غزالا صديقي
سنڌ جي بهادر ۽ شهيد نياڻي
شفقت نوناري
نه سر ڇپا ڪي جيئي هم، نه سر جهڪا ڪي جيئي،
ستمگرون ڪي نظر سي، نظر ملا ڪي جيئي،
اب اگر ايڪ رات ڪم جيئي، تو ڪم هي سهي،
يهي بهت هي ڪه هم، شمعين جلا ڪي جيئي.
شهيد غزالا صديقي، سنڌ جي آسودگي ۽ خوشحاليءَ جا خواب اکين ۾ کڻي،
اسٽيل ٽائون جي ابدي مقام ۾ آرام ڪري رهي آهي.
سنڌ هميشه ازل کان وٺي هن مهل تائين انتهائي مشڪل امتحانن مان گذري
آهي. مفادپرست مافيائن پنهنجن فائدن ماڻڻ لاءِ هن ڌرتيءَ سان ڪلور ڪيا آهن. پر
انهن ڏکين لمحن ۾ سنڌ جي سرزمين پنهنجي ڪُکِ مان اهڙا سورما ۽ سورميون پيدا ڪيون
آهن جن پنهنجي ماءُ سان محبت جي تقاضا پوري ڪندي جان، مال ۽ ٻچن جي به قرباني ڏني
آهي. ساهه ڏئي ويساهه ڏنو آهي. تهذيبن جي ماءُ سنڌو، جيڪو ڪيلاش پربت جي چشمن مان نڪري
هماليه، زڪسار پهاڙن کان ٿيندو هنزه ۽ گلگت ميدانن کي پار ڪري ڪوهه سليمان جي ندين
کي پاڻ ۾ سمائيندي، هندي سمنڊ ۾ اختتام ڪري ٿو. غزالا صديقي ان سنڌوءَ جي ڪناري تي
آباد ڳوٺ پاٽ شريف ۾ ۱۹۶۹ع تي جنم ورتو. پنج درجا ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پاس
ڪري (NJV) هاءِ
اسڪول ڪراچي ۾ داخلا ورتي. انٽرميڊئيٽ زبيده ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪري،
گريجوئيشن ۾ ايم اي جرنلزم، ڪراچي يونيورسٽي مان ڪليئر ڪئي. پنهنجي طبيعت ۾
انتهائي سادگي رکندڙ سٻاجهي غزالا صديقي ٻولي، اجرڪ ۽ وطن جي حدن سان بيحد پيار
رکندڙ هئي. وطن دوست عورت هئي. هن جي من ۾ جيڪا سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ بي انت محبت
هئي، ان کي ڪنهن به پيراميٽر ۾ ماپي نه ٿو سگهجي. هوءَ سورهيه بادشاهه، هوشو،
هيمون، مخدوم بلاول، شاهه عنايت، ماروي ۽ بختاور جو تسلسل هئي، جنهن 22 مئي تي سنڌ
جي غير فطري ورهاڱي ۽ مڪروهه مهاجر صوبي جي آواز خلاف مورڙي جي ماڳ، مائي ڪلاچي جي
شهر سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي شهر ۾ ظالمن سان مهاڏو اٽڪائيندي جامِ شهادت پيتو. سنڌ
تي جڏهن ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي واري عرصي دوران مشڪل گهڙي آئي ته سنڌ جي هن اڏول نياڻي
بي گهر ٿي ويل سنڌي ماڻهن کي حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن جي
هر مدد ۽ سهائتا ڪري، کين ڏڍ ڏنو. ۱۹۹۶ع کانپوءِ پي آءِ اي جهڙي حساس اداري ۾
آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ کانپوءِ به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خدمت کي پنهنجو نصب العين
سمجهي منفرد ڪردار ادا ڪيو.
سنڌ کي تباهه ڪندڙ مها ٻوڏ ۽ بارش ۾ حيدرآباد واري ڪئمپن کان وٺي
ڪراچي تائين ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرن جي سڀني جي اڳيان جهولي جهلي امداد ۽ سهائتا
ڪئي. هن پنهنجي لوهي لڱن سان قائم ٿيل ڪئمپن کي مسلسل مانيٽر ڪيو ۽ ضرورت ويل فوري
اُتي رسي، مسئلا حل ڪيا. ڪئمپن اندر کاڌ خوراڪ، لٽا ڪپڙا، صفائي سٿرائي، تعليم،
صحت لاءِ ڪم ڪيو، جنهن کان سرڪار به قاصر رهي. ڏيکاءَ واري خدمت کان نفرت ڪندڙ سنڌ
جي هن عظيم هڏ ڏوکياڻيءَ مختلف ڪئمپن تي پاڻ ٻهارو کڻي سڀني اڳيان ڪئمپن جو ڪچرو
صاف ڪيو. هڪ ئي وقت گهر، نوڪري ۽ سماجي ڪم ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندڙ هن سورميءَ تي
سڀني کي حيرانگي آهي ته هوءَ اهو سڀ ڪيئن ارينج ڪندي هئي؟ سنڌ سان محبت واري رشتي
۾ کنيل قدمن کي هن جي همراهيءَ ۽ ورَ، مظهر زرداريءَ به ڪڏهن ڪو نه روڪيو. سندس
چوڻ آهي ته؛ آئون کيس ڪنهن به موومينٽ کان نه روڪيندو هئس. ڇاڪاڻ ته هن گهر ۾ مون
سميت ٻچڙن لاءِ به سڀ ڪجهه ڪيو. ڇو ته هوءَ پنهنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ ۽ ادارو هئي ۽
وڇوڙي تي سنڌي قوم جي ڏنل موٽ اسان جو ڏک گهٽائي ڇڏيو آهي. سندس ڀائر شهاب الدين
صديقي، صلاح الدين صديقي چون ٿا ته؛ هوءَ بي حد شفيق ۽ مهربان ڀيڻ هئي، جنهن جي
ماءُ جي ممتا جهڙي محبت ۽ شفقت کي وساري نه ٿا سگهون ۽ قرباني تي فخر آهي.
اڄ هوءَ سڄي قوم جي ڀيڻ بڻجي چڪي آهي. ۱۴ سالا ابوذر، ۱۳ سالا عمار، ۱۲
سالا بلاول چوي ٿو ته؛ امان اسان کي نهايت گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ هر وقت تعليم تي
ڌيان ڏيڻ ۽ ڪجهه بڻجي سنڌ جي خدمت ڪرڻ لاءِ اتساهيندي هئي. اٺن مهينن جو ابراهيم
ته اڃا ننڍو آهي جيڪو اڃا ڳالهائڻ به نه سکيو آھي پر يقينن هو وڏو ٿي پنهنجي ماءُ
جي ڏنل ايثار تي ڳاٽ اوچو ڪري فخر ڪندو. شهيد غزالا جون سهيليون کيس ياد ڪري،
اکيون اشڪبار ڪندي چون ٿيون ته؛ هوءَ هر بناوٽ کان پاڪ، سچي دل رکندڙ ۽ محبت ڪندڙ،
کري دوست هئي، جيڪا پاڻ سان گڏ اسان جي روشن مستقبل لاءِ به فڪرمند هوندي هئي.
غزالا صديقي، اها جرئتمند ۽ باهمت عورت هئي، جنهن سنڌ ۾ هڪ مثالي ڪردار
ڇڏيو آهي. جنهن حيدرآباد جي بي بي خيرالنساءِ عرف مائي خيري جيان، پنهنجي نوڪريءَ جي
به پرواهه نه ڪندي ۲۴ ڪلاڪ هر ضرورتمند ۽ مستحق جي مدد کي فرض سمجهيو. جيڪڏهن سنڌ جو
هر ماڻهو سندس پيروي ڪري ته سنڌ جا ڪافي سور گهٽجي سگهن ٿا. اڏامن جي دنيا ۾ ڪم
ڪندڙ هن ٻاگهل کي پنهنجي قوم جي پرواز جو به ڏاڍو اونو هوندو هو. جڏهن محبت سنڌ
ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ”جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن“ زوردار نعرا هنيا ته پناهه گير
ٽولي جي دهشتگردن غزالا، آمنه، شريفان سميت ۱۳ ڄڻن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو.
No comments:
راءِ ڏيندا