; سنڌي شخصيتون: ڪوڙل قربدار - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

ڪوڙل قربدار - رياضت ٻرڙو


ڪوڙل قربدار
رياضت ٻرڙو

ڪوڙل قربدار عوامي لهجي وارو شاعر آهي. ڪوڙل قربدار جو ڇٺيءَ نانءُ ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون آهي. هُو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۱ع تي، ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ۲۰۰۲ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ پرائمري تعليم جي استاد طور ڳوٺ حاجي لاشاري مغيري، يونين ڪائونسل جيئڻ ابڙي، تعلقي قنبر ۾ پڙهائي رهيو آهي.


هن شاعريءَ جي شروعات نعتيه شاعريءَ سان ۱۹۸۹ع ۾ ڪئي. هُو زوردار آواز سان شعر پڙهندو آهي. هن چَوسٽا، غزل، گيت، ڪافيون، وايون ۽ نظم وغيره سرجيا آهن. شاعريءَ ۾ سندس استادَ پيرل قنبر، خير محمد ’سوز‘ ٻرڙو ۽ سرمد چانڊيو آهن.
سندس سياسي تعلق جساف يونٽ ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊيي (۹۸-۱۹۹۷ع) سان رهيو. هُو بزم-پيرل قنبر شهدادڪوٽ (۹۸-۱۹۹۷ع) جو ميمبر رهيو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جو ۲۰۰۳ع کان ميمبر آهي جنهن جو ۲۰۱۱ع ۾ ڪائونسلر به رهيو. هو ۲۰۰۶ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش منظور آباد محلي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا