; سنڌي شخصيتون: عادل عباسي - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

عادل عباسي - رياضت ٻرڙو


عادل عباسي
رياضت ٻرڙو

عادل عباسي ڀلوڙ شاعر، نقاد ۽ محقق آهي. سندس ڄم-نالو عبدالحق ولد محمد آچر ’مجاهد‘ آهي. سندس والد پڻ شاعر ۽ سرگرم هاري اڳواڻ هو، جنهن جو سياسي تعلق سنڌ هاري ڪاميٽيءَ سان هو. عادل عباسي ۲ جنوري ۱۹۷۰ع تي، تعلقي وارهه جي ڳوٺ لعلو رائنڪ ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس اباڻي رهائش هئي. سندس والد جي ڪراچيءَ بدلي ٿي ته سڄو ڪٽنب ڪراچيءَ لڏي ويو، جتي عادل عباسيءَ پرائمري ۽ ثانوي تعليم حاصل ڪئي. هن بِي.اَي ۽  ايم.اَي. (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ ۲۰۰۰ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هو ۱۹۸۹ع ۾ ڪلارڪ طور بهبود آبادي کاتي ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو، ۱۹۹۳ع ۾ سندس بدلي باڊهه ٿي جتي رهائش پڻ اختيار ڪيائين. ان کان پوءِ هُو ٿورو وقت قنبر ۾ به مقرر رهيو، ۲۰۰۶ع کان هُو لاڙڪاڻي آفيس ۾ سينئر ڪلارڪ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ۲۰۰۶ع کان ئي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿائين. هتي هُو ريڊيو ڪمپيئر طور پڻ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام ڪري رهيو آهي.


عادل کي ادبي ۽ سياسي ماحول گهر ۾ ئي مليو. هن ۱۹۹۲ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي والد محمد آچر ’مجاهد‘ ڪئي. عادل عباسيءَ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني معروف صنفن ۾ لکيو آهي، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ، ڪهاڻيون، مهاڳ لکيا آهن ۽ ادبي، سياسي ۽ فڪري ليڪچر پڻ ڏنا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) ڪراچي شاخ ۽ س.ا.س باڊهه شاخ سان لاڳاپيل رهيو جنهن دوران سيڪريٽري، ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي پڻ رهيو. هُو جاڳرتا لٽرري فورم باڊهه سان پڻ سلهاڙيل رهيو ۽ ان جو سيڪريٽري به رهيو. کيس سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ڪراچي پاران ۲۰۰۰ع ۾ شاعر ايوارڊ ڏنو ويو.
عادل عباسيءَ جو سياسي سفر سجاڳ ٻار تحريڪ سان شروع ٿيو جنهن جو هُو ۱۹۸۲ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر رهيو. ۱۹۸۳ع ۾ هن باڊهه ۾ ايم آر ڊِي هلچل ۾ سرگرم حصو ورتو جنهنڪري سندس نالو به ايف آءِ آر ۾ درج ڪيو ويو. ۱۹۸۷ع ۾ لبيا تي آمريڪا حملو ڪيو جنهن ۾ ڪرنل قذافيءَ جي ڌيءُ شهيد ٿي وئي ته لطيف سنگت ۽ ٻين تنظيمن پاران احتجاج ڪندي، بندر روڊ ڪراچيءَ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ عادل عباسيءَ جي شرڪت سبب کيس اين جَي وِي اسڪول مان ٻن سالن لاءِ خارج (ريسٽيڪيٽ) ڪيو ويو پر پوءِ اهڙو آرڊر ٽن مهينن اندر اسڪول انتظاميا واپس ورتو. هُو لطيف سنگت اين جَي وِي اسڪول جو ۱۹۸۷ع ۾ صدر ۽ پوءِ جساف جو اين جَي وِي اسڪول ۱۹۸۹ع ۾ صدر به رهيو. ۹۳-۱۹۹۰ع دوران هُو جيئي سنڌ محاذ ضلعي ڏکڻ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري رهيو، جنهن کان پوءِ هُو باڊهه ۾ جسقم جو آرگنائيزر ۽ صدر به رهيو، گڏوگڏ سمورو عرصو مرڪزي ڪانگريس جو صدر به رهيو. ۲۰۰۵ع کان عادل عباسي سياسي سرگرمين کان پاسائتو آهي. سندس رهائش ٽينڪ چوڪ ڀرسان، لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا