; سنڌي شخصيتون: پريتم قاضي - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

پريتم قاضي - رياضت ٻرڙو


پريتم قاضي
رياضت ٻرڙو

’پريتم‘ قاضيءَ جو نانءُ ادبي ۽ آرٽسٽڪ حلقن ۾ هڪ شاعر ۽ هڪ مصور طور ڄاتل سڃاتل آهي. ’پريتم‘ جو ڇٺيءَ نانءُ سڪندر آفتاب قاضي آهي. هُو نالي واري مصور ۽ انجنيئر قاضي خضر حيات جو پُٽ آهي. پريتم ۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تي، تعلقي رتي ديري جي شهر نئين ديري ۾ پيدا ٿيو. هن سِوِل ۾ بِي.اِي، بِي.اَي، بِي.ايڊ، اَي.ٽِي.سِي ۽ اَي.ايم.سِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ گذريل ۱۶ سالن کان تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور فرض نڀائي رهيو آهي.


هُو شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. ’پريتم‘ جي ادبي رهنمائي نالي واري شاعرن قاضي مقصود گل (سندس چاچو) ۽ عبدالحڪيم ارشد ڪئي آهي، جڏهن ته مصوريءَ ۽ خطاطيءَ ۾ رهنمائي قاضي خضر حيات ڪئي، جنهن نوابشاهه ۾ سندس نالي سان ”سڪندر آرٽ گئلري“ پڻ قائم ڪئي آهي، جتي هُو ڪيتري ئي وقت کان رهندڙ آهن. ’پريتم‘ جي شاعريءَ جو مجموعو ”احساسن جا عڪس“ ۲۰۰۵ع ۾ ڇپيو. هن عبدالحڪيم ارشد جا شعري مجموعا ”آجپي جي گيت جھڙي شاعري“ (ڇپيل) ۽ ”ٽٽل عڪس سونهن جا“ پڻ مرتب ڪيا آهن ۽ ٽه-ماهي ”مڃتا“ رسالي ۽ رتي ديري مان نڪرندڙ ٻارن جي رسالي ”گلدستو“ سان به سلهاڙيل آهي. هُو سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه شاخ جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا