڪڻ وارا ٿي پيا.
چاهت اهڙو رنگ رچايو،
چهرا چنڊ ستارا ٿي پيا.
جيڪي گُل ڌڪاريا دنيا،
سي ئي تو کي پيارا ٿي پيا.

6 مارچ 1959ع ڌاري، سکر شھر اندر جنم وٺندڙ اياز گل، عام ماڻهن توڙي ادبي لڏي ۾، هڪ جيترو ئي مقبول آهي. هو پنهنجي طبيعت ۾ ملنسار ۽ محبتون وکيريندڙ ”اهل دل“ شاعر آهي. هن وقت سنڌ ۾ نوجوان شاعرن جي وڏي کيپ اياز گل جي ڏانءَ ۽ ڏات جي پوئلڳ ۽ Diction جي پوئواري ڪري رهي آهي. سنڌ جا ڪيترا ئي نوجوان شاعر اياز گل جي Diction جي پوئواري ڪندي لکڻ جي طبع آزمائي ڪندا رهن ٿا. سنڌي غزل کي نئين سڃاڻپ ڏيندڙ اياز گل وٽ، لفظن جو ڳاڻيٽو به آهي ته شاعري جي کيتر ۾ وسيع تجربو ۽ مشاهدو پڻ آهي. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو هر رنگ پسجي ٿو.

ڇا هي يار جدائي، تو کي ڇا معلوم،
ميلي جي تنهائي، تو کي ڇا معلوم؟
هُن جا نيڻ، ڪڏهن تو ڪين ڏٺا آهن،
سمنڊ جي گهرائي، تو کي ڇا معلوم؟
پيار جي پاڇي کان ڀي دور رهيو آهين،
تنهنجي عمر اُهائي، تو کي ڇا معلوم؟

اياز گل سماج جي هر موضوع تي لکيو آهي. هر انهيءَ پهلوءَ تي لکيو آهي، هر انهيءَ احساس تي لکيو آهي، جيڪو احساس، جيڪو درد، سنڌ جي درد جي عڪاسي ڪري ٿو. اياز گل جي شاعري، نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن آهي. ڪيترن ئي نوجوانن کي، اياز گل جي شاعري بر زبان ياد آهي. يونيورسٽين ۾ رولاڪ نوجوانن جي چپن تي، اياز گل جا گيت گوجن ٿا. يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نوجوان، رات ويلي، جڏهن پنهنجو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ، هاسٽلن جي ڇتين تي ويهي ڪچهريون ڪندا آهن، تڏهن اُهي نوجوان، اڪثر حليم باغي ۽ اياز گل جا گيت گونجارن ٿا. اُهي نوجوان جڏهن اياز گل جا گيت؛

ڏک جي نه پڄاڻي آ،
هر شخص ڪهاڻي آ.

تو تائين پهتا،
منهنجي نيڻن جا سرا،
ٿڪ لهي پيا.

تو کان ٿيندي ڌار،
کلندي کلندي يار.

ڳائن ٿا، تڏهن ڄامشوري جي خاموش پٿرن ۾ لرزش پيدا ٿي ويندي آهي. ٿوري ۾ ائين کڻي چئجي؛ اياز گل نئينءَ ٽهيءَ جو مقبول ۽ نمائنده شاعر آهي. اياز گل جي شاعريءَ ۾ وسيع انسپائيريشن آهي. هن جي شاعريءَ جا سمورا رنگ حُسناڪيءَ جو اُهڃاڻ آهن. اياز گل جي شاعريءَ کي جڏهن سنڌ جو سريلو راڳي، صادق فقير سُرن جو روپ ڏيئي ڳائيندو آهي، تڏهن هن جي شاعري ماڻهن جي دلين کي موهي ڇڏيندي آهي. اياز گل جي شاعري ۾ فطرت جو هر رنگ سمايل آهي. هي پنهنجي ڏانءَ ۽ ڏات جي جوهر ۾، هڪ سگهارو شاعر آهي. اُنهيءَ ڪري سنڌ جا نوجوان هن جي شاعريءَ کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا