; سنڌي شخصيتون: مير حاجي محمد بخش ٽالپر - مير شير محمد ٽالپر

06 June, 2012

مير حاجي محمد بخش ٽالپر - مير شير محمد ٽالپر


مير حاجي محمد بخش ٽالپر
ٿر جو سچو خدمتگار
مير شير محمد ٽالپر
سنڌ مردم خيز ڌرتي آهي، جنهن انيڪ عظيم انسان پيدا ڪيا آهن، جن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجين خدمتن جا جوهر ڏيکاري، نيڪ نامي حاصل ڪئي آهي. اهڙن ئي املهه ماڻڪن ۾ مير حاجي محمد بخش ٽالپر به شامل آهي. مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو جنم، 1924ع ۾ ٿيو. هن نصابي تعليم، مڊل تائين حاصل ڪئي. مزيد تعليم جاري نه رکي سگهيو ۽ پنهنجي اباڻي ڪرت زمينداري سنڀاليائين. هو پنهنجي دور جو هڪ سٺو شاعر به رهيو آهي، سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
قيد و قفس ۾ آهيان، پنهنجن کي پئي ساريان،
تن کي ڪيئن وساريان، جن تي جياپو آهي.


1942ع کان مير صاحب سياست ۾ داخل ٿيو. سنڌ جي ينگ بلوچ پارٽي جو سيڪريٽري رهيو. 1944ع ۾ ضلع ايجوڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. سال 1955ع ۾ تعلقي ننگر پارڪر مان ضلع ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. پنهنجي وڏي ڀاءُ، مير حاجي احمد خان جي سياست مان رٽائر ٿيڻ ڪري، 1956ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ٿرپارڪر ضلعي مان ايم پي اي ٿيو. 1957ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر لوڪل بورڊ جو صدر چونڊجي آيو.
مير صاحب جو، ٿر ضلعي سان واسطو 1946ع کان شروع ٿيو. ان زماني ۾ ٿر جيتوڻيڪ غير ترقي يافته علائقو هئو پر اتي جي باشندن جي سادگي، مهمان نوازي ۽ محبت تمام گهڻي هئي، جنهن مير صاحب کي موهي وڌو ۽ مير صاحب کي اتي جي غريب ماروئڙن جي خدمت ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ اتي جي عوام جي چوڻ تي پاڻ سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائون. ان زماني ۾ مير صاحب اُٺن تي چڙهي به ٿر جو ٻه ٽي دفعا سفر ڪيو، ڇو ته ان وقت ۾ ٿر اندر اڃا ٻي ڪا سواري نه هئي ۽ مسافريءَ لاءِ آمد رفت جو ذريعو اُٺ ئي هئا. اهڙيءَ طرح وقت گذرڻ سان صدر ايوب، ملڪ ۾ نالي ماتر بنيادي جمهوريت جو نظام آندو ۽ 1962ع ۾ جنرل اليڪشن جو اعلان ڪيو. مير صاحب اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ ٿر جي ٽن تعلقن مان اميدوار بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. مير حاجي محمد بخش ٽالپر، شيرِ سنڌ مير شير محمد جي ورسي ميرپور خاص ۽ چٽوڙي مقام تي ملهائڻ جي شروعات ڪئي. سنڌ کي ون يونٽ جي قيد مان ڇڏائڻ لاءِ ضلعي ڪائونسل مان متفقه قرار داد پاس ڪرايائين. مير صاحب جي سڀ کان اهم ۽ يادگار ڳالهه اها ته 1967ع ۽ 1968ع ۾ مارئي جا ميلا ڀالوا ۾ لڳرايائين. جن اديبن ۽ دانشورن اڳ ۾ ٿر ڏٺو به ڪو نه هو، تن کي ٿر جي ثقافت ۽ تهذيب کان روشناس ڪرايائين. مارئيءَ جي ميلي ۾ جن وڏن اديبن شرڪت ڪئي، انهن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد عثمان ڏيپلائي، سرڳواسي رائچند هريجن، ڪامريڊ غلام محمد لغاري شامل هئا. انهن مڙني، اتي پنهنجا مقالا پڙهيا. جڏھن ته محفل موسيقيءَ ۾ مقامي لوڪ فنڪارن، پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
مير حاجي محمد بخش ٽالپر  سياسي شخصيت جو مالڪ هجڻ سان گڏوگڏ علمي، ادبي، تاريخي، ثقافتي حوالي سان به وڏي ڄاڻ رکندو هو. هو تاريخ جي مطالعي جو چاهه رکندو هو. ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هئن. وٽن وڏي لائبريري هئي، جنهن ۾ 7 هزار ڪتاب هئا. تاريخ جي موضوع تي به ٻه هزار ڪتاب سندن زير مطالع هئا. وٽن، برطانيا مان انگريز شاگرد، سنڌ بابت پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ۽ ٿيسز لکڻ ۾ مدد وٺڻ ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. پاڻ هڪ شاهڪار ”تاريخ سنڌ، اميران ميرپورخاص“ ڪتاب به لکيائون. سنڌ ۾ ٿيندڙ هر علمي، ادبي ۽ تاريخي موضوع تي سيمينار، يا مذاڪري ۾ کين لازمي طور شرڪت لاءِ مدعو ڪيو ويندو هو. پراڻا دڙا، ڀڙا، ماڳ مڪان ۽ تاريخي حيثيت واريون جايون ڏسڻ جو کين شوق هوندو هو. قديم ماڳن بابت سندن ڪيترا ئي مقالا به لکيل آهن. رني ڪوٽ جي قديم تاريخي قلعي بابت به مير حاجي محمد بخش ٽالپر شاهڪار مقالو لکيو، جنهن ۾ هن ثابت ڪيو ته، اهو قلعو ڪو قديم يونانين جو تعمير ڪرايل ڪونهي، بلڪ بعد جي تعميرات آهي. اهو مقالو ٻه دفعا، ٽه-ماهي مهراڻ ۾، شايع ٿيل آهي.
مير حاجي محمد بخش ٽالپر، علم تاريخ، تاريخ سنڌ ۽ سنڌ جون آڳاٽيون ذاتيون، پنهنجا ماخذ ۽ انهن تي تحقيق ۽ تقابلي مطالعي جو وڏو ذوق رکندڙ هئا. ان کان علاوه، تصوف جي به کين تمام وڏي ڄاڻ هئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، شيخ سومار علي سومار، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مولانا غلام محمد گرامي، عثمان ڏيپلائي، عبدالله ورياهه، ممتاز مرزا، منظور نقوي، رحيم داد مولائي شيدائي، ڊاڪٽر مير عالم راقب ۽ ٻيا لا تعداد عالم ۽ سياستدان سندس حلقهء احباب ۾ شامل هئا.
هو صوفياڻي، عارفاڻي راڳ جو به شوقين هو. راڳ جون محفلون منعقد ڪرائيندو هئو. ويراڳين جي سُنگ ٻڌڻ جو وڏو ذوق هئن. هندو ڀڳتن جو ست سنگ ڪرائيندا هئا ۽ وڏي شوق سان ڀڄن ٻڌندا هئا.
مير حاجي محمد بخش ٽالپر  تمام خوش اخلاق، صاف گو انسان هو. هن 62 سالن جي عمر ۾ 1985ع ڌاري وفات ڪئي. ٿر واسي اڃا تائين سندس ڳڻ ڳائين ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا