; سنڌي شخصيتون: قاضي شفيق مهيسر - نياز ڀٽي

24 June, 2012

قاضي شفيق مهيسر - نياز ڀٽي


قاضي شفيق مهيسر
ارڏو سياستدان
نياز ڀٽي
سنڌ ڌرتي، گذريل صدي کانءَ بهادرن، ارڏن ۽ بيباڪ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. ملڪ خصوصًا سنڌ ۾، ويٽنام جي نالي سان مشهور، دادو ضلعي جي مٽي به اهڙن مهان ڪردارن کي جنم ڏنو آهي. انهن ڪردارن مان قاضي شفيق مهيسر به هڪ هو. پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر، اڳوڻي ايم پي اي قاضي شفيق مهيسر ۱۹ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي، ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ قاضي عارف ۾ مشهور زميندار قاضي عبدالحميد مهيسر جي گهر ۾ جنم ورتو.

قاضي شفيق مهيسر ابتدائي پرائمري تعليم، پنهنجي اباڻي ڳوٺ قاضي عارف مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول، انٽر حيدرآباد، بي اي، ايم اي سنڌ يونيورسٽي ۽ وڪالت لا ڪاليج مان ڪئي.
قاضي شفيق مهيسر، سياست جي شروعات سينيئر قومپرست پارليامينٽري اڳواڻ مرحوم عبدالحميد خان جتوئي سان گڏ، سندس سرپرستي ۾ ڪئي ۽ پي اين پي بزنجو گروپ جي پليٽ فارم تان باضابطا سياست جي شروعات ڪئي ۽ اهم سرگرم رهيو.


قاضي شفيق مهيسر، ۱۹۸۰ع جي بلدياتي چونڊن ۾ تعلقي ميهڙ جو چيئرمين ٿيو. ۱۹۸۵ع ۾ غير جماعتي عام چونڊن ۾ ايم پي اي ميهڙ ٿيو.
قاضي شفيق مهيسر، سنڌ اسيمبليءَ اندر سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو. ٽوڙي ڦاٽڪ واري سانحي لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ ۲۰ ايم پي ايز سان گڏجي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ واقعي واري هنڌ قرآن خواني ڪرائي ۽ سخت احتجاج ڪيو. ۱۹۸۸ع ۽ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان عام چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ سنڌ قومي اتحاد جو سرگرم اڳواڻ هو. ۱۹۹۳ع جي عام چونڊن ۾ مرحوم عبدالحميد خان جتوئي پاران کيس ميهڙ مان ايم پي اي جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ تان، ڌرين ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ بعد ۾ قاضي شفيق مهيسر پي اين پي ۾ شموليت ڪري جتوئي ڀائرن کان الحيدگي اختيار ڪئي ۽ پي اين پي جي پليٽ فارم تان ايم پي اي ميهڙ جي سيٽ تي چونڊ وڙهيو.
قاضي شفيق مهيسر کي پي اين پي سنڌ جو صدر بڻايو ويو. جڏهن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جلا وطني ختم ڪري پاڪستان پهچي سياست جي شروعات ڪئي ته قاضي شفيق مهيسر ساڻس 70 ڪلفٽن تي ملاقات ڪري، ڳوٺ قاضي عارف اچڻ جي دعوت ڏني. جنهن بعد قاضي شفيق، جلسو ڪري پنهنجي پارٽي پ پ (ش ڀ) ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. بعد ۾ پ پ (ش ڀ) ڊويزن حيدرآباد جو کيس صدر بڻايو ويو. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت بعد، قاضي شفيق مهيسر، المرتضيٰ هائوس تي ويهي تعزيتون وصول ڪيون ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي ڪجهه وقت پيروي پڻ ڪئي ۽ پ پ (ش ڀ) سنڌ جو صدر به ٿيو هو. ۱۹۹۹ع ۾ پ پ (ش ڀ) ڇڏي، پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيائين. ۲۰۰۱ع جي بلدياتي چونڊن ۾، عوام دوست پينل جي پليٽ فارم تان ضلعي ناظم جي چونڊ ۾ ملڪ اسد سڪندر سان مقابلو ڪيائين پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ۲۰۰۲ع جي عام چونڊن ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان، ايم پي اي ميهڙ تي بيٺو ۽ صداقت جتوئيءَ سان مقابلو ڪيائين پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.
قاضي شفيق مهيسر، پنهنجي طبيعت وارو بهادر ارڏو سياستدان هو. ۱۹۹۶ع ۾ وڏي  وزير سيد عبدالله شاهه جي دور ۾ قاضي شفيق مهيسر کي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو ساٿ ڏيڻ تان 6 مهينا مختلف جيلن ۾ بند ڪيو ويو. چوري، ڌاڙن ۽ جهيڙن سميت مختلف ڪوڙا ڪيس مٿس داخل ڪيا ويا. قاضي شفيق مهيسر کي 6 مهينا ڪاڇي جي مختلف ٿاڻن ۾ قيد ڪيو ويو هو ۽ وڏيون سختيون ڏنيون ويون هيون.
مرحوم قاضي شفيق مهيسر جا سياسي سماجي واسطا تمام گهڻا هئا. هر دور ۾ هن پنهنجي ذاتي واسطن سبب، ڪروڙين رپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا. ڪڪول واهه جي ٻنهي ڪپن تي، روڊن جي تعمير، ڪڪول واهه تي ريگيوليٽر جي تعمير، راڄ واهه مان پڪي شاخ جي تعمير، ڳوٺ قاضي عارف ۾ ڊگري ڪاليج، اسپتال، هاءِ اسڪول ۽ ون وي روڊن جي تعمير، قاضي عارف کي ماڊل وليج ڪرائڻ، تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ ڪارڊيالاجي دل جو شعبو قائم ڪرائڻ سميت، وڏي تعداد ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، جيڪي هن وقت به هلندڙ آهن. علائقي ۾ مشهور آهي ته ايترا ڪم هتان جي چونڊيل نمائندن به ناهن ڪرايا جيترا ڪم، قاضي شفيق مهيسر جيڪو چونڊيل نمائندو به ناهي ان ڪرائي رڪارڊ قائم ڪيو آهي.
قاضي شفيق مهيسر، ڇنڇر واري رات، هڪ وڳي تاريخ ۲۰۱۲-۰۶-۲۳ تي، ڪراچيءَ ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. مرحوم کي سندس اباڻي قبرستان قاضي عارف ۾ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو. سنڌ هڪ بهادر ۽ ارڏي سياستدان کان محروم ٿي وئي. پويان سوڳوارن ۾، هڪ پٽ عبدالحميد مهيسر، پنج نياڻيون ۽ هڪ بيواهه ڇڏيون اٿائين.







قاضي شفيق مهيسر

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!
ايڊووڪيٽ رياض چانڊيو
جڏهن به هن سان ڪچهري ٿيندي هئي يا ڪنهن موضوع تي بحث ٿيندو هو ته آخر ۾ هي لفظ ضرور چوندو هو ته؛ زندگيءَ جو ٻيو نالو جدوجهد آهي. سياسي ميدان کان وٺي سماجي مسئلن يا آبادگارن جي اشوز تائين هي متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو. وڏي ڳالهه اها آهي ته نه هن ڪٿي ساهي کڻڻ لاءِ ٿوري دير ترسڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ نه ئي ٿڪ ڀڃڻ جي! سندس نظر منزل ڏانهن هوندي هئي.
تاريخ ۱۹ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي ميهڙ ڀرسان، ڳوٺ قاضي عارف ۾ جنم وٺندڙ قاضي شفيق مهيسر شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ وڌيڪ تعليم ميهڙ، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. هن اعليٰ تعليم سان گڏ قانون جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.
قاضي شفيق مهيسر سياست جي شروعات قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڪئي هي ۱۹۷۹ع ۾ تعلقه ڪائونسل ميهڙ جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن برک قومپرست اڳواڻ مرحوم عبدالحميد خان جتوئي جي شفقت هيٺ سياست ڪئي. سال ۱۹۸۵ع وارين غير جماعتي چونڊن ۾، ميهڙ تعلقي جي صوبائي تڪ تي MPA طور ڪامياب ٿيو. ان دوران ضياءَ الحق جي مارشل لا جي نگراني ۾ هلندڙ اسيمبلي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي بئنچن تي ويٺو. ٽوڙهي ڦاٽڪ تي شهيد ٿيندڙ شاگردن واري واقعي تي سراپا احتجاج ٿي ويو ۽ هن ان وقت ۲۰ ايم پي ايز جي گروپ سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي قرآن خواني ڪرائي. قاضي شفيق علائقي جي عوام لاءِ ڇپر ڇانو هو پر سنڌ سان محبت سندس نس نس ۾ سمايل هئي. ۱۹۸۷ع ۾ جڏهن ان وقت جو سنڌ جو گورنر ۽سب مار شل لا ايڊمنسٽريٽر جهانداد خان درٻار هال دادو وڃي کليل ڪچهري ڪئي ته هن انتهائي سخت لهجي ۾ گورنر سان مخاطب ٿيندي چيو ته؛ اوهان سنڌي ماڻهن کي ڌاڙيل قرار ٿا ڏيو ان سان نه صرف سنڌي ماڻهن ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي پر اوهانجي خلاف بغاوت به ٿيندي. جنهن تي گورنر جهانداد ڪاوڙ ۾ اچي ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ قاضي شفيق مهيسر جي گرفتاري جا حڪم جاري ٿي ويا هئا. هن بريف ڪيس به تيار ڪري ڇڏيو هو پر ان ڏهاڙي ئي ضياءَ الحق جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو.
قاضي صاحب فيصلن جي حوالي سان به هڪ وڏي سڃاڻپ رکندو هو. جڏهن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطني ختم ڪري پاڪستان آيو ته هن سندس دعوت ڪئي ۽ پاڪستان نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ پارٽي کي پ پ ش ڀ ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿي ويو ته هن المرتضيٰ تي ويهي تعزيتون وصول ڪيون ۽ پوءِ پ پ ش ڀ سنڌ جو صدر ۽ بعد ۾ مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل رهيو. ان کان اڳ هي سنڌ قومي اتحاد ۾ به سرگرم رهيو. ڪافي ڀيرا جيل ويو. پر پ پ جي ۱۹۹۳ع واري سرڪار جي ان وقت جي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه کيس جيل موڪليو ۽ سخت تڪليفون ڏنيون. وري ۲۰۰۱ع ۾ هي پ پ جي اڳوڻيMNA مرحوم رفيق مهيسر جي دوستي ۽ مائٽي واري اثر ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي جدوجهد کان متاثر ٿي پ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ آخر تائين پ پ جو رهيو.
مون جڏهن سياست، صحافت ۽ وڪالت وارو سفر شروع ئي مس ڪيو ته منهنجي ملاقات قاضي صاحب سان ٿي ۽ آئون زندگي جا ۱۱ سال مسلسل هن سان جڙيل رهيس. هن منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ گهر ڀاتين جيترو پيار ڏنو. هڪ ڀيري شڪارپور جي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومرو جي رهائشگاهه تي، قاضي صاحب ۽ آئون ترسيل هئاسين. آئون هن سان تمام گهڻو هجائتو هيس. سو مون هن کان سوال ڪيو؛ توهان عشق ڪيو...؟ هن مسڪرائيندي جواب ڏنو؛ جيڪو تون چئين ٿو اهو عشق مون ناهي ڪيو. مون ڪراس سوال ڪيو؛ ڀلا اوهان سان ڪنهن عشق ڪيو. هن جواب ڏنو؛ ڪنهن به اظهار نه ڪيو آهي. پوءِ هن چيو؛ منهنجو عشق قوم ۽ ڌرتي سان آهي. باقي ٻئي عشق لاءِ ٻيا وڃي ڳوليو.
هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه هو. ارادن جو اٽل انسان هو ۽ منفرد طبيعت جو مالڪ هو. هو سدائين سچ منهن تي چئي ڏيندو هو. هن کي ۱۹۹۷ع جي نگران حڪومت ۽ پرويز مشرف واري سرڪار ۾ وزير ٿيڻ جون آفرون ٿيون پر هن اهي سڀ آفرون ٺڪرائي ڇڏيون. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن پ پ پاران ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو ويو ته اتان واپسيءَ تي هن خيرپور ميرس جي مهيسر برادري جي پئٽرول پمپ تي اخبار پڙهڻ دوران MNA ڊاڪٽر طلعت مهيسر سان ڪچهري ڪئي ۽ ٻئي هنڌ اڳوڻي وفاقي وزير حاجي ظفر لغاري ۽ سردار طلعت مهيسر سان گڏ هڪ هنڌ هلياسين ته قاضي پنهنجي طبيعت ۾ مونکي تمام گهڻو خوش نظر آيو. هو پنهنجي نالي جيان شفيق انسان هو ۽ هڪ عظيم انسان هو. هي اڄ جسماني طور اسان وٽ ناهي رهيو. خدا کيس جنت ۾ جاءِ ڏيندو. دادو ضلعي لاءِ رفيق احمد، عبدالحميد خان جتوئي کانپوءِ ٻيو وڏو سانحو آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا