; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر تنوير عباسي - رضوان گل

10 June, 2012

ڊاڪٽر تنوير عباسي - رضوان گل


ڊاڪٽر تنوير عباسي
جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو
رضوان گل
سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف شعبن ۾ هن ڌرتيءَ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ڄڻيا آهن. هن ڀونءِ جو چپو چپو سونهن، سينگار، سرت ۽ ساڃاھ سان مالا مال آهي. ادبي شعبي جو جائزو وٺبو ته سنڌي ادب ۽ خصوصاً جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ جن شخصيتن نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو نهايت ئي نمايان حيثيت جو حامل آهي.
سنڌي ادب کي دؤرن ۾ ورهائبو ته هوند ڪيئي دؤر جُڙي پوندا، پر فڪري حوالي سان بنيادي طور سنڌي ادب جا ٻه نمايان دؤر آهن. پهريون ڪلاسيڪي دؤر ۽ ٻيوجديد دؤر. ڪلاسيڪي دؤر ۾ اسان جي شاعرن ۽ بزرگن سنڌي ادب کي اهڙو بنياد فراهم ڪيو جنهن جي ٻَلَ تي جديد ادب جي بهتر ارتقا ۽ اوسر ٿي سگھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي گھڻگھرن ليکڪن مان هڪ هيو.


ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، جو هو هڪ ئي وقت سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ واري ڪاڪ محل ۾ پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو. اهڙو ئي اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مون کي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مون کي نظم وڌيڪ وڻندا هئا پوءِ چاهي انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“
تنوير عباسيءَ جي ڇٺيءَ جو نالو نور نبي ولد گل حسن آهي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڊي.جي سنڌ ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ايم بي.بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جو پهريون شعر 1950 ۾ رسالي ”فنڪار“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾: ”رڳون ٿيون رباب“ 1958، ”شعر“ 1970، ”سج تريءَ هيٺيان“ 1977، ”هيءَ ڌرتي“ 1985، ”تنوير چئي“ 1989، ”ساجن سونهن سرت“ 1996 شامل آهن. سندس ڇپيل ٻين ڪتابن ۾، ’ٻاراڻا ٻول‘ 1973، ’جديد سنڌي شاعري‘ 1981، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد پهريون 1976، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٻيو 1985،’ شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي سان گڏ ڇپيل) 1989، ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ 1982، ’خير محمد هيسباڻي جو ڪلام‘ 1983، ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ 1984، ويٽنامي ناول جو ترجمو ’جي ماريا نه موت‘ 1973، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا 9 جُلد سهيڙيل 1980 کان 1989 ۽ مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو’ترورا‘ 1988، شامل آهن. ان کان علاوه ادب ۽ سماج جي حوالي سان لکيل سندس سئو کان وڌيڪ مقالا مختلف تحقيقي جرنلس ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.
تنوير عباسي جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو. سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو، جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو. تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا وزن، بحر جي سخت پابند ۽ شعري صنعتن سان جھنجھ ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن سان ڀرپور نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر پيش آهن:
داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسيـن،
ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم جي شاعري سندس شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي. سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر 1950 کان 1958 تائين يعني فقط اٺن سالن تي محيط آهي، پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس شاهڪار نظم به شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق ”سندس نظم ’نئين مارئي‘ بلڪل هڪ نئين انداز ۽ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو آهي، وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هو سڏڪا نه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾ مجبور نه ٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نه ٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هو جُھڪي نه ٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي. جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر جو سربلند ڪيو، ’نئين مارئي‘ بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي.“
ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ ”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽ سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت نگاري، جي ڳالھ ٿيڻ لڳي. هاڻي سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهي فڪري تبديليون آنديون جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم ۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ حوالي سان تنوير جون هي سٽون ڏسو:
سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن،
منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي.
منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لاءِ آهي،
ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تو لاءِ آهي.
هن سموري عرصي ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن جي گونج سان گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽ بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾ دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي ٿي:
هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا،
سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا.
هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا،
ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪو نئون اڀاريندا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين قِسم جي شاعري سندس شعري مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل آهي. غلام محمد گرامي تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي ته: ”تنوير عباسي پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا ڪيا آهن. انهيءَ کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽ حُب الوطني سندس فن جا مکيه عناصر آهن.“
ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ ۾ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته: ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي.“ تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن کي جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين.“ امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترائي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ ايندو. اهي نظم سندس روح جو آواز آهن. اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي، تلخي به آهي ته بيباڪي به.
تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽ ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان ۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت آهي.
تنوير عباسي جي 25 نومبر 1999 تي اسلام آباد ۾ وفات ٿي، سنڌ ڌرتيءَ جو هي سپوت ڪوهين ڏور اسلام آباد ۾ مدفون آهي، پر جڏهن به جديد سنڌي ادب جو ذڪر ايندو ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف ۾ نهايت ئي مانائتو ۽ معتبر ليکيو ويندو.





ڊاڪٽر تنوير عباسي
جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ سگهارو ٿنڀ
رضوان گل
ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. جو هو هڪ ئي وقت سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ واري ڪاڪ محل ۾ پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو. اهڙوئي اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مونکي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مونکي نظم وڌيڪ وڻندا هئا پوءِ چاهي انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“
تنوير عباسي جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو. سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو. تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا وزن، بحر ۽ شعري صنعتن جي گرد نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر پيش آهن:
داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسين
ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين
دوست اچ اڄ ته وٺون سمجھي مزاجِ عالم
يار جي زلفِ پريشان کي ڏسي رهنداسين.
رهڻ ڏي دستِ جنون، تار هڪڙي دامن ۾
بيادگارِ جنون ڪجھ ته پير هن ۾ هجي.
دل جي خلش هڪ مبهم مبهم ٿي ويندي اڄ زيست جو حاصل
ديدؤ پونم مهر خموشي چئي ڏيندا احوالِ مفصل.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم جي شاعري سندس شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي ۽ سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر ۱۹۵۰ کان ۱۹۵۸ تائين يعني فقط اٺن سالن تي محيط آهي پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس شاهڪار نظم به شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق سندس نظم ”نئين مارئي“ بلڪل هڪ نئين انداز ۽ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو آهي، وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هو سڏ ڪانه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾ مجبور نٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هو جھڪي نٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي.... جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر کي سربلند ڪيو، ”نئين مارئي“ بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي.
تنوير عباسي جي ڄاڻايل نظم جي ٿوري جھلڪ:
جي مطمئن نه ٿياسين قرار ڪجھه ته مليو
اٿاھ سمنڊ مان هڪ قطرو يار ڪجھه ته مليو
اسان ته بوند گھري ٿَي اسان کي باھ ملي
فلڪ ڏٺو جي هي برق و شرار ڪجهھ ته مليو
اوهان کان ڪجھ به ملڻ جي اميد ڪونه هئي
لٿو جي ٿورو گھڻو دل جو بار ڪجهھ ته مليو
مليو نه صبح جي تنوير ڄاڻ جو ٿو ملي
ويو ٿي گھٽجي فضا تان غبار ڪجھه ته مليو.
ڄاڻايل عرصي بعد ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ ”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽ سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت نگاري، رومانويت ۽ جماليات جي ڳالھ ٿيڻ لڳي، ڊاڪٽر تنوير عباسي جي هن دؤر جي شاعريءَ ۾ اهڙا عڪس چٽا نظر اچن ٿا. هاڻي سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهي فڪري تبديليون آنديون جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم ۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ حوالي سان سندس هي شعر ڏسو:
سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن
منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي
منهنجي قوت منهنجي طاقت تولاءِ آهي
ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تولاءِ آهي
منهنجي رڳن ۾ آهي جو رت تو لاءِ آهي
آءٌ نماڻو آهيان آءٌ نماڻو آهيان
سنڌڙي جڳ جي ساري عظمت تولاءِ آهي
هونئن ته اڙٻنگائيءَ جو انگ نه آهي مون ۾
پوءِ به جيڪا آهي بغاوت تولاءِ آهي
هن سموري عرصي ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن جي گونج سان گڏ و گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽ بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾ دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي ٿي:
هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا
سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا
هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا
ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪونئون اڀاريندا
هي زرد پن ڏسي مايوس ڪين ٿينداسين
جو ڄاڻون ٿا ته اهي جلد ئي ڇڻي ويندا
رکي اميد بهارن کي پيا سڏينداسين
جي پنهنجي لاءِ نوان گونج گل کڻي ويندا
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين قِسم جي شاعري سندس شعري مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل آهي. غلام محمد گرامي تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي، ته؛ ”تنوير عباسي پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا ڪيا آهن. انهيءَ کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽ حُب الوطني سندس فن جا مکيه عناصر آهن.“
ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ ۾ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي.“ (۹) تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن کي جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين. امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترا ئي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ ايندو، اهي نظم سندس روح جو آواز آهن، اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي، تلخي به آهي ته بيباڪي به. تنوير جي اهڙن نظمن مان هڪ طويل نظم جا ڪجهه شعر ڏجن ٿا:
هاڻي آءٌ نه سُوليءَ چڙهندس
هاڻي تنهنجو وارو آهي
مون هر دؤر ۾ رت هاريو آ
مون هر دؤر ۾ ساھ ڏنو آ
منهنجو ساھ گھٽيو ويو آ
۽ هر وير ڪٽيو ويو آ
مون ئي پٿر کاڌا آهن
۽ زنجير به پاتا آهن
مان ئي صليب تي لڙڪيو آهيان
سِسي ڪپائي ڦٿڪيو آهيان
مُرڪي مون سڀ سور سَٺا ٿي
چُپ چُپ سڀ الزام ٻُڌا ٿي
صدين کان خاموش رهيس مان
۽ ايڏو بيهوش رهيس مان
ماڻهن جو ويساھ کڄي ويو
ماڻهن جو ايمان ڊهي پيو
ماڻهن سمجھيو سچ ڪانئر آ
ماڻهن سمجھيو سچ بي طاقت آ
جنهن ۾ ناهي ڪائي همت
هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس
هاڻي تنهنجو وارو آهي.
تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽ ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان ۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت آهي. جڏهن به جديد سنڌي ادب جي تاريخ لکي ويندي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف ۾ نهايت ئي مانائتو ۽ معتبر ليکيو ويندو.



تنوير عباسي
سندس ياد ۾
ابراهيم لاشاري
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڊسمبر مهيني جي ۷ تاريخ سال ۱۹۳۴ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن جي سڀاڳي صبح جو گل حسن عباسي جي گهر ۾ اکيون کوليون. سندس تعلق پڙهيل لکيل ڪٽنب سان هو. ڇو جو سندس والد، گل حسن عباسي صاحب ڪليڪٽر جي اهم منصب تي فائز رهيو. سندس تربيت به عمدي نموني جي ٿي. سندس شروعاتي تعليم به والد جي شفقت سان ڳوٺ سوڀوديري جي اسڪول منجهان ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچي جي مختلف اسڪول، ڪاليجز، هيرانند اڪيڊمي، اين جي وي هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي سائنس ڪاليج مان حاصل ڪئي ڊاڪٽر تنوير عباسي ايم بي بِي ايس جي سند ۱۹۶۰ع ڌاري لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد منجهان حاصل ڪئي. سال ۱۹۶۴ع کان هميشه لاءِ اچي خيرپور ۾ پنهنجي زندگي پنهنجي گهرواري محترمه ڊاڪٽر قمر عباسي ڦول باغ جي ڀر ۾ (سنڌ اسپتال) نالي هڪ خانگي شفا خانو کولي مسڪينن ۽ غريبن جي مدد ڪندي ۽ کين تپاسيندي نظر آيا، ڊاڪٽر صاحب زندگي جي آخري لمحي تائين ڊاڪٽريءَ جي پيشي سان پڻ سلهاڙيل نظر آيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي اسان جي محبوب شاعر سال ۱۹۵۳ع ڌاري ڪاليج ۾ تعليم پرائڻ دوران شعر لکڻ جي شروعات ڪئي، ان زماني منجهه پنهنجو (تخلص مغموم) استعمال ڪندو هو ۽ شاعريءَ جون سڀ وصفون ۽ گر، شيخ محمد ابراهيم خليل کان استاد بڻائي ورتائين. پنهنجو اصل ڇٺيءَ جو نالو نورنبي عباسي هيس، مگر سنڌي ادب ۾ وري تنوير عباسيءَ مخلص سان پنهنجو نالو نروار ڪيائين، ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌي نظم ۾ وڏي وسعت آندي، سندس وايون، دوها، غزل سمورن رنهن سان سرشار نظر اچن ٿا هن جپاني صنف (هائيڪو) تي پڻ سنڌي زبان ۾ شاندار ڪم ڪيو، ڊاڪٽر تنوير سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ انگريزي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. ۽ ان کان علاوه هندي، فارسي ۽ فرنيچ زبانن جي بهترين ڄاڻ رکندڙ سنڌي اديب هو، ’ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي هو پنهنجي من جو اظهار پنهنجي شاعري وسيلي هن طرح ڪري ٻڌائي ٿو ته:
آءَ ته کلندي ملندي گهاريون گهڙيون چار هليا وينداسين،
ورهه ورهائڻ  آيا  آهيون ونڊي پيار هليا وينداسين،
اڻ ڄاتي ڪنهن پار جا ڪنهن اڻ ڄاتي پار هليا وينداسين،
جي نه وڃڻ چاهينداسين ته به منهنجا يار هليا وينداسين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر هجڻ کانسواءِ هي سهڻو اديب تحقيق ۽ تنقيد ۾ به پاڻ ڀرر رهيو، سندس تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم به اعلي قسم جو مڃيو وڃي ٿو، هن تحقيق جي سلسلي ۾ سنڌي ادب کي نوان ۽ جديد قسم جا لاڙا متعارف ڪرايا، ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر سان گڏ هڪ بهترين نثر نويس به هو، هي پنهنجي دور ۾ ڪيترن ئي رسالن، اخبارن، ميگزينن کي لاتعداد مضمون، مقالا ڏئي سنڌي ادب کي آسودو ڪرڻ جي نمايان ڪوشش ۾ هميشه رڌل نظر آيو، هن ادبي پورهي ۾ سنڌي ادب جي لاءِ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ۽ ڪتابن جا ترجما ڪيا، انهن ڪتابن منجهه ”رڳون ٿيون رباب“، ”سج تري هيٺان“، ”هي ڌرتي“، ”تنوير چئي“، ”ساجن سونهن سرت“، ”ٻاراڻو ٻول“، ”ڏوري ڏوري ڏيهه“، ”جي ماريه نه موت“، ”شاهه جو رسالو“ (اردو) (”شاهه لطيف جي شاعري“، ”ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي“، ”نانڪ يوسف جو ڪلام“، ”ترورا“ “منهن تنين مشعل“، ”سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ“ ، ”سپني کان سهڻي ساڀيا“، ”پوان شال قبول“ ۽ ٻيا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن سنڌ جي هن محبوب اديب جو سنڌي ادب ۾ مڃڻ جيڏيون ادبي خدمتون آهن سندس شمار وڏن اديبن ۽ شاعرن منجهه ٿئي ٿو، سندس تحقيقي ادبي پورهيو سمورن اديبن کان بهتر ۽ لاجواب ۽ باڪمال نظر اچي ٿو، هن لاکيڻي لطيف يعني ڌرتي جي وڏي مان وڏي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، حق موجود سدا موجود جو نعرو هڻندڙ  حضرت سچل سرمت، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين شاعرن اديبن تي ٿيل تحقيق اعليٰ ۽ اتم حيثيت واري جاءِ ولاري ٿي. سندس تحقيقي فن اعليٰ ۽ شاندار  قسم جو۽  سنڌي ادب جي سونهن ۾ واڌرو ڪيل نظر اچي ٿو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جو حضرت سچل سرمت جي سوانح، ڪلام ۽ پيغام بابت ايترو ته ادبي ڪم ٿيل آهي جيڪو سالن کان ڪير اديب نه پئي ڪري سگهيو، هن سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي منصب يا سچل يادگار ڪميٽي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ جيڪي به ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جو بندوبست ڪيو يا ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي، سنڌي ادب  جي سونهن ۾ وڌارو ڪرائي پڌرا ڪرايا .ڊاڪٽر صاحب وڏو سچل شناس اديب هو، هن دنيا جي ڪيترن ملڪن جا رنگ ڍنگ ، ادب چانچي ڏٺا ۽ پنهنجي زندگي جا پل  گهمي سفر ڪري انهن ملڪن جي رهڻي ڪهڻي ڏٺي، جن ملڪن منجهه اٽلي ، فرانس، يونان ، دبئي ، برطانيا، آمريڪا، هالينڊ ، ۽ اولهه جرمني جو سفر ڪري هڪ سنڌي ادب کي هڪ (سفرنامون)  پڻ ڏنائين، ڊاڪٽر تنوير عباسي عظيم انسان پنهنجي شاعري ۽ تحقيقي ڪم سبب ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، جن منجهه پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۽ ٻين کوڙ ساران اعزازن سان پڻ کيس نوازيو ويو، هن ممتاز ۽ سنڌ جي ڏاهي انسان پنهنجي زندگي ۾ پنهنجن گهر ڀاتين کي وصيعت پڻ ڪئي هئي ته راهه رباني ٿيڻ وقت سندس جسم(لاش) ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، مگر ان جي وصيعت تي عمل اڻپورو رهجي ويو، هي ڏاهو اديب زندگي جا آخري پل پنهنجي اکين جي ٺار پٽ سرمد عباسي ضاحب سان گڏ اسلام آباد شهر ۾ گذاري رهيو هو ته اوچتو سندس طبيعت ناساز ٿي پئي، سندس کيس پٽ ترت اسپتال داخل ڪرايو، مگر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو، ۲۵ نومبر خميس ڏينهن سال ۱۹۹۹ع ۾ زندگي جون سڀ ادبي محفلون ڇڏي، ۶۴سال ۱۱ مهينا ۱۸ ڏينهن زندگي جا  گذاري هميشه لاءِ راهه رباني وٺي ويو. سندس آخري آرام گاهه اسلام آباد منجهه آهي، سندس ادبي خدمتون، هميشه ياد رهنديون، اڄ ۲۵ نومبر تي ۱۷ هين ورسي ملهائي پئي وڃي.



No comments:

راءِ ڏيندا