; سنڌي شخصيتون: رياضت ٻرڙو - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

رياضت ٻرڙو - رياضت ٻرڙو


رياضت ٻرڙو
رياضت ٻرڙو

رياضت ٻرڙو شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، مترجم، ايڊيٽر، پبلشر، تعليمي، ادبي ۽ سماجي ڪارڪن/اڳواڻ آهي. هو نامور اديب ۽ کاهوڙي سپوت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ننڍو ڀاءُ آهي. رياضت علي ولد شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو ۲۷ فيبروري ۱۹۷۰ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر، انٽر سائنس ۱۹۸۸ع ۾ لاڙڪاڻي، فزڪس جي شعبي ۾ بِي.ايس سِي. (آنرز) ۽ ايم.ايس سِي (آنرز) ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي. هن ايليمينٽري ڊرائنگ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد پاران اليڪٽريڪل وائرنگ جو ڪورس پڻ ڪيو ۽ بِي.ايڊ (B.Ed) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر جِي لاڙڪاڻي برانچ مان پاس ڪئي، ۲۰۰۰-۱۹۹۹ع دوران ايم .يڊ (M.Ed) ساڳئي يونيورسٽي پاران، آف ڪئمپس پروگرام هيٺ مهراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان ڪئي ۽ ايم اي پرائيويٽ (سنڌي) ساڳئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪئي. هن فزڪس ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر ۾، ليڪچرار فزڪس طور سنڌ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ۽ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو، جنهن بعد هُو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، فزڪس ۾ ليڪچرار طور ۲۰۰۱ع ۾ گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر ۾ مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع کان وٺي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو.


هن لکڻ جي شروعات ۱۹۸۷ع ۾ ترجمن کان ڪئي. سندس لکڻين ۽ ترجمن جي سنوار ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي ۽ شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي سرمد چانڊيي ڪئي. سندس پهرين لکڻي ۱۹۸۸ع ۾ ڇپي. ۹۱-۱۹۹۰ع ۾ هُو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) سنڌ يونيورسٽي شاخ جو ميمبر ٿيو. ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ هُن س.ا.س شاخ قنبر کي، شمع منير سان گڏجي، سرگرم ڪرڻ لاءِ مشاعرو ڪوٺايو. ۱۹۹۱ع ۾ هن ڪجھ ليک ۽ ترجما قلمي نالا ”جفاڪش جنگجُو“ جي نالي سان به ڪيا. هن ۱۹۹۳ع ـــ ۱۹۹۴ع دوران سنڌ سائنس سوسائٽي ڄامشوري جي رسالي ماهوار ”سائنس“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. هُو ٽماهي رسالي ”صحت ۽ ماحول“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهيو. ۱۹۹۴ع ۾ سندس اٺن ڪهاڻين تي مشتمل مختصر ڪهاڻي-ڪتاب ”پيار جي ڪهاڻي“ ”ڏاهپ پبليڪيشن“ قنبر پاران پڌرو ڪيو. سيپٽمبر ۱۹۹۴ع ۾ هُو پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان کان پوءِ مارچ ۱۹۹۶ع ۾ ٻيو ڀيرو سيڪريٽري، ۱۹۹۷ع ۾ ٽيون ڀيرو سيڪريٽري، ۱۹۹۸ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري، ۱۹۹۹ع ۾ خزانچي، ۲۰۰۰ع ۾ چوٿون ڀيرو سيڪريٽري، ۲۰۰۲ع ۾ خزانچي، ۲۰۰۶ع ۾ پنجون ڀيرو سيڪريٽري ۽ ڪيئي سال ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي رهيو آهي. هن س.ا.س قنبر پاران ڪيترن ئي نون پروگرامن جي شروعات ڪئي. هُن فيبروري ۱۹۹۵ع ۾ سنگت قنبر پاران سلسليوار نيوزليٽر ”لکڻهار“ جاري ڪيو، جنهن جا ۵۰ شمارا پڌرا ٿيا، جن ۾ خاص نمبر به شامل هئا. ان نيوز ليٽر جو نالو پوءِ ”باک“ رکيو ويو، جنهن جا به ۱۴ شمارا پڌرا ٿي چڪا آهن. هن سنگت قنبر پاران ۲ ڪتاب پڻ ڇپرايا. هُو ۰۵-۲۰۰۴ع جي مُدي لاءِ سنڌ سنگت جي مرڪزي اليڪشن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي ڪامياب ٿِي، سنڌ سنگت جي تاريخ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو ۽ قنبر تعلقي جو پهريون جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿيو. سنڌ سنگت پاران هُو ”سنگت خبرنامي“ (۲۰۰۴ع) جو ايڊيٽر ۽ ٽماهي ”سنگت“ مخزن جو ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ رهيو.
هُن پنهنجن ويجھن دوستن سان گڏجي فيبروري ۱۹۸۹ع ۾ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“ قنبر جو بنياد رکي سائنسي، تعليمي ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪئي، جنهن جا پوءِ وقتاً فوقتاً نالا ’موهن جو دڙو سائنس اڪيڊمي‘، ’کيرٿر تعليمي ۽ سائنسي سٿ‘ ۽ ’کيرٿر سائنس اڪيڊمي‘ به رهيا. ان اداري جو هُو باني ميمبر ۽ وائيس چيئرمئن منتخب ٿيو، پوءِ چيئرمئن، صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي به رهيو. انهن تنظيمن پاران جاري ڪيل سائنسي پبليڪيشن ”سائنسي سوچ“ جو ايڊيٽر به آهي. انهن تنظيمن جون سرگرميون اپريل ۱۹۹۶ع تائين جاري رهيون، جنهن بعد ۲۰۰۷ع ۾ تنظيم جو نالو ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ رکيو ويو. کيس ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري منتخب ڪيو ويو. هُو پوءِ اڪيڊميءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري، فنانس سيڪريٽري، ۰۲-۲۰۰۱ع ۾ ٻيو ڀيرو جنرل سيڪريٽري، ۰۳-۲۰۰۲ع ۾ ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري، ۲۰۰۴ع ۾ چوٿون ڀيرو جنرل سيڪريٽري، ۲۰۰۵ع لاءِ پنجون ڀيرو جنرل سيڪريٽري ۽ سال ۲۰۰۶ع ۾ ڇهون ڀيرو جنرل سيڪريٽري، ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين ڊائريڪٽر ۽ ۲۰۱۲ع ۾ چيئرمئن منتخب ڪيو ويو. اڪيڊميءَ پاران سندس هڪ اهم ڪم ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ۱۵ ڪتاب سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ آهي. هُو اڪيڊميءَ جي ٽماهي نيوزليٽر ”جائزو“ جو ايڊيٽر به رهيو آهي، جنهن جو نالو پوءِ ”اڪيڊميڪا“ رکيو ويو. اڪيڊمي طرفان هن ۳۴ ڪتاب ڇپرايا آهن. هن ”سرت سڀا قنبر“ نالي سائنسي، تعليمي ۽ ادبي تنظيم جو بنياد ۱۹۹۳ع ۾ رکيو، پر هيءَ سڀا ستت ئي بند ٿي وئي.
رياضت ”ڏاهپ پبليڪيشن“ کان پوءِ ٻئي پبلشنگ اداري ”ڏاهپ اڪيڊمي“ قنبر جو بنياد ۱۹۹۵ع ۾ رکيو، جنهن پاران سندس لکيل سائنسي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل بڪليٽس ”سائنسي ڄاڻ“ (آڪٽوبر ۲۰۰۴ع)، ”سڄاڻ“ (نومبر ۱۹۹۴ع)، ”سائنسي معلومات“ (ڊسمبر ۱۹۹۴ع)، ”سائنسي سوال-جواب“ (عبدالخالق ميڻي سان گڏ) (آڪٽوبر ۱۹۹۵ع) ۽ نامور شاعر سرمد چانڊيي جو شعري مجموعو ”ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت“ ڇپيا. هن لاڙڪاڻي ۾ ۲۰۱۰ع ۾ ”ڏاهپ پبليڪيشن“ جو بنياد پڻ رکيو، جنهن پاران ۱۰ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. رياضت ٻرڙو ۰۴-۲۰۰۳ع دوران ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو ميمبر رهيو. هُو ۲۰۰۵ع ۾ ”قنبر-شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو باني ميمبر پڻ رهيو. هاڻ هو ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جو ميمبر پڻ آهي. هُو ”آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي“ جو ۲۰۰۹ع کان ميمبر آهي ۽ ”انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻي“ جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي.
سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”شام جي هوا“ آگسٽ ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو شعرِي ڪتاب ”ديوانِ رياضت“ آڪٽوبر ۲۰۰۵ع ۾ ڇپيو. رياضت ٻرڙي جا ٻيا هيٺيان ڪتاب پڌرا ٿيل آهن:
1.   گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم (مرتب. محمد ادريس راجپوت جا مضمون. ۲۰۰۴ع)
2.   تحفو (مرتب. حَسن علي هَڪڙي جون ڪهاڻيون. جنوري ۲۰۰۶ع)
3.   قنبر: هڪ اڀياس (ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ. ڊسمبر ۲۰۰۶ع)
4.   چانڊوڻا چمڪن (مرتب. سنگت قنبر جي ۱۵ شاعرن جو انتخاب. ۲۰۰۷ع)
5.   موسى کان مارڪس تائين (ڊاڪٽر محبت سان گڏ مترجم. ۲۰۱۰ع)
6.   ڏات ڏيئا ٻاريا (مرتب. لاڙڪاڻي ضلعي جي ۱۴ شاعرن جو انتخاب. ۲۰۱۰ع)
7.   ڏاهپ جو جنم (ڊاڪٽر محبت سان گڏ مترجم. ۲۰۱۱ع)
8.   ڏيئا ڏيئا ڏات (مرتب. لاڙڪاڻي ضلعي جي وڌيڪ ۱۶ شاعرن جو انتخاب. ۲۰۱۲ع)
کيس سنگت قنبر پاران ڪرايل ڪهاڻي ويهڪن ۾ مختلف ڪهاڻين تي تعريفي سندون ڏنيون ويون آهن. کيس سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران بهترين ڪهاڻيڪار جي تعريفي سند، ۲۰۰۰ع ۾ عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران نامور اديب تنوير عباسيءَ تي مقالو لکڻ تي ”ٻيو ڊاڪٽر تنوير عباسي ادبي ايوارڊ“ ۽ تعريفي سند ڏني وئي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران ۲۰۰۴ع ۾ شيلڊ ڏني وئي.
رياضت ٻرڙو ۲۰۰۹ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش پروفيسرس ڪالوني ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا