; سنڌي شخصيتون: عزيز منگي - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

عزيز منگي - رياضت ٻرڙو


عزيز منگي
رياضت ٻرڙو

عزيز منگي ڀلوڙ شاعر، صحافي ۽ ريڊيو ڪمپيئر آهي. عبدالعزيز منگي سنڌ جي نالي واري اديب ۽ صحافي هدايت منگيءَ جو پٽ آهي. عزيز ۱۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي (سنڌي)، بِي ايڊ جي تعليم پرائڻ سميت پِي.ٽِي.سِي پڻ ڪئي آهي. هُو نومبر ۱۹۹۰ع کان وٺي استاد طور سينٽ جوزف هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان پڻ لاپاڳيل آهي.


عزيز لکڻ جي شروعات سائين هدايت منگيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ ۱۹۸۴ع ۾ ڪئي. سندس پهريون نظم ماهوار ”گل ڦل“ ۾ ۱۹۸۴ع ۾ ڇپيو. هن لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو آهي. هُن ”عزيز هدايت منگي“ ۽ ”عينميم“ جي نالن سان پڻ لکيو آهي. هُو ۱۹۸۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) شاخ بگي جو ميمبر ٿيو، ۱۹۹۰ع ۾ س.ا.س شاخ ڏوڪريءَ سان وابسته ٿيو ۽ ۱۹۹۴ع کان س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي ۽ ٽنهي شاخن ۾ مختلف عهدن تي سرگرم ادبي ڪارڪن رهيو آهي. کيس س.ا.س ڏوڪري شاخ پاران بهترين ڪارڪن ۽ بهترين شاعر جي شيلڊ ملي ۽ س.ا.س مرڪز پاران ضلعي لاڙڪاڻي جي بهترين شاخ طور س.ا.س ڏوڪريءَ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ايوارڊ وصول ڪيو. عزيز ”ساٿي ٻارڙا سنگت“ تعلقي ڏوڪريءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي ۽ مُهين جو دڙو اڪيڊميءَ جو ۲۰۰۷ع کان باني ميمبر ۽ چيئرمئن طور سلهاڙيل آهي. عزيز ۱۹۹۱ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش ايئر پورٽ روڊ تي واقع مينهل آباد ڪالونيءَ ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا