احمد خان
مدهوش
خليل عارف سومرو
احمد خان مدهوش جو جنم، سُگهڙن
جي سرواڻ حضرت جلال کٽي رنگريز جي نکُ مان ۽ ڪاڇي جي پوتر ڪُک مان، ۰۵ اپريل ۱۹۳۱ع تي حاجي فقير شغلي
جي گهر ۾، ڳوٺ سلطان چانڊيو کان خيرپور ناٿن شاهه ويندي، ڏاند گاڏي ۾ ٿيو. ائين هن
جي زندگي جي شروعات سفر کان ٿي ۽ آخري سفر تي اسهڻ تائين، هن زندگي توڙي شاعري ۾
هڪ ڊگهي مسافري طئي ڪئي.
سندس ننڍپڻ، جوهي جي پُر رونق
فضائن ۾ گذريو. ۱۹۴۹ع ۾ سنڌي ٻولي ۾ ورنيڪيولر (فائنل) پاس ڪري، ساڳئي سال
نئين گاج جي گود ۾ آيل ڳوٺ ”سڄڻ جي پئي“ ۾ استاد مقرر ٿيو اتي جا ڳوٺاڻا اڄ به
سندس واکاڻ جا ڍُڪ ڀريندي ٿڪجن نه ٿا. ائين پڙهندي پاڙهيندي، ۱۹۵۷ع ۾ پي ٽي سي سان گڏ ڊرائينگ انٽرميڊيٽ ۽ ۱۹۶۵ع ۾ اديب عالم فاضل
پاس ڪري ورتائين. عالم فاضل ٿيڻ سبب کيس استادي واري پيشي ۾ هڪ ماهر استاد جي
حيثيت ملي وئي. ۱۹۹۰ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين، سندس روزي روٽي جي سفر جي ڪهاڻي
ايتري ئي آهي.
شاعري، هن جي اندر جي سفر جي
ڪهاڻي کي بيان ڪري ٿي. ظاهري طور جواني ۾ عشق جي چڻنگ سندس دل جي دامن ۾ دکي جنهن
کيس پچائي پار پڄائي ڇڏيو. سندس لکڻ جي ابتدا ۱۹۶۰ع کان ٿي. هڪ ادب جي
عنايت ٻيو، جلال کٽي جي جوت (موروثي اثر) ٽيون عشق جو زور، چوٿون ٻولي جي مهارت-
سڀني گڏجي سندس شاعري کي نکار بخشيو. هڪ پاسي سندس شاعري جو چرچو عام ٿيڻ لڳو ته ٻئي
پاسي سندس ئي تر ۾ ساڻس ساڙ ۽ عناد جو ججهڙ به ٻرندو رهيو، پر هن حاسدن جي ڪا به
پرواهه نه ڪئي، نه ئي ڪڏهن ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍيائين. صرف ايترو چئي ويو ته؛
حاسد ڪري ڪري به
ڀلا نيٺ ڇا ڪري،
ڪم هن جو آ گِلا
سو ڀلي پيو گلا ڪري.
ڏاها ڏات ڌڻي چون ٿا؛ مدهوش جي
شاعري ڪمال جي آهي. ان ۾ فڪر جي گهرائي، خيالن جي نواڻ ۽ تجنيس حرفيءَ جو وڏو ڪمال
آهي. سندس ڪلام بي مثال ۽ لازوال آهي. مان چوان ٿو؛ بيشڪ اها ڳالهه صحيح آهي، پر
ان کان وڌيڪ ڪمال احمد خان مدهوش جو اهو آهي، جو هن اهڙي ماحول ۾ ويهي شاعريءَ جا
گل خلقيا، جنهن ماحول ۾ ماڻهو يا ته چريا ٿي ويندا آهن يا خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن. پر
هي زنده دل، روشن خيال ۽ سدا بهار انسان، روين جي رڃ ۾ به پنهنجي مقصد سان سچو
رهيو. پنهنجي ضمير جي آواز، پنهنجي اڏول اصولن تي قائم رهيو. سندس آڏو رستا، ڪنڊا
ڪاوا هيا، پر هو اهي سڀ اڻانگا پيچرا مسڪرائيندي پار ڪري ويو. سندس ڪردار جي بلندي
اها هئي جو سندس مرتئي تي مخالف ۽ منافق به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا. حياتيءَ ۾
کيس ڪجهه ڪين سمجهندڙ، سندس تڏي تي کيس بار بار ليجينڊ چوندا رهيا.
هن جي زندگيءَ ۾ سندس شاعريءَ
جا ٻه مجموعا هڪ دل جون ڳالهيون، ٻيو نظر ۾ نظر بند ڇپيا جڏهن ته شاعريءَ جو سندس
ٽيون ڪتاب (اکين جا سنيها) سندس وڇوڙي کان هڪ سال پوءِ ڇپيو. اڃا سندس اڻ ڇپيل
ڪتاب، ڏهاڪو کن ٿيندا.
کيس زندگيءَ ۾ ۳۳ ايوارڊ مليا جڏهن
ته سندس جدائيءَ کانپوءِ به کيس ٻن ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. پاڻ چوندو هيو ته؛
عوام جي پسند ۽ داد وڏو اعزاز آهي.
غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهندي به
ڪڏهن پنهنجي خودداري نه ڇڏيائين. مون کيس تمام ويجهي کان ڏٺو ۽ سمجهيو. مان سندس
ڪيترن ئي اوڄاڳن جو گواهه پڻ آهيان. هو پڇاڙيءَ تائين پنهنجي نظريي تي ثابت قدم
رهيو. مون ڄاڻي ورتو هيو ته؛ هي ماڻهو ٽٽي ته سگهي ٿو پر ڪڏهن به جهڪندو ڪو نه. ۽
ٿيو به ائين. دشمنن کي اها حسرت، دل ۾ ئي رهجي وئي ته؛ هو مدهوش کي جُهڪائيندا. هو
عزت سان جيئرو رهيو. عزت ۽ ڪار-پت سان ئي هي جهان ڇڏي ويو. آٿت ۽ دل جاءِ لاءِ، اڳواٽ
ئي سٽون خلقي ويو ته.
مدهوش جي مري وڃي
ته هوش کي سنڀال جو
۽ انهن امر سٽن نه رڳو مونکي پر سڄي خاندان
کي سندس وڇوڙي تي صبر جي توفيق عطا ڪئي. مون کي يقين آهي ته جيستائين سندس شاعري
آهي تيستائين پاڻ زنده آهي ۽ جوڻ مٽائي ڪڏهن نه ڪڏهن، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، هن
ڌرتيءَ تي ايندو رهندو. جنهن لاءِ پاڻ به چيو اٿائين ته .
اي زمانا مري مري
ايندس
عشق آهيان وري
وري ايندس
پاڻ ۲۶ جون ۲۰۱۰ ڇنڇر ڏهاڙي منجهند
جو ۱۲.۱۸ منٽن تي هيءَ جوءِ مٽيائين.
احمد خان مدهوش
اسماعيل پيرزادو
عوامي شاعر احمد خان مدهوش ۵ اپريل ۱۹۳۱ع تي، خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ
سلطان احمد چانڊيي ۾، هڪ بيل گاڏيءَ ۾ جنم ورتو.
سندس والد حاجي فقير شغلي سندس جنم تي شاعري ڪئي هئي.
احمد خان مدهوش، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ شاعري ڪئي. سندس ۲ ڪتاب ”نظر ۾
نظر بند“ ۽ ”دل جون ڳالهيون“ ڇپجي پڌرا ٿيا. کيس عوامي شاعري سبب شاهه عبدالطيف ڀٽائي،
حضرت قلندر لال شهباز، حضرت سچل سرمست، سگهڙ جلال کٽي، حضرت شهيد مخدوم بلاول، استاد
بخاري سميت ۲۵ ايوارڊن سان نوازيو ويو.
مدهوش تعلقي جوهي شهر جي سومرا محلي جو رهواسي هو.
مدهوش سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر، استاد بخاري جو همعصر ۽ سندس جيان
پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو.
مدهوش ننڍپڻ ۾ سُگهڙن جي سرتاج جلال کٽي جي خاندان سان تعلق هجڻ ڪري،
ادب سان سلهاڙيل رهيو. جڏهن ته ادب سان گڏوگڏ هن پرائمري استاد جي حيثيت ۾ درس ۽ تدريس
واري شعبي جي پڻ وڏي خدمت ڪئي.
احمد خان مدهوش ۵۰ سالن کان وڌيڪ عرصو، شاعري ۽ ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو.
احمد خان مدهوش حياتي دوران ٻڌايو هو ته؛ ”هڪ ڏينهن هو پريشان ويٺو هو
ته اوچتو سندس محبوب آيو ۽ کيس چيائين ته احمد خان اڄ صفا مدهوش لڳي ٿو“. پوءِ هن ان
ڏينهن کان پاڻ کي مدهوش سڏائڻ شروع ڪيو.
احمد خان
مدهوش
سِر لڳي سُهڻي
سَڄڻ سان سِر لڳي...
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
دادو ضلعي، سنڌي شاعريءَ کي ڪيترا ئي ناميارا شاعر ڏنا آهن. جن ۾ شمس
الدين بلبل، مولانا غلام محمد گرامي، حافظ احسن چنا، ورند واڻيو، اُستاد بخاري، اسحاق
راهي، محسن ڪڪڙائي، وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي ۽ ٻيا شامل آهن. جن پنهنجي ڏات ۽
فن ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو مقام ۽ شهرت حاصل ڪئي. احمد خان مدهوش به انهن مان هڪ
آهي. جنهن ڪتابن ۽ رسالن کان وٺي، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تائين پنهنجي عوامي شاعريءَ
ذريعي مڃتا ماڻي.
احمد خان مدهوش جو جنم ۵ اپريل
۱۹۳۱ع تي هاڻوڪي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۽ اڳوڻي ڪڪڙ
تعلقي جي هڪ ڳوٺ سلطان چانڊيو ۾ حاجي فقير
شغلي جي گهر ۾ ٿيو. سنڌي فائنل پاس احمد خان مدهوش تعليم کاتي ۾ اُستاد جي پيشي
سان منسلڪ رهيو. ۱۹۶۰ع کان لکڻ جي باقائده شروعات ڪندڙ احمد خان مدهوش
جا ادب ۾ حافظ محمد احسن چنا ۽ فيض بخشاپوري استاد هئا. سائين احمد خان مدهوش، استاد
بخاريءَ جو همعصر شاعر هو.
احمد خان مدهوش شاعريءَ جي هر صنف تي لکيو آهي پر غزل سندس پسنديده
صنف هو. سندس شاعريءَ جو انداز نرالو، سهڻو، سليس، دلڪش ۽ عوامي هو. ڪاڇي جي ڪنڌي
جوهيءَ جي رهاڪو سنڌ جي هن سدا بهار شاعر جي شاعريءَ ۾ رِڌم ۽ رواني آهي. ان ڪري
سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن ممتاز لاشاري، عابده پروين، تعمير حسين، صادق علي،
ضامن علي، صنم ماروي، ڪوثر ماروي، حميرا چنا، غلام شبير شاهاڻي ۽ ٻين فنڪارن وڏي
چاهه سان ڪيسٽ، ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳائي وڏي
پذيرائي حاصل ڪئي آهي.
احمد خان مدهوش جي ڇپيل ڪتابن ۾ ’دل جون ڳالهيون‘ ۽ ’نظر ۾ نظربند‘
شامل آهن.
احمد خان مدهوش کي ادبي ۽ علمي خدمتن تي ڪي ٽي اين ايڪسيلينس ايوارڊ،
لطيف ايوارڊ، ريڊيو پبليڪيشن ايوارڊ، تنوير عباسي ايوارڊ، مخدوم بلاول ايوارڊ، قلندر
لعل شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ مليا.
احمد خان مدهوش ۲۰۰۸ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو.
هو ڪينسر، ساهه جي تڪليف، هيپاٽائيٽس بي ۽ ٻين بيمارين سبب ۲۶ جون ۲۰۱۰ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. کيس جوهيءَ ۾ اباڻي
قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سِر لڳي سُهڻي سڄڻ سان
سِر لڳي
دل جي دلبر من جي من
سان، سِر لڳي
احمد خان مدهوش
عبدالحي چاچڙ
مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀارجو
سنڌ جي ڀلاري ضلعي دادو کي اها خوش بختي ۽ خوش نصيبي
حاصل آهي، جو هتي ڪيترا ئي عالم، اديب، محقق، شاعر پيدا ٿيندا رهيا آهن، اهڙن
اديبن ۽ شاعرن ۾ احمد خان مدهوش سر فهرست آهي. احمد خان مدهوش سنڌ جو مشهور شاعر، محقق
۽ اديب ٿي گذريو آهي.
احمد خان ولد فقير
کٽي ڳوٺ سلطان چانڊيو لڳ ٻوڙا لاکير تعلقه خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادو ۾ ۵ اپريل ۱۹۳۱ع/ پهرين رمضان المبارڪ ۱۳۵۶هه
تي پيدا ٿيو، سندس تعلق سنڌ جي مشهور سگهڙ جلال کٽي جي خاندان سان هو، روزگار
سانگي سندس والد ڳوٺ کي هميشه جي لاءِ الوداع چئي تعلقه جوهي ۾ هميشه لاءِ رهائش
اختيار ڪيائون.
احمد خان مدهوش
جوهي مان استاد گل محمد ٻٻر کان تعليم حاصل ڪئي، ڏهن سالن جو هو ته سندس والد به
هن جهان مان وفات ڪري ويو، جنهن ڪري سندس والد جي شفقت نصيب نه ٿي سگهي. ان کان
بعد ۱۹۴۹ع ۾ سنڌي ٻوليءَ ورينڪيولر جو فائينل جو امتحان پاس ڪيائين، ۱۹۵۷ع ۾ نوشهروفيرزو مان انٽر ۽ ۱۹۶۵ع ۾
عالم، فاضل، جو امتحان سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين.
