; سنڌي شخصيتون: ابراهيم لاشاري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، رضوان گل،
Showing posts with label ابراهيم لاشاري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، رضوان گل،. Show all posts
Showing posts with label ابراهيم لاشاري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، رضوان گل،. Show all posts

10 June, 2012

ڊاڪٽر تنوير عباسي - رضوان گل


ڊاڪٽر تنوير عباسي
جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو
رضوان گل
سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف شعبن ۾ هن ڌرتيءَ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ڄڻيا آهن. هن ڀونءِ جو چپو چپو سونهن، سينگار، سرت ۽ ساڃاھ سان مالا مال آهي. ادبي شعبي جو جائزو وٺبو ته سنڌي ادب ۽ خصوصاً جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ جن شخصيتن نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو نهايت ئي نمايان حيثيت جو حامل آهي.
سنڌي ادب کي دؤرن ۾ ورهائبو ته هوند ڪيئي دؤر جُڙي پوندا، پر فڪري حوالي سان بنيادي طور سنڌي ادب جا ٻه نمايان دؤر آهن. پهريون ڪلاسيڪي دؤر ۽ ٻيوجديد دؤر. ڪلاسيڪي دؤر ۾ اسان جي شاعرن ۽ بزرگن سنڌي ادب کي اهڙو بنياد فراهم ڪيو جنهن جي ٻَلَ تي جديد ادب جي بهتر ارتقا ۽ اوسر ٿي سگھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي گھڻگھرن ليکڪن مان هڪ هيو.