مرزا قليچ بيگ
علمائن جو سج ۽ سنڌي ادب جو ابو
حاڪم چانڊيو
شمس العلماءُ حضرت مرزا قليچ بيگ، پنهنجي پونئرن کي يقينًا اڄوڪي
ڏينهن تي ئي نه هر وقت ياد هوندو، پر سنڌي ادب جي شاگردن ۽ سنڌي ادبي ادارن توڙي
سرڪار کان به ته نه وسرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ سرڪاري نوڪري
هوندي به سنڌي علم ۽ ادب لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪنهن کان ڳجهو يا لڪل نه آهي. نه
ئي وري شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج آهي. سنڌي
زبان ۽ سنڌي ادب کي ڪتابي سرمايي سان مالا مال ڪرڻ جو سهرو سندس ئي سر تي آهي.
مرزا قليچ بيگ تحرير جي ميدان ۾ هر فن موليٰ هو. سندس شخصيت جي اهم
خوبي هي سمجهي وئي آهي ته پاڻ پهريون سنڌي عالم، اديب، شاعر ۽ دانشور آهي جنهن نثر
۽ نظم ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيا. سنڌيءَ سميت عالمي ادب ۾
شايد ئي ڪو اهڙو اديب يا شاعر هجي جنهن ايترا سارا ڪتاب لکيا هجن. مرزا قليچ بيگ
سٺو ۽ اعليٰ پائي جو شاعر هجڻ ڪري پنهنجي پيدائش جي تاريخ پنهنجي شاعري ۾ هن طرح
بيان ڪئي آهي.
پيدا آ
محرم ۾ ٿيس، چوٿين هئي تاريخ،
واويلا ۽ هي هي جي، مون ٻولي ٻڌي، روئيندي قليچ.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا، اصل ترڪمانستان جي شهر تفليس
سان تعلق رکندڙ هئا. ۱۷۹۷ع ڌاري روس ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ جنگ دوران، شمس العلماءُ
حضرت مرزا قليچ بيگ جو نانو ۽ والد، جنگي قيدي بنجي ايران پهتا. جتان پوءِ ايراني
شهنشاهه جي طرفان سنڌ جي تڏهوڪي حڪمران مير ڪرم علي خان ٽالپر کي تحفي طور ڏنا ويا.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي خاندان بابت پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ هن طرح لکي ٿو ته؛ ”ڏسڻ ۾ ايندو ته نانو مرزا خسرو
بيگ (مرحوم) ، بابو مرزا فريدون بيگ (مرحوم) ۽ مرزا قربان علي بيگ (مرحوم) اهي ٽئي
ڄڻا گرجي هئا. هن ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهندا هئا........ اسان جا وڏا گرجستان مان آيا
جو ملڪ ترڪستان ۽ ايران جي پاسي ۾ آهي..... مير صاحبن، هنن کي ”مرزا“ سڏيو“ ۽ ”مرزا“ ايران ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ واري يا منشي کي چوندا
آهن......... حيدرآباد ۽ سنڌ ۾ ڪن ٻين هنڌن تي به مرزا آهن پر اهي گرجي ناهن. پر اهي
مغل آهن، جن جا وڏا شايد دهلي جي پاسي کان آيل هوندا...... پر پٺيان ”بيگ“ جو لفظ اسان
جي مائٽن جي نالن پٺيان انهي ڪري پيو جو تُرڪ شمار ڪيا ويا هئا ۽ استنبول ۾ رهيا
هئا ۽ سنڌ ۾ اچڻ وقت به ترڪي ڳالهائيندا هئا، ٿوري پارسي به........ حقيقيت ۾ اسان
جا گرجي مائٽ نڪي ايراني هئا ۽ نه ڪي ترڪي هئا. سرڪاشين پاچرڪس نسل جا ماڻهو هئا ۽
جارجيا، تفليس ۽ ٻين آسپاس جي شهرن جا ويٺل هئا. هو ڪرسچن يا عيسائي مذهب جا هئا ۽
روس جي رعيت هئا، ٻولي به ترڪي ڳالهائيندا هئا.“
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو نانو جڏهن سنڌ ۾ آيو ته ان قوت هن جي
عمر ڏهه سال هئي. ڪجهه عرصي کانپوءِ مرزا قليچ بيگ جو والد فريدون بيگ سنڌ آيو ۽
اچي مرزا خسرو بيگ سان گڏ رهڻ لڳو. ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي پريت ٿي وئي، تنهن ڪري لکڻ
پڙهڻ جو ڪم به گڏجي ڪندا هئا. ڪجهه عرصي کان پوءِ مرزا فريدون بيگ جي خسرو بيگ جي
نياڻيءَ سان شادي ٿي، جنهن مان الله تعاليٰ کيس 7 پٽ ۽ ٻه نياڻيون عطا ڪيون. سندس
پٽن مان شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ٽيون نمبر پٽ هو.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي والد ۽ ڀائرن وانگر شروع کان
هوشيار هوندو هو. هُن وڏن ڀائرن سان گڏ ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ خانگي مڪتب ۾ آخوند شفيع
محمد وٽان قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو. ان کان پوءِ حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ
ويٺو. جتي سنڌيءَ سان گڏ پارسي ۽ عربي جي تعليم پڻ حاصل ڪيائين.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب، پنهنجي استاد مرزا حيرت بيگ کان
تصوف جي تعليم پڻ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي تصوف تي سولي سنڌيءَ ۾ هڪ بهترين ڪتاب به لکيائين.
ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران انگريزي زبان جي ايتري ڄاڻ حاصل ڪيائين جو انگريزيءَ ۾ شعر
چوڻ لڳو. فارسيءَ ۾ هوشيار هئڻ ڪري، پروفيسر حيرت جي سفارش تي کيس بي اي پاس ڪرڻ
کان اڳ فيلو مقرر ڪيو ويو، جتي هو هيٺين ۽ مٿين ڪلاسن کي فارسي پڙهائيندو هو.
مرزا قليگ بيگ طبيعت ۾ شريف، ايماندار هڏ-ڏوکي ۽ سخي مرد هو. عالمن ۽
شاعرن جي گهڻي عزت ڪندو هو. پنهنجن عزيزن قيبن، دوستن، ساٿين سان ڀلائيءَ جا ڀيرا
پيو ڪندو هو. مرزا قليگ بيگ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سائو پن، ڪارو پنو“ ۾ پنهنجي طبيعت
هن طرح بيان ڪري ٿو؛ ”ننڍي هوندي مون کي خوش طبعي، مسخري ۽ چرچي بازي ڪرڻ جي عادت
هوندي هئي. مسخريون به تمام گهڻيون ڪندو هوس، جنهن ڪري گهر جا ڀاتي توڙي ٻيا
ملاقاتي گهڻو کلندا هئا.“
پنهنجي نوڪريءَ بابت مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته؛ ”نوڪري ايمانداري سان
ڪندو هوس، جيتوڻيڪ سرڪاري حڪم جي پوري تعميل ڪندو هوس ته به ٻيءَ مخلوق تي رعيت تي
انصاف، رحم ۽ مهرباني جي نظر رکندو هوس. سرڪاري قائدو ڪهڙو به سخت هوندو هو ته به
انهيءَ جي تعميل دل جي ميل تي تعلق رکي ٿي، نرمي ڪرڻ گهرندو ته نرم ٿيندو ۽ جي سخت
ٿيڻ گهرندو ته سخت ٿيندو.“
وڌيڪ لکي ٿو ته؛ نوڪريءَ دوران ڪنهن سان ڪا خاص دوستي نه رکي ۽ نه ڪنهن
سان خاص دشمني رکي.....، معافي گهرڻ تي اڪثر معافي ڏيندو هوس پر جي ڪنهن جي برخلاف
ڪجهه چيو يا ڪجهه ڪيو هوندو ته انهيءَ سان وير رکي نقصان نه پهچايو هوندم. ڪنهن کي
گارگند عمر ڀر نه ڏنم ۽ نه ڪي چڙ ۾ اجايو سجايو ڳالهايو هوندم. جي اتفاق سان چڙ
مان بدمعاش يا بيوقوف چئي ويٺو هوندس، ته پوءِ پشيمان ٿيو هوندس. مرزا قليگ بيگ
صاحب، مذهبي اصولن جو پرو پابند هو پر منجهس مذهبي ڪٽرپڻو نه هو. اهو ئي سبب آهي
جو هن جيڪي به ڪتاب لکيا، انهن ۾ اسلامي تعليم، تصوف، اسلامي اخلاقيات، پيار ۽
محبت جي پرچار ڪيل آهي.
مرزا قليگ بيگ صاحب، ادبي حوالي سان جيڪي خدمتون سر-انجام ڏنيون انهن
کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هُن سنڌي اردو، فارسي، ترڪيءَ ۾ به پنهنجون خدمتون
سر-انجام ڏنيون. پر جيڪا خدمت ھن سنڌي ادب جي ڪئي، سا سونهري اکرن ۾ لکيل آهي. اهو
ئي سبب آهي جو مرزا قليگ بيگ صاحب، سنڌي ادب جو ابو سڏيو ويندو آهي. محمد ابراهيم
جويو صاحب پنهنجي هڪ تقرير ۾ مرزا قليگ بيگ کي پورهيت اديب ڪري ڪوٺيو آھي. آهي به
سچ ائين. مرزا قليگ بيگ، سڄي ڄمار قلمي پورهيو ڪندو رهيو. سندس سوانح عمريءَ مان
پتو پوي ٿو ته پاڻ پهريون ڪتاب سن ۱۸۷۰ع ۾ لکيائين. ان وقت سندس عمر صرف ۱۷ سال
هئي. آخري ڪتاب 1928ع ۾ لکيائين. اهڙيءَ ريت مرزا قليگ بيگ پنهنجي زندگيءَ جا سڄا
سارا ۵۸ سال قلمي پورهيو ڪندي گذاريا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو مرزا قليگ بيگ ۴۵۷
ڪتاب لکيا. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سنڌي عالم، توڙي ادبي اداري ايتري تعداد ۾ ڪتاب
نه لکيا يا ڇپرايا هوندا.
مرزا قليگ بيگ صاحب لاءِ اهو اعزاز آهي جو هو، هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ
مڃائي اول نمبر رهيو. ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ سان دلچسپي هجڻ ڪري ۴۵۷ ڪتاب
لکيائين. تنهن ڪري کيس ”شمس العلماءُ“ يعني علمائن جو
سج جو لقب مليو. واحد سنڌي آفيسر هو جنهن کي نوڪريءَ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ، سرڪار
طرفان ۵۰۰ ايڪڙ زرعي زمين نواب شاهه ۾ ڏني وئي. پاڻ پهريون سنڌي ليکڪ هو جنهن هر صنف
۽ موضوع تي سڀ کان پهرين طبع آزمائي ڪئي. جنهن ۾ ناول نگاري، ڊراما نگاري، سوانح
عمري، سفرنامه، لسانيات وغيره شامل آهن. پاڻ پهريون سنڌي شخص هو جيڪو سنڌي،
انگريزي، اردو ۽ عربي کان سواءِ ۱۵ ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو. جن ۾ گجراتي، مرهٽي،
هندي، فارسي، تڪري، پشتو، پنجابي، سرائيڪي، سنسڪرت، ڍاٽڪي ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا