; سنڌي شخصيتون: مختيار سمون - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

مختيار سمون - رياضت ٻرڙو


مختيار سمون
رياضت ٻرڙو

مختيار سمون سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ نامور استاد آهي. مختيار احمد ولد حڪيم يار محمد سمون ۱۸ آگسٽ ۱۹۶۰ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ، ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۶ع ۾ ۽ بِي ايڊ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۹۱ع کان وٺي سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهائي رهيو آهي. هن ۱۹۹۲ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تعليمي اداري ناليج سينٽر جو بنياد رکيو، جنهن جو ڊائريڪٽر آهي.


مختيار سمي ۱۹۷۴ع ۾ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ سان شروعات ڪئي. سندس تمام گھڻي شاعري، ڪالم ۽ مضمون ڇپجي چڪا آهن. هن شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم سرجيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”دنيا آهي گول“ (شاعري-۱۹۸۳ع)، ”ڌرتي روشن ٿيندي“ (شاعري-۱۹۹۰ع)، ”وفائون منتظر آهن“ (شاعري-۱۹۹۷ع) ۽ ”عورت: حق، حيثيت ۽ تشدد“ (ترتيب ڏنل مضمون-۲۰۰۸ع) شامل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري به رهيو آهي، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو پڻ هُو ڪيترو وقت سرگرم سيڪريٽري رهيو آهي. هو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ چائيلڊ رائيٽس ڪاميٽي لاڙڪاڻو سان پڻ سلهاڙيل آهي. سندس رهائش لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا