; سنڌي شخصيتون: مدهوش ڀٽو - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

مدهوش ڀٽو - رياضت ٻرڙو


مدهوش ڀٽو
رياضت ٻرڙو

مدهوش ڀٽو ڀلوڙ شاعر آهي. مدهوش جو ڇٺيءَ نانءُ الطاف حسين آهي. هُو ۶ نومبر ۱۹۶۹ع تي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ بنگل ديري ۾، عبدالرحمان ڀُٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن انٽر سائنس تائين تعليم حاصل ڪئي، پوءِ والد جي وفات سبب اعلى تعليم پِرائي نه سگھيو. هُو ۱۹۹۵ع کان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (PTCL) ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري رهيو آهي. هن وقت ٽيڪنيشن جي عهدي تي فائز آهي.


هن شاعريءَ جي شروعات ۸۴-۱۹۸۳ع ۾ ڪئي. سندس ادبي رهنمائي اسڪولي استاد، غلام نبي ”راهڪ“ ڀُٽي ڪئي. مدهوش شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. سندس سرجيل قصيده، نوحه ۽ غزل گھڻو مشهور آهن. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. هُو سنڌي ادبي سنگت رتي ديري شاخ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سندس رهائش بنگل ديري ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا