; سنڌي شخصيتون: عيسى ميمڻ - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

عيسى ميمڻ - رياضت ٻرڙو


عيسى ميمڻ
رياضت ٻرڙو

عيسى ميمڻ نوجوان شاعر آهي. هن مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. محمد عيسى ولد اللھ ڏنو ميمڻ ۹ جولاءِ ۱۹۸۵ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ کوهاري ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي (۲۰۰۶ع) ۽ ايل.ايل.بِي (۲۰۰۷ع) جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۲۰۱۰ع ۾ رشيد وڳڻ هاءِ اسڪول ۾ استاد (JST) مقرر ٿيو. هينئر شيخ زيد ڪالوني ۾ پڙهائي پيو.


هن ۲۰۰۰ع ۾، شاعريءَ سان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. هن ٻاراڻو ادب به لکيو آهي. کيس ۲۰۰۰ع ۾ ٻاراڻي ادب ۾ ”بهترين ليکڪ ايوارڊ“ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڏنو ويو. هُو ۰۷-۲۰۰۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) ضلعي لاڙڪاڻي جي نيوز ليٽر ”سنگت سماچار“ جو جوائنٽ ايڊيٽر ۽ ۲۰۰۷ع کان وٺي موهن جو دڙو اڪيڊمي جي ترجمان رسالي ”سمبارا“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. هُو ۹۹-۱۹۹۸ع کان س.ا.س شاخ ڏوڪريءَ سان لاڳاپيل آهي، جنهن جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي رهي چڪو آهي. کيس ۲۰۰۴ع ۾ س.ا.س ڏوڪري پاران بهترين ورڪر شيلڊ ڏني وئي. هُو موهن جو دڙو اڪيڊمي سنڌ (لاڙڪاڻي) جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري رهڻ سميت ايڪٽِـوِ اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ڏوڪريءَ جو صدر رهيو آهي ۽ سياسي طور ۲۰۰۰ع کان وٺي جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) سان لاڳاپيل آهي.
عيسى ميمڻ جو ڪٽنب ۱۹۸۸ع ۾ ڏوڪريءَ ۽ ۲۰۰۹ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش لاهوري محلي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا