فيض ٻگهيو
پروڊيوسرن
جو پروڊيوسر
يار
محمد شاهه
هڪ عام چوڻي آهي؛ هر
ڪامياب مرد جي پٺيان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪامياب سنڌي پروڊيوسر
جي ڪاميابيءَ پٺيان، مرحوم فيض ٻگهيو جو هٿ رهيو. چاهي اهو منظور قريشي هجي، هارون
رند هجي، بيدل مسرور هجي، ذوالفقارنقوي هجي، محمد بخش سميجو هجي يا اقبال لطيف هجي.
هر ڪامياب سنڌي پروڊيوسر جي ڪاميابيءَ ۾ مرحوم فيض ٻگهيو جي صلاحيتن جو هٿ ضرور
هوندو هو.
منهنجي فيض ٻگهيو
سان ملاقات، ۱۹۷۴ع ڌاري منظور قريشيءَ جي ڪمري ۾ ٿي. پاڻ نج ٻهراڙيءَ جو سگهڙ هو.
کيس سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ جي مڪمل ڄاڻ هوندي هئي. سندس ابتدا اسڪرپٽ جي شعبي سان
ٿي. پاڻ هر رائيٽر جي اسڪرپٽ جي سائيڪلو اسٽائيل ڪندي هر اسڪرپٽ جي اصلاح به ڪندو
هو. سندس هڪ اسڪرپٽ جي اصلاح وڏي تاريخ بنجي چڪي آهي. ان تاريخ کي رڪارڊ تي آڻڻ
ضروري آهي. ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ جي اسڪرپٽ ۾ وڏيرو دودو خان ناچو ڇوڪرن جو، ڀورل
پالڻ ۽ رکڻ جو شوقين ڏيکاريو ويندو آهي، ۽ ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي هلي جهيڙي جو ڪارڻ به
اهي ئي ناچو ٿين ٿا. جڏهن ته فيض ٻگهئي ۽ هارون رند اهو حصو ۽ قصو ڪهاڻي مان گم
ڪري هاشم خان (منصور بلوچ) جي ڪردار کي اڳيان آڻڻ جو چيو. نتيجي ۾ ”ديوارين“ ۽
”راڻي جي ڪهاڻي“ جي ڊرامي ۾ هاشم خان ۽ گهوڙي چورائڻ وارو موڙ اهم حصو بنجي ويو. مون
اڳ لکيو آهي ته جڏهن ”راڻي جي ڪهاڻي“ نشر ٿيڻ لڳو ته رائيٽر عبدالقادر جوڻيجو،
ميرپورخاص جي پريس آڏو پاڻ کي ڊرامي کان لاتعلقي ڏيکاريندي چيو ته؛ نشر ٿيندڙ
ڊرامو منهنجو لکيل ئي نه آهي پر جڏهن ڊرامو شهرت ماڻي چڪو ته جوڻيجو صاحب هڪ ڏينهن
ڪراچي ٽي وي سينٽر جي ڪاريڊار ۾ مليو ته مون وڃي هارون صاحب ۽ فيض مرحوم کي
سمجهايو؛ جڏهن ته ڊرامي جو رائيٽر به قادر صاحب آهي نالو به سندس هلي ٿو ۽ چيڪ به
کيس ئي ملي ٿو ته پوءِ ڇو نه آخري قسطن تي کيس نظر وجهڻ لاءِ راضي ڪري وٺي اچجي.
جنهن کان پوءِ فيض ۽ آئون کيس هارون صاحب جي آفيس ۾ وٺي آياسين. صلح ٿيو، آخري ٽن
قسطن جو اسڪرپٽ کيس ڏسڻ لاءِ ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح اهو ئي ڊرامو اردوءَ ۾ ”ديوارين“
جي نالي سان جڏهن نشر ٿيو ته ان وقت هارون صاحب سان فيض ٻگهيو بدران، نعيم بلوچ
معاون پروڊيوسر هو. ”ديوارين“ سنڌي ڊرامن، ثقافت، فنڪارن ۽ پروڊيوسرن جي تاريخ ۽ تقدير
بدلائڻ وارو ڊرامو ثابت ٿيو. اهڙيءَ طرح فيض ٻگهيو جڏهن مڪمل پروڊيوسر ٿيو ته هن
سڀ کان پهرين منهنجا لکيل عيد جا پروگرام نشر ڪيا ۽ ان کانپوءِ منهنجو لکيل مزاحيه
خاڪن جو پروگرام ”رس چس“ پڻ نشر ڪيو. هن جڏهن ”رس چس“ جون 26 قسطون مڪمل ڪيون ته کيس ٽريننگ لاءِ اسلام
آباد موڪليو ويو ۽ بيدل مسرور کي مون سان پروگرام ڪرڻ لاءِ چيو ويو.
فيض ٻگهيو سنڌيءَ ۾
بطور پروڊيوسر ڪئين يادگار ڊرامه پيش ڪيا. جن ۾ سندس آخري ڏينهن ۾ يعني بيماري ۽
باءِ پاس کان اڳ ڊرامه سيريل ”ورهاست“ ۽ هڪ لانگ پلي مون سان به ڪيائين. جنهن ۾
آئون ۽ ممتاز ڪنول صرف ٻه ڄڻا ئي اداڪار هئاسين. اهو سڀ ڄاڻن ٿا ته فيض ٻگهيو جيئن
ته پهرين استاد به رهيو هو، ان ڪري هو اداڪارن جي ٻولي ۽ لهجو به درست ڪندو رهندو
هو. فيض ٻگهيو پاڻ به تمام سٺو رائيٽر هو. سندس هڪ اسڪرپٽ ”پاٿاريدار“ جيڪو نامڪمل
آهي، مون وٽ پيل آهي. پاڻ مونکي اهو مڪمل ڪرڻ لاءِ چيائين. پر مون اهو عمل ڪرڻ کان
هميشه لنوايو هو. هو راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن مون سان ڪچهريون ڪندو هو.
گهڻو ڪري رات ٿي وڃڻ ڪري اشرف اسڪوائر واري فليٽ تي مون وٽ ترسي به پوندو هو. هو
مزدور، پورهيت ۽ سائيڊ ۾ هلڪو ڪاروبار به ڪندو رهندو هو ۽ اڪثر اداڪار ۽ پروڊيوسر
سندس قرضي به هوندا هئا، کيس هميشه پروڊيوسرن ۽ اداڪارن جي مسئلن ۽ فيصلن ۾ هڪ
سگهڙ جو به درجو حاصل هوندو هو.
رٽائر ٿيڻ کانپوءِ
مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هو ڪي ٽي اين تي سنڌي ڊرامن جي سڌاري جي نيت سان پروگرام
مئنيجر يا اسڪرپٽ انچارج ٿئي. اهڙي ڪوشش مون سندس لاءِ اي آر واءِ تي به ڪئي پر هن
هميشه انڪار ڪيو. باءِ پاس ڪرائڻ کانپوءِ، مون سان هڪ سيريل تي پرائيويٽلي ڪم ڪرڻ
جي حامي ڀري هئائين ۽ اڪثر ان موضوع تي ساڻس فون تي ڪچهري ٿيندي رهندي هئي پر کيس
بيماريون وڪوڙينديون ويون. باءِ پاس کانپوءِ وري ڪينسر کي منهن ڏنائين ۽ آخرڪار
رٽائر ٿيڻ تائين پرسڪون ۽ تعميري زندگي گذاريائين. سندس پٽ منور ٻگهيو سندس
حياتيءَ ۾ ڪراچي ٽيليويزن تي ڪمپيوٽر تي مهارت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو. اڄ هو
اتي ملازم آهي ۽ هر پروڊيوسر جي ضرورت ۾ آهي. پنهنجي اولاد کي مڪمل تعليم ۽ ڪراچي
۾ پنهنجو گهر حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيو. ڪراچيءَ ۾ موجود ڪيترن اردو پروڊيوسرن
کان هو وڌيڪ ڄاڻو پروڊيوسر هو، پر هو خوشامدي نه هو، کرو ماڻهو هو، سچ چوڻ وارو
ماڻهو هو، ارڏو سنڌي هو. خداوند عالم کيس جنت الفردوس ۾ اوچو مقام عطا ڪري. جڏهن
به ڪراچي ٽيليويزن جي سنڌي شعبي جي تاريخ لکي ويندي ته فيض ٻگهيو جو نالو هميشه
نمايان ئي رهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا