; سنڌي شخصيتون: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي - ري-ميم

09 July, 2012

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي - ري-ميم


مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
سنڌ جو برک عالم اديب ۽ مولانا
ري-ميم
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ اديب ۽ عالم، شاهه لطيف جو شارح ۽ سنڌ ۾ شاهه ولي الله جو حقيقي پوئلڳ ھيو. قاسمي صاحب، سنڌ جي علم، ادب، مذهب ۽ ڏاهپ جو اهو ڏيئو هو، جنهن جي ٿڌيءَ ڇانءَ جهڙي روشنيءَ ۾ ويهي ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن علم جون سرڪيون ڀريون.


قاسمي صاحب شخصي ۽ علمي حوالي سان سنڌ لاءِ هڪ اهڙي روشني هو، جيڪا هر ايندڙ ڏينهن تي نئين جوت ڏيندي رهي ٿي. جنهن جوت جي رخ ۾ ڪيترا ئي مسافر پنهنجي علمي، ادبي ۽ ڏاهپ جي سفر تي روان آهن. قاسمي صاحب سنڌي ادبي بورج جو چيئرمين به رهيو. جنهن جي باري ۾ جزوي ذڪر رباني صاحب پنهنجي آخري ڪتاب ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ۾ ڪيو آهي. ٻيءَ طرح قاسمي صاحب جون علم، ادب بابت ڪيل خدمتون سنڌي ادب لاءِ هڪ اهڙو روشن باب آهن، جنهن جي ڀيٽا طور سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سندس نالي سان هڪ چيئر قائم ڪئي وئي آهي، پر سچ اهو آهي ته اسان جي هن عالم کي سهي ۽ سچي ڀيٽا اُها آهي ته جيڪو ڪم هو علمي ادبي حوالي سان اسان وٽ ڇڏي ويو آهي، ان کي هنئين سان هنڊايون ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجو ذهن جوڙيون ۽ وڌيڪ اهو ته قاسميءَ صاحب جو اڌ ۾ رهجي ويل ڪم، جيڪو هو عمر جي آخري حصي ۾ مڪمل نه ڪري سگهيو، ان کي مڪمل ڪريون. جنهن سلسلي ۾ ذاتي طور مان سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ اسڪالر قاضي خادم جي خدمتن جو ذڪر اوس ڪرڻ چاهيندس، جنهن ٿوري ئي وقت ۾ نه رڳو قاسمي صاحب جي الڳ الڳ حوالن سان ڪي ڪتاب آندا آهن پر هن شذرات ۾ لکيل قاسمي صاحب جا ليک ۽ اداريا پڻ هڪ کان وڌيڪ جلدن ۾ شايع ڪرايا آهن ۽ اڃا تائين شايع ٿي رهيا آهن.
شاهه سائين جي حوالي سان به قاسمي صاحب کي سنڌ نه وساري سگهندي. سندس ترتيب ڏنل شاهه سائينءَ جو رسالو پنهنجي نوعيت جو منفرد رسالو آهي. جنهن تي قاسمي صاحب جيڪو نور نچويو آهي. اهو پڻ سنڌي ادب، خاص ڪري لطيفيات جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙو آهي.
ڀلجان نٿو ته شاهه ولي الله اڪيڊمي به اسان کي قاسمي صاحب جو ڏنل تحفو آهي. جنهن پاران پڻ ڪيترو ئي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم سنڌ جي نصيب ۾ آيو آهي. اڄ جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ادب جي نصيب ڏانهن ڏسجي ٿو ته اڄوڪي اڻ وڻندڙ ادبي ڪلچر کان مايوسي ته ٿئي ٿي پر فخر به ٿئي ٿو ته اسان وٽ، قاسمي صاحب جهڙن عالمن، اديبن ۽ مُحسنن، خاص طور سنڌ جي خادمن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. جن سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب جي آبروءَ لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيو ۽ هڪ هڪ شخص پنهنجي عمر ۾ الڳ الڳ موضوعن تي ايترو ڏئي ويو آهي، جيترو پڙهڻ لاءِ اسان واري نسل کي هڪ کان وڌيڪ عمريون گهرجن.
رسول حمزه توف، پنھنجي ڪتاب منھنجو داغستان ۾، پنھنجي چاچي ابو طالب جي حوالي سان سچ چيو هو ته؛ ”جيڪڏهن اوهان ماضيءَ کي پستول جو نشانو بڻائيندا، ته مستقبل اوهان کي توب جو نشانو بڻائيندو.“ ائين آ ڀائيان ٿو ته اڄ اسان پنهنجي محسنن جي يادن کي تازو ڪري ۽ سندن ڪيل خدمتن جو اعتراض ڪندي، جيڪا ڀيٽا کين ڏيون ٿا، سا ڄڻ اسان پنهنجي مستقبل جي سنوارڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ٻيءَ طرح اڄ اسين سڀني حوالن سان جيڪي ڪجهه آهيون اهو سندن ئي ڏنل شعور جي ڪري آهي. هو اسان جو ورثو آهن، اسان جي روايت آهن، هڪ اهڙي مضبوط روايت جنهن تي اڄ جي جديد ادب جو محل اڏيل آهي. وسارڻ نه گهرجي ته ان محل جي سموري سونهن سوڀيا جو بنياد ان مضبوط روايت تي بيٺل آهي، انهيءَ ڪري اسان تي لازمي آهي ته اسان پنهنجي بنيادن کي محفوظ رکون ۽ انهن جي پرگهور لهون. جيڪو اسان تي فرض ٿئي ٿو. سائين قاسمي صاحب کي ياد ڪندي اسان فقط پاڻ کي اهو احساس ڏيون ٿا ته اسان زندهه آهيون ۽ روحاني طور هنن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان اوهان جي ڏسيل راهه تي هلي رهيا آهيون، اوهان جي ڏنل روشنيءَ کي سونهون بڻائي مسلسل سفر ۾ آهيون، پنهنجي وس ۽ وِتَ آهر. پر اوهان جي آسيس جي، رهنمائيءَ جي ضرورت اسان کي اڄ به اوتري ئي آهي، جيتري ماضيءَ ۾ هئي، ڇو ته اوهان ئي سنڌ کي اهو وکر ڏنو جيڪو پئي پراڻو نه ٿيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا