; سنڌي شخصيتون: اميران بيگم - مصطفيٰ ملاح

10 June, 2012

اميران بيگم - مصطفيٰ ملاح


اميران بيگم
سنڌي سهرن جي ملڪہ
مصطفيٰ ملاح
سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ ۾ پنهنجو منفرد مقام رکندڙ، ”سنڌي سهرن جي ملڪہ” تسليم ڪئي ويندڙ لوڪ فنڪارا اميران بيگم وڏو عرصو، ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد، اٺين جون ۲۰۱۲ع تي گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي جروار ويجهو، ڳوٺ صاحب خان لنڊ ۾ ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي! اميران بيگم گذريل سال، سول اسپتال ۾ ڇهه مهينا علاج هيٺ رهي پر مرحومه کي بهتر علاج نه ٿيڻ جو ارمان ئي رهيو. سنڌ سرڪار به نالي ماتر مدد ڪئي هئي پر مرحومه پنهنجي علاج تي گهر جو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو هو، پوءِ به بيماري ختم نه ٿي! سندس پٽ ممتاز، جيڪو پڻ راڳ سان لاڳاپيل آهي، اسپتال ۾ ساڻس گڏ هوندو هو. اميران بيگم اسپتال ۾ اڪثر درد جون دانهون ڪندي هئي. ڪينسر کانئس آرام ڦري ورتو هو پر افسوس ته اسپتال ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي سندس ساٿين پهچي عيادت ڪو نه ڪئي هئي. 

اميران بيگم پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ”تنهنجي هٿ ۾ آ فون، هيلو هيلو ٿو ڪرين!“ ريڪارڊ ڪرايو هو. جيڪو هن جي سڃاڻپ بڻجي ويو. ريڊيو تي اچڻ وقت، سندس عمر 25 سال هئي. ان تي سندس گهر-ڀاتي ناراض ٿي پيا هئا. اميران بيگم کي سنڌ جا ماڻهو خوشين ۽ شادين جهڙن موقعن تي سهرا ۽ لاڏا ڳارائيندا هئا ۽ پاڻ خوشيءَ سان دعوت قبول ڪندي هئي. معاوضو جيڪو به هن کي ملندو هوس، قبول ڪندي هئي. هن جي سهرن جون آڊيون ڪيسٽون به جاري ٿيون، جڏهن ته هن جي سهرن لاڏن جا وڊيو گيت، ڪشش چئنل تي ريڪارڊ ٿيل آهن. گذريل سال هڪ ويڊيو سهرن جو گيت ”ماڻهن شاديون ڪيون، اسان دعائون ڪيونسين، اسان رڳو شادي جي تاريخ ٻڌي آ، ڏس ساري برادري رٺي ويٺي آ.“ ڳايو، جيڪو تمام گهڻو مقبول ٿيو.
هن سنڌ جو مشهور سهرو ”لونگ ڦوٽا ٿالھيءَ ۾ آءٌ کنيو پئي اچان“ ڳائي شروعات ڪئي هئي. ان سهري ڳائڻ کان پوءِ، ماڻهن کيس خوشين جي موقعن تي سهرا ۽ لاڏا ڳائڻ جون دعوتون ڏيڻ شروع ڪيون. سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ جڏهن، جيجي زرينه بلوچ، زيب النساءَ، زليخان ۽ خديجان ئي لوڪ موسيقيءَ جي حوالي سان سڃاتيون وينديون هيون، تڏهن اميران بيگم به سندن وچ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي هئي.
اميران بيگم سنڌي، سرائيڪي، اردو ۾ پڻ گيت چيا آهن. سنڌ جي هن منفرد انداز جي فنڪارا کي سنڌ صدين تائين جهونگاريندي رهندي!

No comments:

راءِ ڏيندا