; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ

19 June, 2012

پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ


پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترن ئي عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن انسان ذات جي خدمت ۽ علم جي سربُلندي لاءِ هميشه جاکوڙ جاري رکي آهي. انهن عظيم انسانن مان پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ جو نالو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي.


مسيحائي پيشي سان واڳيل هيءُ معتبر شخص 1 مئي 1949ع تي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ سعيد پور ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين. جنهن بعد سندس خاندان 1960ع ۾ لڏي اچي، ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي.
ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ 1962ع ۾ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ پاس ڪري، 1964ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخل ٿيو. سال 1966ع ۾ هن لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سي) ۾ داخلا ورتي، جتان 1972ع ۾ ايم بي بي ايس مڪمل ڪري، ايل ايم سي اسپتال ۾ ئي هائوس جاب ڪئي. ميڊيسن ۽ سرجريءَ ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ٽيچر طور پڻ خدمتون سرا نجام ڏنيون. جنهن بعد 1973ع ۾ اعلى تعليم لاءِ لنڊن ويو. جتي 1975ع ۾ ايف آرسي ايس پهريون پارٽ ۽ 1977ع ۾ ٻيو پارٽ مڪمل ڪيو.
سال 1979ع ۾، سعودي عرب ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن مان کيس نوڪريءَ لاءِ آفر ٿي. پر ڊسمبر 1979ع ۾ هو ملڪ واپس موٽي آيو. ڇو ته پنهنجي ماڻهن جي خدمت جي جذبي، کيس ملڪ کان پري رهڻ نه ڏنو.
عوام جي خدمت ۽ مسيحائي پيشي سان لگن جي ڪري کيس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پرنسپال طور مقرر ڪيو ويو. جتي سندس انتظامي خدمتون نکري نروار ٿيون. سندس ڪوششن، کيس ان اعزاز سان نوازيو جو هن لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏياريو ۽ پاڻ ان يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر بڻيو. جنهن اعلى عهدي تي اڃا تائين خدمت جي جذبي سان قائم آهي.
خوش قسمتي جي ڳالهه اها آهي ته سندس شريڪ حيات حُسنه ميمڻ پڻ ڊاڪٽرياڻي آهي.
جڏهن ته کيس ٻه ڀاءُ ۽ ٻه ڀيڻون آهن، جن ۾ شمس النساء ميمڻ ۽ ڊاڪٽر تسليم عرفان ميمڻ ۽ ڀائرن ۾ نبي بخش ميمڻ ۽ سرجن ڊاڪٽر عبدالعزيز ميمڻ شامل آهن.
ان کان علاوه ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ جو اولاد آهي. جن مان ٻئي نياڻيون شبيهه جان ميمڻ ۽ شافيه جان ميمڻ پڻ ڊاڪٽر آهن. سندس فرزند جو نالو شعيب جان ميمڻ آهي. جنهن ڊاڪٽر نظير اشرف لغاري جي صاحبزادي سان شادي ڪئي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا