غلام محمد جنجهي
ٿر جو نامور شاعر ۽ سماجيات جو ڄاڻو
نوراحمد جنجهي
الله تعالى، ٿرپارڪر جي مردم خيز ڌرتيءَ ۾ تمام گهڻي مڻيا رکي آهي. جنهن
جي ڏيا ۽ ڏيک، دنيا ۾ پاڻ مڃرايو آهي. ٿر پارڪر ۾ قدرتي سونهن ۽ حسن جي جيڪا پالوٽ
آهي، تنهن جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور آهي. واريءَ جي ساگر طور سڃاتو ويندڙ هيءُ خطو،
ڳڻن ۽ ڳڻپ جوڳين ڳالهين سان ڀرپور آهي. ٿرپارڪر جون ڀٽون، ڏهر، برڪت ڀريون تليون،
گوڇارون، پوڇانڊا، ٻُڪَڙون، ڳاٽ، ڳاٽڙيون، مگريا، مندر، پاساڙا، اوچاها، ٽونڪ،
ڦنگهه، ناکون ۽ لنگهه ۽ ڪر کڻي صدين کان بيٺل ڪارونجهر، جتي فطرتي حسن جو هوڪو ڏين
ٿا، اُتي انسان ذات جي اُتم ورثي حب الوطني، محنت، محبت، بهادري، وچن ۽ نباهه جي
ميدان ۾ به ٿر، گهڻن کان گهڻو اڳتي رهندو آيو آهي ۽ پاڻ موکيندو آيو آهي.
ٿرپارڪر جي انهيءَ سون ورني ڌرتيءَ جي مٺي تعلقي جي هڪ وڏي ڳوٺ وڪڙيو
۾ 1921 ۾ محمد عثمان برهاناڻي جي گهر ۾ هڪ ٻار اک کولي جنهن جو نالو غلام محمد
رکيو ويو. موڀي پٽ هئڻ جي ناتي سندس پرورش انتهائي لاڏ ڪوڏ سان ٿي. ڇاڪاڻ جو سندس
والد محمد عثمان ڏيساور ڏانهن ڍڳن جو واپار ڪندو هو ۽ پنهنجي تر جو نيڪ مرد پڻ هو.
پنجن سالن جي ڄمار کي رسڻ مهل ننڍڙي غلام محمد کي قرآن پڙهڻ لاءِ مڪتب ۾ حافظ دودي
حجام جي معلمي هيٺ ڇڏيو ويو. جتان هن قرآن جي تعليم مڪمل ڪئي. تنهن کان پوءِ ٻه
درجا سنڌي پڙهيو. ننڍي هوندي کان ئي غلام محمد کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق هوندو هو. هن پنهنجي
والد سان اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن کيس معصوم ٻار سمجهي نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر
ننڍڙو غلام محمد اڻ-مُڙ ۽ اَ-جهَل هو. هڪ ڏينهن پنهنجي والد سان گڏ سنبري پيو ۽ ضد
ٻڌي بيٺو ته ڪنهن به حالت ۾ هندستان گهمڻ هلندس. لاچار محمد عثمان کي سندس ضد مڃڻو
پيو ۽ پنهنجي وقت جو انتهائي ڏاهو ۽ دانشور شخص ۽ پختو شاعر، اٺن سالن جي عمر ۾
احمد آباد اچي پهتو. جڏهن سندس جيڏا اِٽي ڏڪر يا اوڙيو راند کيڏي رهيا هئا.
سندس داخلا احمد آباد ۾ ڪرائي ويئي. جتي هن اڳتي هلي، هندي ۽
گجراتيءَ ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت احمد آباد، سياسي سرگرمين جو محور هو.
ڇاڪاڻ جو گانڌيءَ، ان کي پنهنجو مسڪن بنايو هو ۽ سندس آشرم تي سڄي هندستان جا وڏا
وڏا سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن ڀيرو ڪندا هئا. غلام محمد وچ ۾ وئڪيشن دوران ڳوٺ ايندو
ويندو هو. جڏهن جوانيءَ جي عمر ۾ وک پاتائين ته سندس لاڙو علم ڏانهن وڌيو ۽ هو
پنهنجي اندر جي اُڃ اجهائڻ لاءِ هندوستان جي يونيورسٽين ۾ وڃي ليڪچر ٻُڌڻ لڳو.
انهيءَ اڀياسي اوک ڊوک دوران، هن جن علمن ۾ مهارت حاصل ڪئي تن ۾ تاريخ، جاگرافي،
نجوم، هٿ ريکائن جو علم ۽ علم الاعداد سر فهرست آهن. علم جي انهيءَ جستجوءَ منجهس
شاعريءَ جو شوق پيدا ڪيو ۽ هو سنڌي زبان ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. سندس شاعري انتهائي پڪي
پختي آهي، جنهن کي سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي ورثي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. مثال طور:
جبل جهاڳيائون، مٽيا سَنڌُ ساڻيهه جو،
منزل ماڻيائون، ڪشالي سان ڪوه جي.
سنڌيءَ کانسواءِ هندي، اردو، سرائيڪي ۾ شاعري ڪرڻ سان گڏوگڏ سوين
مضمون ۽ مقالا لکي سنڌي نثر جي ميدان جي به آبياري ڪيائين. سنڌي لغات نويسي به
سندس شوق ۾ شامل هئي ۽ کيس انهيءَ علم تي به دسترس هوندي هئي. سندس شاعريءَ جو
مجموعو ”ويجها ٿيا وصال کي“ سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپجي نروار ٿيو. تنھن ھوندي به سندس
هيءُ ڪتاب، اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن:
·
وساريان نه وسرن (متروڪ سنڌي لفظن جي لغات)
·
رتن ڪڻا ريت جا ( سياست، تاريخ، ثقافت بابت مضمون)
·
ساڻيهه جني ساريو (شاعري)
·
سِيرَسَوَلي تن کي (آتم ڪٿا)
·
ڀلو چُڻايو ڀاٽيين....! (جنجهي (ڀاٽي) قبيلي جو شجرو)
علم جي مُتلاشي غلام محمد جنجهي، سياست ۾ تمام گھڻي سرگرميءَ سان حصو
ورتو. آزاديءَ جي تحريڪ دوران، ڪانگريس جي ساٿ ۾ ڪم ڪيائين. سرڳواسي پنهون مل
گوڙهيار وارو ۽ ڀاڳچند ڪوٽڪ مٺيءَ وارو سندس خاص دوست هوندا هئا. تنهن کانپوءِ
پنهنجي مرشد ۽ خلافت تحريڪ جي مشهور رهنما پير غلام مجدد سرهندي مٽياريءَ واري جي
هدايتن تي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ کيس ضلعي ٿرپارڪر ۾ ذميواري سونپي
وئي، جنهن دوران پاڻ مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جستجو ۽ جاکوڙ سان ڪم
ڪيائين. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ، 60 جي ڏهاڪي ۾، سندس ويجهڙائي جماعت اسلامي سان
ٿي. ڇاڪاڻ ته هو حيدرآباد دکن جي عثمانيه يونيورسٽي کان وٺي، مولانا ابوالاعلى
مودودي کي ٻڌندو ۽ پڙهندو رهيو هو. جماعت سان انهيءَ هم-آهنگيءَ ۽ وابستگيءَ جو
پيچ اهڙو ته پيو جو وڪڙيي جهڙي ڏورانهين ڳوٺ، سندس اوطاق تي جماعت جا ڪيترا ئي اهم
رهنما پڻ ڪهي ايندا هئا.
مقامي سياست ۾ ارباب خاندان سان وابستگي ۽ مرحوم ارباب امير حسن سان
ويجهڙائيءَ جو تعلق هجڻ جي ڪري، سدائين ارباب گروپ جي حمايت ڪندو هو ۽ پنهنجي
اختلاف-راءِ جو اظهار پڻ واضح لفظن ۾ ڪندو رهندو هو. تنقيد براءِ تعمير، سندس
دلپسند مشغولي هوندي هئي. سياست جي اٽڪل بازين، چالاڪين، مالي مفادن ۽ مال ميڙڻ
کان پري، غلام محمد جنجهي سچو، کرو ۽ بي باڪ سماجي ڪارڪن هو، جنهن هر وقت پاڻ کان
ڏاڍي کي سچ چئي ڏنو، پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي. ان سچ جي عيوض کيس ڪيڏي وڏي قيمت
ڇو نه چڪائڻي پئي هجي. سياست جي ڪارِ زار کان سواءِ هو حڪمت به ڄاڻندو هو ۽ سندس
هٿان ڪيترا ئي لاعلاج مريض شفاياب ٿيا.
ٿرپارڪر سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رکندڙ، هيڻن جو حامي، غلام محمد
جنجهي انسان شناسي، تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت جي اٿاهه ڄاڻ رکندڙ شخص هو. ٿر ۾ رهندڙ
ذاتين، انهن جي ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جي سمورن پهلوئن بابت سندس ڄاڻ وڏي کاڻ هئي.
جنهن مان هر ڪچهري ڪندڙ پنهنجي حال آهر کوٽائي ڪري املهه هيرا هٿ ڪيا هوندا. پر
غلام محمد جنجهي جي ڄاڻ جي اٿاهه سمنڊ جو ٻيو ڪنارو نظر نه ايندو هو. جن به ساڻس
ڪچهريون ڪيون هونديون، اهي ئي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي سگهن ٿا. طبيعت ۾ انتهائي
نهٺو، بهادر، غيور ۽ ڪارونجهر وانگر هن اڏول شخص ڪڏهن به اسٽيجي زندگيءَ جي
مشهوريءَ جي نه خواهش ڪئي، نه وري ڪوشش ڪئي. هو عالمن ۽ بادشاهن سان به ڪلاڪن جا
ڪلاڪ ڪچهري ڪري سگهندو هو ته هاريءَ سان به اُن جي ڄاڻ مطابق احوال اوريندو هو. هر
هڪ کيس، پنهنجي طبقي جو شخص سمجهندو هو.
سنڌي، اردو، فارسي، هندي، گجراتي ۽ انگريزي زبانن جي ڄاڻ رکندڙ هن
شخص جي زبانداني ته سندس شاعري ۽ نثر مان نروار آهي. جنهن ساڻس اندر-اورَ ۾ حصو
ورتو هوندو، کيس خبر هوندي ته غلام محمد جنجهي جي علمي ائپروچ ڪيڏي نه اتاهين هئي.
سماج سڌارڻ جي ايترو ته کيس لگن هوندي هئي جو هو ٿرپارڪر جي اجتماعي
مسئلن تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وقت جي حڪومتن کي خط لکي، آگاهه ڪندو رهندو هو. جنهن سان
ڪيترا ئي مسئلا حل ٿيا يا حل ٿيڻ طرف وڌيا. اٽڪل ڏهه ڏهاڪا ڀرپور زندگي گذارڻ
دوران، غلام محمد جنجهي برصغير جي تمام نامور هستين کي ويجهي کان ڏٺو. تن ۾ قائد اعظم
محمد علي جناح، گانڌي، بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي، پير غلام مجدد سرهندي، سيد
ابوالاعلى مودودي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙيون ناليريون شخصيتون شامل آهن.
ٿرپارڪر جي هن شاعر، دانشور، منجم ۽ ماهر سماجيات 16 جون 2010 تي هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪيو.
ماروئڙن جي ملڪ جو عظيم شاعر
دولت رام کتري
سنڌ جو وارياسو علائقو ”ٿر“ پنهنجي هڪ علمي، ادبي ۽ تاريخي سڃاڻپ رکي
ٿو. علم ۽ ادب جي حوالي سان ٿر هڪ وسيع خطو آهي. سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ٿر جي اديبن،
شاعرن، محققن سنڌي ادب ۽ ٻولي جي ترقي ۽ اوسر لاءِ پنهنجو لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. ٿر
جي مٽيءَ علم ۽ ادب جي حوالي سان زرخيز رهي آهي. محمد عثمان ڏيپلائي، اُستاد
رائچند راٺوڙ، عبدالقادر جوڻيجو، ولي رام ولڀ، مگهارام اوجها، سهيل سانگي، الهداد
جنجهي، غلام محمد جنجهي، سائينداد ساند، محمد هنڱورجو ۽ ٻين اديبن، شاعرن، صحافين
سنڌي ادب جي ترقي لاءِ پاڻ ملهايو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هونءَ ته اسان وٽ ادب
۽ شاعري جي حوالي سان تمام وڏا نالا آهن، جن سنڌي ادب ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ پاڻ
پتوڙيو آهي، پر ٿرپارڪر جي ڳوٺ وڪڙيو ۾ 1921ع ۾ جنم وٺندڙ غلام محمد جنجهي هڪ
يگانو ڪردار هو، جيڪو گمنامي جي عالم ۾ سنڌ کي ادب جي حوالي سان ناياب ڪتاب ۽
شاهڪار ادب ڏئي ويو. سنڌ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان اهڙا گهٽ ماڻهو ملندا، جيڪي هڪ
ئي وقت مختلف علمن ۾ دسترس رکندڙ هجن، پر سائين غلام محمد جنجهي سنڌ جو گهڻ رخي
شخصيت هو، جيڪو هڪ ئي وقت شاعر هو ته هو تاريخ، اينٿرا پالاجي، فلڪيات جاگرافي ۽
طب جي به پاڻ ڄاڻ رکندڙ هو. هُن سير سفر ڪندي ننڍي کنڊ جي مُني کن علائقي جو سنئون
سڌو مشاهدو ماڻهو. سنڌي جا ٻه درجا، گجراتي ۽ هندي ۾ فائنل پاس ڪندڙ سائين غلام
محمد جنجهي کي هندي، سنڌي، اردو، فارسي، انگريزي، ڍاٽڪي ۽ پارڪري زبانن تي عُبور
حاصل هو. غلام محمد جنجهي جواني کان سياست ۾ حصو پڻ ورتو. قائداعظم محمد علي جناح،
گانڌي، غلام محمد ڀرڳڙي، پير غلام مجدد سرهندي، سيد ابوالا علي مودود ۽ شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو جهڙن عظيم اڳواڻن ۽ ليڊرن سان ملاقاتون ڪندڙ هن شخص جي سياست ۾
محور غريب ماڻهن جي بنا امتياز جي خدمت ڪرڻ هو ۽ هن پنهنجي زندگي جي 90 سالا سفر ۾
سياست ۾ خدمت ڪرڻ وارو اُهو جذبو نڀايو. غلام محمد جنجهي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو
اُملهه ڪردار هو جنهن وٽ علم، ادب، سياست ۽ تاريخ جي حوالي سان وٽس وڏو خزانو
موجود هو. علم، ادب ۽ شاعري جي حوالي سان هن جو ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد اسان وٽ امانت
آهي. تازو ڪويتا پبليڪيشن طرفان سائين غلام محمد جنجهي جي شاعري جو هڪ ڪتاب ”ويجها
ٿيا وصال کي“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. سندس شاعري جو هي ڪتاب سنڌي ادب جي حوالي سان
هڪ شاهڪار ڪتاب آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪتاب ۾ نجي سنڌي ٻولي کي بهتر انداز سان
شاعري کي پيش ڪيو ويو آهي. هونءَ ته شاعري خوبصورت احساسن ۽ جذبن جو اظهار جو ٻيو
نالو آهي، پر غلام محمد جنجهي پنهنجي ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال کي“ ۾ جيڪا شاعري ڪئي
آهي، اها شاعري گهري مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي ڪئي آهي. سندس شاعري ۾ جيڪا نواڻ
آهي، اُها هي آهي ته شاعري جا سمورا ڀاڱا مختلف سُرن ۾ ترتيب ڏنل آهن. هن ڪتاب سُر آسا، سُر ڪلياڻ، سُر رامڪلي، سُر مارئي، سُر سامونڊي،
سُر سسئي، سُر ليليٰ چنيسر، سُر سهڻي کي اهڙي خوبصورت انداز ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي جو
پڙهڻ سان شاعري ۾ نج سنڌي ٻولي هجڻ جو احساس جاڳي ٿو. سُر مارئي ۾ غلام محمد جنجهي
جي ڪيل شاعري ٿر جي پسمنظر کي نروار ڪري ٿي. سندس شاعري ۾ ٿر جي وسڪارن جا احوال
ملن ٿا ته مارو ماڻهن جي ڏکن ڏولارن جي عڪاسي پڻ ٿيل آهي. سُر مارئي جا ڪجهه بيت
هيٺ ڏجن ٿا.
اوسيئڙي ۾ آهيان، عمر اباڻن،
پهون پاهيون آئيون، وري وٿاڻن،
مون کي ماروئڙن، مڪو ڏوراپو ڏيهه مان.
ماروئڙا ملير ۾ کائن ٻگري جي ٻاٽي
پيئن جهڻ جنهن مٿان، گهمري سان گهاٽي،
ڪُل ائين ڪاٽي، عمر اباڻن سومرا.
عُمر ماروئڙن جا، ڀونگا ۽ ڀيڻيون،
رهن اُتي راڄ ڪيو، سي ٿانيڪا ٿوڻيون،
ڪن روڙيون رهاڻيون، ماروئڙا ملير ۾.
ٿر ۾ مارئي جي حب الوطني جي عظيم ڪردار کي هن شاعر پنهنجي شاعري ۾
نهايت ئي خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي. سُر مارئي ۾ مٿي ذڪر ڪيل بيت ٿر جي مارو
ماڻهن جي دردن جي داستانن کي ظاهر ڪن ٿا. ٿر جي مارو ماڻهن جي کاڌ خوراڪ، لذيذ
کاڌن، رهڻي ڪهڻي کي سائين غلام محمد جنجهي نهايت سادگي سان اظهاريو آهي. ٿر جي
مارو ماڻهن جي سادگي، مهمان نوازي ۽ رهڻي ڪهڻي کي غلام محمد جنجهي ڪجهه هن ريت پڻ
پيش ڪيو آهي ته:
ماروئڙا ملير ۾، ڪڍن ڏينهن ڪاپي،
اچي اويرا مال مان، پيئن جهڻ جهاپي،
لُلُر جي لاپي، ڏوٿي ڪاٽين ڏينهڙان.
غلام محمد جنجهي جي شاعري ۾ سنڌي ٻولي جو خوبصورت تسلسل پڻ شامل آهي.
هن پنهنجي شاعري ۾ جتي ٿر جي پسمنظر کي اظهاريو آهي ته ساڳي ريت شاعري ۾ هن مارئي
جو عمر سومري جي ڪوٽ ۾ قيد هجڻ جي منظرن کي پڻ پنهنجي شاعري ۾ چٿيو آهي. هڪ هند
سائين غلام محمد چيو آهي ته:
سي سُک نه ويهنديون، جن جا رهن منجهه ريٽن،
ڇيلا جتي ڇيڪ چرن، وانگي منجهه واٽن،
پکا پريت ڀريا، پڌرا منجهه پوٺن،
سي ڪيئن منجهه ڪوٽن، سک وهنديون سُومرا.
داتا سڀ دور ڪر، منجهان ڏيهه ڏُڪار،
ٿين سدا ٿر مٿي، مينهن ميگهه ملار،
پکي رهون پنهنجي، چاري ڌڻ ڌڻار،
کٽين کرا کوڙيون، آنن جا انبار،
گهاريون غلام محمد چئي، آسودا اڀار
اسان سڀ پنهوار، گهُرج گهُرون ٿا ايتري.
غلام محمد جنجهي جي شاعري جا رنگ ٿر جي فطرت سان هم ڪلام آهن. سندس
شاعري ۾ ٿر جي وسڪاري جي مند جا سمورا فڪري رنگ سمايل آهن ته سندس شاعري ۾ سادي
سلوئي ٻولي آهي، جنهن کي هر ماڻهو آساني سان پڙهي سگهي ٿو. هن جي شاعري جو مجموعو
بيتن، واين، ڪلامن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. سندس شاعري جي انڊلٺي رنگن سنڌي ٻولي جي
حُسناڪي ۾ اضافو ڪيو آهي. ويجهڙ ماضي ۾ سنڌ جي مارڪيٽ ۾ ڪو اهڙو ڪتاب نه ڇپيو آهي
جيڪو غلام محمد جي شاعري جيان مختلف سُرن ۾ ورهايل هجي يا جنهن جي شاعري ۾ غلام
محمد جنجهي جهڙي شاعري جهڙو رڌم يا تسلسل هجي. سن 1934ع کان شاعري ڪندڙ غلام محمد
جنجهي پنهنجن، اُصولن ۽ آدرشن ۾ هڪ اڏول ڪردار هو. هن پنهنجي سيني ۾ سنڌ جي هڪ
تاريخ سانڍي رکي هئي. پنهنجي زندگي جي 90 سالن جي سفر ۾ هن پنهنجي زندگي جا تمام
گهڻا مشاهدا ڪيا ۽ پنهنجي زندگي کي هڪ بهتر انداز ۾ گذاريو. هو پنهنجي ڪردار ۾ هڪ
خود دار شاعر ۽ اُملهه انسان هو. سائين غلام محمد جنجهي جي فرزند ۽ ناليواري اديب
نور احمد جنجهي کي جس هجي، جنهن سائين غلام محمد جنجهي جو مواد گڏ ڪري هڪ شعري
مجموعو ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو. سائين غلام محمد جنجهي 16 جون 2010ع تي وفات ڪئي، پر
سندس شاعري جو هي مجموعو ”ويجها ٿيا وصال کي“ سنڌي ادب ۾ هڪ ناياب ڪتاب جي حيثيت
رکي ٿو. سنڌ جي نئين ٽهي جي لاءِ هي ڪتاب رهنمائي ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو موزون ۽
شاهڪار ڪتاب آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي کي گهرجي ته هو سنڌ جي هن عظم شاعر ۽ ليکڪ جو
اڻ ڇپيل مواد، ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي.
No comments:
راءِ ڏيندا