احمد خان مدهوش پيشي
جي لحاظ کان استاد هو، فائينل پاس ڪرڻ واري ئي سال استاد مقرر ٿيو.پهرين پوسٽنگ
نئين گاج جي هڪ ڳوٺ سڄڻ جي پئي ۾ ٿي، ان کان بعد مختلف اسڪولن ۾ پنهنجون تدريسي
خدمتون ڏيندو رهيو، پاڻ استادن جي تنظيم پ ٽ الف جو صدر پڻ رهيو، پاڻ ۱۹۹۰ع ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪيائون.
احمد خان مدهوش سنڌ
جومشهور و معروف شاعر ٿي گذريو آهي، سندس اصل سڃاڻپ به هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هئي. پاڻ ۱۹۶۰ع ۾ شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پاتائون، سندس
شعر و شاعري ۾ استاد حافظ محمد احسن چنه، فيض بخشاپوري ۽ سيد نجف علي شاهه لڪياري
وارا هئا، جنهن کان وقت بوقت طبع آزمائي ڪندو رهندو هو. پاڻ فيض بخشاپوري لاءِ هن
ريت فرمايو اٿس.
رهان مدهوش خوش ٿو فيضابيءَ ۾،
جو استادي جناب فيض جي آهي.
احمد خان مدهوش
پنهنجي استاد سيد نجف علي شاهه لڪياري لاءِ هن ريت لکيو آهي.
لاتي تو اچي لاهه، جوهيءَ منجهه بهاري،
درويش خدا مست نجف شاهه لڪياري،
مدهوش کي مدهوش محبت سان ڪيو تو،
سڪ سوز کي سرڪي، تو هٿن ساڻ پياري.
احمد خان مدهوش
شاعريءَ جي هر طنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ غزل، ڪافي، وائي، نظم، منقبت، نعت
شامل آهن، نظم ۽ غزل جو پاڻ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.پاڻ سنڌي کانسواءِ سرائڪيءَ ٻوليءَ
۾ به شاعري ڪيائون. احمد خان مدهوش هڪ باوقار شاعر ۽ محقق هو، هن وقت تائين سندس
شاعريءَ جا ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، انهن ۾ هي شامل آهن. (۱) دل جون ڳالهيون، ۱۹۹۳ع (۲) اکين جا سنيها، ۲۰۱۰ع (۳) نظر ۾ نظر بند، ۱۹۹۷ع.
احمد خان
مدهوش سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو
ميمبر پڻ رهيو، سندس علمي ۽ ادبي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.مدهوش سنڌي ادبي سنگت
واهي پانڌي جو سرگرم ميمبر رهيو.مدهوش حسن پرست، سونهن پرست، قادرالڪلام ۽ عوامي
شاعر هو، پاڻ خوش مزاج، نزم مزاج ۽ عاشق مزاج انسان هو، مدهوش ڪيترن ئي مشاعرن، ادبي
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو، سندس شاعري مختلف رسالن جو زينت بڻيل آهي.
احمد خان مدهوش کي ڪيترن
ئي ادارن جي طرفان ايوارڊ مليا انهن ۾ ڪجهه هن ريت آهن (۱) لطيف ايوراڊ (۲) ريڊيو پبليڪيشن ايوارڊ (۳) تنوير عباسي ايوارڊ (۴) مخدوم بلال باغبائي ايوارڊ (۵) قلندر لعل شهباز ايوارڊ (۶) شيخ اياز ايوارڊ (۷) استاد بخاري ايوارڊ (۸) ڊاڪٽر منظور خان
لغاري ايوارڊ (۹) جلال کٽي ايوارڊ (۱۰) سچل سرمست ايوارڊ (۱۱) نئين زندگي ايوارڊ (۱۲) گورک هل ايوارڊ (۱۳)سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ (۱۴) ڪي ٽي اين ايوارڊ (۱۵) سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ
احمد خان مدهوش جي
شاعريءَ ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي، انهن ۾ صادق فقير، عابده پروين، ممتاز لاشاري، منظور
سخيراڻي، حميرا چنه، صنم ماروي، سوڍل فقير وارن جا نالا مٿانهون مقام رکن ٿا. احمد
خان مدهوش سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعرن ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو، سندس مشهور ڪلامن ۾ ”جڏهن
کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي“، ”مان پکي هان پيار جو پيار جي اظهار جو“
گهڻو مشهور آهن.
سنڌي علم و ادب جو
روشن باب ۽ شاعر بي مثال احمد خان مدهوش ۲۶ جون ۲۰۱۰ع تي وفات ڪئي، کيس اباڻي شهر جوهي ضلع دادو ۾ واصل فقير
قبرستان ۾ هميشه لاءِ مدفون ڪيو ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا