محمد فقير مسخرو
او ادا، او ڀائو،
ٿورو هيڏانهن......!!
نصير مرزا
اصل ۾ اِن پاسي مون کي ڪي ٽي اين جو ڊائريڪٽر نور جوکيو وٺي ويو هو.
ڪيڏانهن!؟ جادو واري شهر دادوءَ ڏانهن. جنهن جي ڊگري ڪاليج واري وڏي گرائونڊ تي
ڪوئي ميوزڪ ڪنسرٽ هو ۽ ظاهر آهي اُتي آئون سير سپاٽي جي خيال سان نه، شو کي ڪنڊڪٽ
ڪرڻ جي لاءِ ويو هئس. هيءُ نما شام جهڙو ڪوئي وقت هو ۽ ”شو“ شروع ٿيڻ ۾ ڇاڪاڻ ته
اڃا ڪو وقت هو، تڏهن سوچيم.. ڇو نه ان ڪلراٺي گرائونڊ جي چوڦير ڪي چڪر ٻڪر ئي ڏيئي
وٺان....اڙي هان؟ هي ڇا!...گرائونڊ ۾ گهمتاريون ڏيندي ڏيندي اوچتو ڀاسيم، ڄڻ دنيا
جي چوٿين ڪنڊ ۾ اچي نڪتو آهيان ۽ جنهن طرف نگاهه ٿي کنيم، کٻڙن جا گهاٽا گهاٽا وڻ
هئا ۽ ٻيو، قبرون ئي قبرون، قبرون ئي قبرون....تڏهن سوچڻ لڳس يا منهنجا موليٰ،
دادو شهر جي وچ ۾ هيءَ ڇا ماجرا....۽ هي هيڏو قبرستان هتي اچي ڪٿان ويو؟ پوءِ خبر
پئي! هو ئي ته آهي هن شهر جو وڏي ۾ وڏو ”لعل هنديءَ وارو مُقام..“ ته بس ان مُقام
۾ موجود قبرن جي ڀرسان، وڻن مان ڇڻيل سڪل پتن تي پير رکندو، اڳتي وڌندو پئي ويس،
جو پويان کان ڪو پراسرار آواز ٻڌم... او ادا.... او ڀائو.... او جاني....او سهڻا....او ريڊيي وارا....۽ هيڏانهن
هي آئون جيڪو ازلي ابدي ڊڄڻو آهيان ۽ جيڪو قبرستانن مان لنگهندي اصل ئي مڙي ناهيان
ڏسندو، ڪلمي پاڪ جو ورد ڪري نيٺ ڊڄي، ڊڄي جان کڻي جو مُڙي ڏسان ته هڪڙيءَ قبر جي
ڪتبي تي نگاهه پئجي ٿي وڃيم، لکيل هو سنڌ جو يگانو مزاحيه فنڪار محمد فقير (مسخرو)
هن لحد ۾ ابدي آرامي آهي، ۽ ان نالي هيٺان لکيل هو، تاريخ وفاتِ ستاويهين فيبروري
اوڻيهه سو پنجاسي. وڌي وڃي سندس قبر جي پيرانديءَ کان جو بيٺس ته لڳم، پنهنجن ئي
ٺاهيل کيڪار وارن ٻولن سان کيڪاريندي چويم پيو؛
خوش آهين، چڱو ڀلو، تازو تڪڙو
ڀت کانئين توڻي ماني، منهنجا جاني
تڏهن محمد فقير جي تربت وٽ بيٺي بيٺي مون سوچيو، نما شام وقت هن
قبرستان ۾ فقير صاحب جي لحد ڏسڻ جي حيرانگي ۽ لطف ته ٿيو پنهنجي جاءِ تي، پر فقير
صاحب کي مون روبرو به ته، نه صرف ڏٺو، پر کيس ٻڌو به ته هو ۽ اهو اوڻيهه سئو
چوراسيءَ جو سال هو ۽ پاڻ سيد صالح محمد شاهه واري فتح خان جي اوطاق تي آيل هو.
مٿي تي اوچي نوڪدار ٽوپي، بدن تي اڇا اجرا، پر اڌوراڻا ڪپڙا...قداور مڙس، پر ڪُلها
سندس ٿورا جهلڪيل. ڪچهريءَ ۾ توڻي جو هيٺ مائيڪ آڏو، غاليچي تي پلٿي ماري ويٺو، پر
ڊگهي قد ۽ اوچي ٽوپي باعث، سڀني ۾ ڄڻ نمايان پاڻي ئي پئي نظر آيو. پروگرام شروع
ٿيو ته حسب دستور هنن سٽن سان آغاز ڪيائين:
”اول ۾ الله ڀلو،
سيوهڻ ۾ شهباز ڀلو،
پلي ۾ پلاءُ ڀلو،
پڪو لولو سوڪ ڀلو،
ڄاڃين ۾ گهوٽ ڀلو“.
اهڙي گفتار بعد هاڻي صالح محمد شاهه عرف فتح خان کيس ٽوڻو هنيو؛
”ته چئبو....فقير صاحب.... نيٺ پوڙهو ٿي وئين!“
تڏهن يڪدم ئي چيائين: ”اي جهونا پوڙهو ٿيو هوندين تون، آئون ته
نوجوان ئي اڃا ڪالهه ٿيو آهيان. طاقت اٿئي، ته اُٿي کڙو ٿي ملهه ته وڙهي ڏيکار مون
سان....“ ۽ ائين ڪندي محمد فقير اُٿي بيهي هٿ ۾ جهليل لٺ سان ملهه ملاکڙو وجهي،
اُن کي ڦيرائي ڦيرائي ۽ گهمائي گهمائي، ”آ“ ڪري پٽ تي جو کڻي ان کي ڦهڪايائين ته،
پسورائي ڏيکاريندي هيٺ پيل لٺ ڏانهن اشارو ڪندي، چوڻ لڳو: ”اهو اٿئي جهونو فتح خان
(۽ کڻ پنهنجي ڀاءُ کي)“ هاڻي فتح خان کان پوءِ محمد فقير، ڪچهريءَ جي ڪمدار
(عبدالحق ابڙي) تي حملا شروع ڪيا؛
”اکيون ٿئي يا بلور،
ٻانهون ٿئي يا ڀيلن جون بندوقون،
مڇون ٿئي يا جهڙا ٻه ڪنگلا سائيڪل ڪاهيون وڃن،“
۽ محمد فقير جي اهڙن دل بهار گفتن تي هيڏانهن ڪچهري وارا هئا، جو
کليو کليو کيرا پئي ٿيا. ائين آڱوٺي ۽ اشهد آڱر کي گڏي، ان مان خيالي سرميداڻي ۽
ٻئي هٿ جي وچين آڱر سان سرائي ٺاهي، مُٺ مٿان ڇنڊڪو ڏيئي پوءِ ان آڱر کي اکين ۾
سرائي وانگر ڦيرائي سينگار ڪرڻ واري جيڪا هو اداڪاري ڪندو هو، ته سندس ان ٽوٽڪي کي
ڏسي به شادين جي ڇنن ۾ ويٺل، عورتن توڻي مردن ۾ کلن جا اصل ڪوڪريا پئجي ويندا هئا.
ياد اٿم ڪنهن وقت، مون هڪڙو ڪتاب پڙهيو هو، ”دادو تعلقي جو ماضي ۽
حال“. اُن ۾ پڙهيو هئم ته اوڻيهه سؤ ٽيونجهاهه ڌاري هڪ جلسي ۾ تڏهوڪي گورنر کيس
ويجهو سڏي پڇيو هوس؛ ”چئه فقير تنهنجي ڇا خدمت ڪجي؟“
وراڻيائينس: ”آڌي مانجهيءَ جو ڪنهن پروگرام پڙي تان موٽان ٿو، ته
ٻيڙيءَ ٻُڏا پوليس وارا، مون کي ڏاڍو تنگ ٿا ڪن، انهن کان بچاءَ لاءِ اهڙو ڪو مون
کي تعويذ لکي ڏيو، جو تنگ نه ڪن.“
تنهن تي گورنر صاحب چيس ته؛ ”چڱو پوءِ اڳو پوءِ تو کي ئي ٿا کڻي
صوبيدار بڻائي ڇڏيون.“
ٺهه ٺپ وراڻيائين؛ ”صاحب! اها صوبيداري رکو پاڻ وٽ، مون کي منسٽر ڪري
ڇڏ، جو آئون به انهن ئي وانگر اڻ پڙهيل آهيان.“ محمد فقير جي ان خوش گفتاري جو اثر
پوءِ اهو ٿيو، جو گورنر صاحب سندس فرزند غلام رسول کي نوڪري ۽ سندس گذر سفر لاءِ
کيس دادو ۾ سورنهن ايڪڙ زمين عطا ڪري ڇڏي. صرف مزاحيه گفتائي نه، محمد فقير، اسٽيج
تي بيهي پڪا راڳ به زبردست ڳائيندو هو. ان ڪري کيس پيار ۾ سڏبو ئي پيو هو ”خانصاحب
محمد فقير (مسخرو).“ خاص ڪري راڳ پُوريا ڌناسريءَ سان ته اهڙي ڪار ڪندو هو، جئن
مشهور محاوري مطابق: ”ڪو ٻرڙو ڪري ٻارن سان.“ تانون پلٽا هڻندي، پاڻ کي بيٺي بيٺي
اهڙو ته وٺي کڻي ڌوڻيندو هو، جو ڀانئبو هو ته جهڙو هيلي پيڊ تان ڌوڙ اڏائيندو اجهو
ٿو ڪو ئي هيلي ڪاپٽر هوا ۾ اڏامي.
چون ٿا ته؛ علڻ فقير، جيڪو اصل پاڻ کي ”مسخرو علڻ فقير آزاد چڪر
وارو“ سڏائيندو هو، محمد فقير کان شاگردي وٺڻ ويو، ته چيائينس؛ ”ڪجهه چئي ٻڌاءِ
بابا.“ تڏهن علڻ، ڪجهه ڳائي جو ٻڌايس ته، يڪدم چيائينس: ”تون بابا ”رس“ وارو فقير
ٿو ڏسجين! ان ڪري هنڀوڇيون هڻڻ ڇڏ ۽ وڃي ڳاءِ...وڄاءِ ۽ ڪماءِ.... “
پر هي محمد فقير، پاڻ ڪير مڙس هو ۽ سندس ذات پات ڇا!؟ لغاري! ۽ هڪ
اندازي مطابق اوڻويهه سؤ چوويهن ڌاري جوهي تعلقي جي ڳوٺ وارياسي ۾ ڄائو هو، ۽ پوءِ
دادو جي مزدور محلي ۾ سدائين لاءِ آباد ٿي اچي ويٺو. ڪنهن وقت سندس هڪڙي ڀائيٽي
مون کي ٻڌايو هو ته، محمد فقير جي والده ماجده ”لاڏائو قبيلي“ جي هڪ بروهي نياڻي
هئي، جيڪا هو لغارين کي ڏيئي اتان هليا ويا آهن (۽ اها ڳالهه ٻڌي مون ان ئي وقت
سوچيو هو؛ پڪ سان هيءَ ڇوڪري هجي نه هجي، جمال ابڙي صاحب جي مشهور افساني پيراڻيءَ
واري ئي ڇوڪري پيراڻي هوندي) ۽ هي محمد فقير، جيڪو هر اسٽيج ۽ هر شاديءَ جي ڇني ۾
پڄاڻيءَ وقت، جيڪي نصيحت ڀريا نڪتا يا عقل ڀريا گفتا ورجائيندو هو، سي ھيءُ آھن:
هٿ نه وجهجي سر ۾،
نانگ نه وجهجي ور ۾،
۽ ڌاريو نه ٽڪائجي گهر ۾.
اهڙن گفتن بعد، چوڻ هو لڳندو هو؛
ڪڻڪ کري ته ڌڻڪ ڪري،
جوئر کري ته ڪاڻي ڪري،
زال کري ته گهر نه ڪري،
گهوڙو کري ته گهه ڪري،
بادشاهه کري ته ظلم ڪري،
وڏيرو کري ته جيئن وڻيس تيئن ڪري.
محمد فقير
آڳاٽي دور جو لوڪ فنڪار
غلام حسين لغاري
سنڌ جي آڳاٽي دور ڏانهن نگاهه
وجهبي ته سنڌ پنهنجي دور ۾ مختلف ميدانن ۾ ڪيترا ئي لوڪ فنڪار پئدا ڪيا، جن سنڌ جي
ماڻهن کي پنهنجي لوڪ فن جي مختلف اندازن سان وندرايو. پوءِ اهي موسيقي سان واڳيل رهيا
يا وري کل ڀوڳ جا بادشاهه رهيا ۽ هن وقت به سندن اهو فن ۽ انداز سنڌ جي ماڻهن جي
دلين تي راڄ ڪري ٿو.اهڙن ئي لوڪ فنڪارن ۾ ناليوارو منفرد لوڪ محمد فقير به شامل آهي،
جنهن جي اڄ ۲۸ فيبروري تي ۳۳ هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
محمد فقير مسخرو عرف سروٽو فقير
جي نالي سان سڃاتو ويندڙ لوڪ ڀوڳائي ۱۹۱۴ع ڌاري دادو لڳ جوهي تعلقي جي ڳوٺ وارياسو ۾ هڪ
پورهيت هاري چاڪر خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. مرحوم محمد فقير مزاحيا فن جي سکيا
اٽڪل ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ قاضي عارف ۾ رهندڙ پنهنجي مامي
پرئي ڀوڳائي کان ورتي جيڪو پنهنجي وقت جو لوڪ ڀوڳائي هو، جڏهن هن مزاحيا فن جي شروعات
ڪئي ته هو ٻين ڀوڳائين جهڙوڪ عبدو فقير، خميسو فقير، دلو فقير، پوپٽ فقير، ڀليڏنو فقير،
چارڻ فقير، نفير سنگهه، مٽر فقير، اسماعيل فقير، محمد پلهه، خان صاحب بيگو خان ۽ ٻين
نالي وارن ڀوڳائين سان گڏ ميلن ۽ ملاکڙن ۾ وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو،
جيڪي ان وقت جا ڀوڳائي سڏيا ويندا هيا. جڏهن ريڊيو ۽ ٽي وي جو دور شروع ٿيو ته کيس
ڪچهري پروگرامن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ شهرت ماڻي.
حضرت لعل شهباز قلندر، شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رح ۽ ٻين اوليائن جي عرس شريف جي موقعن تي منعقد ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن ۾
به کيس گهرايو ويندو هو. پاڻ ۱۹۴۴ع ڌاري
دادو لاڙڪاڻي لائين تي ريل گاڏين جي مسافرن کي به وندرائيندو هيو جنهنڪري مسافرن
جو سفر سٺو گذرندو هو. مرحوم محمد فقير جڏهن مزاحيه فن ۾ پير پاتو هو ته پاڻ نڪورو
اڻ پڙهيل هو پر پاڪستان ٺهڻ بعد ۱۹۵۵ع ۾ مزدورآباد محلي دادو جي پرائمري اسڪول ۾
اٽڪل ۴۰
سالن جي ڄمار ۾ داخلا ورتي جتان ست درجا پاس ڪيا.هن
فنڪار کي اهو به اعزاز رهيو جو هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو رسالو به ياد ڪيو ۽
پنهنجي مزاح دوران شاهه جي بيتن وسيلي ماڻهن کي محبت ۽ پيار جو درس به ڏيندو رهيو..
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بطور
پرڏيهي وزير ۽ وزيراعظم، سنڌ جي وڏن وزيرن هرهڪ پير الاهي بخش، عبدالستار پيرزادو،
محمد ايوب کهڙو، گورنر دين محمد شيخ، وفاقي وزير اطلاعات پير علي محمد راشدي، مير
غلام علي ٽالپر، گورنر سنڌ مير رسول بخش
ٽالپر، صوبائي وزير ڄام صادق علي ۽ عبدالوحيد ڪٽپر، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلرز
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سيد غلام مصطفي شاهه
۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شخصيتن آڏو هن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري نه صرف مڃتا
حاصل ڪئي پر کيس نقد ۽ سرٽيفڪيٽن کان علاوهه اڳوڻي گورنر شيخ دين محمد کيس ۱۲ ايڪڙ زرعي زمين گذاري لاءِ ڏني هئي جيڪا هن وقت به سندس پونئيرن جي گذران
جو ذريعو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن وزيراعظم بڻيو ۽ سنڌ جي مڙني فنڪارن جي
فلاح ۽ بهبود لاءِ ماهوار وطيفن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته کيس به ان سان نوازيو
ويو پر وفات بعد اهو وظيفو ثقافت کاتي جي آمر ڪامورن اهو بند ڪري انتهائي بي حسي
جو مظاهرو ڪيو جيڪا انتهائي شرم جهڙي ڳالهه هئي. وظيفو بند ٿيڻ ڪري هن لوڪ فنڪار
جي ورسي سندس پونيئر پنهنجي خرچ تي سادي نموني ملهائي ثقافت کاتي جي بي حسي تي
ماتم ڪندا آهن.
سنڌ جو هي لوڪ ڀوڳن پنهنجي جاءِ
تي پر حقيقت ۾ کل ڀوڳ جي يونيورسٽي مثل هو جنهن جي انداز گفتگو ۾ بي حيائي شامل نه
هئي پر هو پنهنجي ڀوڳن ۽ انداز گفتگو کي اصلاح طور استعمال ڪندو هو. کيس سنڌ جو
جيڪڏهن ٻيو وتايو سڏجي ته به غلط نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته سندس ڀوڳن وارن گفتن گهڻن
ماڻهن کي زندگي امن، صبر ۽ ڀائيچاري جيان گذارڻ جو پڻ احساس ڏياريو..
مرحوم جي فرزندن پنهنجي والد جي
وصيت موجب شهر جي لال هندي قبرستان ۾ ان جي مزار جي تعمير ڪرائي جتي سندس مداح وقت
ڪڍي سندس مغفرت لاءِ دعاگو ٿيندا آهن. افسوس جي اها ڳالهه آهي جو هن لوڪ جي وفات
کي ۳۳ سال گذري چڪا آهن پر سنڌ جي ثقافت
کاتي ڪڏهن به کيس ياد ناهي ڪيو يا ان جي مڃتا ۾ ڪڏهن ڪو پروگرام منعقد ڪيو هجي وري
به شابس هجي، دادو جي سنڌي ادبي سنگت جي دوستن ۽ ڪجهه مزاحيا فنڪارن، صحافين ۽ ليکڪن
کي جيڪي ورسي جي موقعي تي گڏ ٿي سندس مزار تي گلن جي ورکا ڪندا ڪري کيس لفظن جي
ڀيٽا ڏيندا آهن.
محمد فقير مسخرو دادو وارو
حاجي غلام حسين لغاري
محمد فقير مسخرو عرف
سروٽو فقير جو نالو سنڌ جي انهن نالي وارن مزاحيه لوڪ فنڪارن ۾ ٿئي ٿو جن مزاح کي سنجيدگي
۽ شائستگي جي انداز ۾ پيش ڪيو ۽ پنهنجو نالو ڪڍرائي امر بڻجي ويا. محمد فقير ان دور
جو مسخرو هو جنهن دور ۾ مزاح کي انتهائي عزت ڀري نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽ هر شادي
مرادي و خوشي جي موقعي تي ڀڳتن، راڳين ۽ مسخرن کي چاهه سان گهرايو ويندو هو ۽ هن
پنهنجي ٽوٽڪن يا وري مسخري وسيلي ڪنهن جي به دل آزاري نه ڪئي ۽ فقيراڻو انداز
اختيار ڪيو. وقت جا وزير ۽ ڪامورا به پنهنجي فنڪشنن ۾ مسخرن کي گهرائي پنهنجي دل
کي وندرائي پنهنجي اندر جو بوج هلڪو ڪندا هئا.محمد فقير فن کي ۵۰ سال ارپيا.هو وڏو سالڪ،شاه جو سمجھو،راڳ جو ڄاڻو ۽ سگھڙ هو. محمد فقير ۱۹۲۴ ڌاري دادو ضلعي جي تعلقي جوهي جي هڪ ڳوٺ وارياسو ۾ هڪ هاري چاڪر خان لغاري
جي گهر ۾ جنم ورتو. هي ڳوٺ دادو لڳ ڪجهه چئن ميلن جي مفاصلي تي هن وقت به واقع آهي
جتي سندس ڄمڻ وارو هنڌ هڪ ٿلهي جي صورت ۾ اڃا به موجود آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته جڏهن
پاڻ ڄائو هو ته هو روئڻ بدران کلندي ڄائو هو ۽ سندس والد ۽ والده کيس کلندي ڏسي پاڻ
به ٽهڪ ڏئي کلندا رهيا. هن عظيم فنڪار جو والد چاڪر خان لغاري سندس ولادت جي ڪجهه سالن
بعد لاڏاڻو ڪري ويو جڏهن ته سندس والده جيڪا هڪ لاڏائو بروهي قبيلي سان لاڳاپيل
هئي ۱۹۸۵ ۾ هن عظيم مزاحيه فنڪار جي لاڏاڻي جو صدمو نه سهندي اٽڪل هڪ سئو سالن جي
لڳ ڀڳ ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان موڪلائي وئي.
مرحوم محمد فقير
جڏهن مزاحيه فن ۾ پير پاتو هو ته پاڻ نڪورو اڻ پڙهيل هو. جيئن ته کيس ڪو به ڀاءُ
نه هو ۽ سندس سئوٽ ئي سندس ڀاءُ برابر هيا تن کي ۱۹۵۵ ۾ مزدورآباد محلي دادو جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ لاءِ ويو ته کيس کي
به پڙهڻ جو شوق جاڳيو ۽ سئوٽن سان گڏ اٽڪل
۳۰ سالن جي ڄمار ۾ پاڻ به داخلا ورتائين جتان هن سنڌي فائينل جو امتحان پاس
ڪيائين. سنڌ جو سينئر وزير پير مظهرالحق هن هن عظيم فنڪار جو ڪلاس فيلو به رهي چڪو
آهي. فائينل پاس ڪرڻ بعد هن فنڪار کي اهو به اعزاز رهيو جو هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح جو رسالو به ياد ڪيو جنهن لاءِ هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم، ممتاز علي مرزا مرحوم
۽ شيخ اسماعيل مرحوم جي به رهنمائي حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ هن انگريزي ڪا نه پڙهي هئي پوءِ
به هو پنهنجي مزاح ۾ ڪڏهن ڪڏهن انگريزن جو به نقل ڪري ويندو.
مرحوم محمد فقير مزاحيه
فن جي سکيا اٽڪل ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي مامي پرئي کان وٺڻ شروع ڪئي جيڪو
پنهنجي وقت جو هڪ لوڪ مسخرو هو پر پنهنجي ڳوٺ قاضي عارف تعلقي ميهڙ تائين محدود
هيو. جڏهن سندس والد گذاري ويو هيو ته پاڻ پنهنجي ڳوٺ وارياسي ۾ پنهنجي چاچي جڙيو
خان وٽ پلجندڙ لڳو جڏهن ته سندس امڙ پنهنجي ڀاءُ پرئي وٽ ڳوٺ قاضي عارف ۾ رهندي هئي
۽ پاڻ پنهنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ مامي وٽ ويندو هو ته مامو کيس مزاحيه انداز ۾ پيش
اچي کيس مزاحيه فن جي ڄڻ ته سکيا ڏيندو هو جتان هن پنهنجي اندر ۾ مزاح کي داخل ڪري
هن فن جي باقائده شروعات ميهڙ ۽ دادو جي ڳوٺن مان ڪئي ۽ شهرت ماڻيندو ويو. جڏهن ۱۹۴۲ واري ڪاري ٻوڏ آئي ۽ دادو شهر کي خطرو لاحق هيو ته پاڻ ڪوڏر کڻڻ بدران
مرکپور وٽ تعمير ٿيندڙ بند تي ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ رضاڪارن کي مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌائي
وندرائيندو هو جنهنڪري وقت جي سرڪاري ڪامورن ۾ مرحوم جي ڪافي عزت پئدا ٿي. جڏهن هن
مزاحيه فن جي شروعات ڪئي ته هو ٻين مسخرن جهڙوڪ عبدو فقير، خميسو فقير، دلو فقير،
پوپٽ فقير، ڀليڏنو فقير، چارڻ فقير،نفير سنگهه، مٽر فقير،اسماعيل فقير، محمد پلهه ۽
ٻين نالي وارن مسخرن سان گڏ ميلن ۽ ملاکڙن ۾ وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو. جڏهن
ريڊيو ۽ ٽي وي جو دور شروع ٿيو ته کيس وري انوقت جي قادو شيدي ماتلي واري ۽ حيدرآباد
جي پلپلي سان گڏ فن جو مظاهرو ڪيو، پاڻ ۱۹۴۴ ڌاري دادو لاڙڪاڻي لائين تي ريل گاڏين جي مسافرن
کي به وندرائيندو هيو. مرحوم محمد فقير جي اها روايت هئي ته پاڻ دادو شهر يا ٻين شهرن
۾ جڏهن به وڃڻ ٿيندو هوس ته شام جو چڱن ڀلن ماڻهن جي اوطاقن تي وڃي انهن جي ڪچهرين
۾ ويهي سٺا گفتا ڪندو ۽ ٻڌندو هو
مرحوم محمد فقير سنڌ
جي واحد نالي واري مزاحيه فنڪار طور مڃتا
حاصل ڪئي ۽ وڏي انگ ۾ انعامات حاصل ڪيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بطور پرڏيهي وزير،
سنڌ جي وڏن وزيرن هرهڪ پير الابخش، عبدالستار پيرزادو، محمد ايوب کهڙو، گورنر دين
محمد شيخ، وفاقي وزير اطلاعات پير علي محمد راشدي، مير غلام علي ٽالپر، گورنر سنڌ مير رسول بخش ٽالپر، صوبائي وزير ڄام صادق علي ۽
عبدالوحيد ڪٽپر،سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلرز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام
مصطفي شاهه ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شخصيتن آڏو هن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري نه صرف مڃتا
حاصل ڪئي پر کيس نقد ۽ سرٽيفڪيٽن کان علاوهه اڳوڻي گورنر شيخ دين محمد کيس ۱۲ ايڪڙ زرعي زمين گذاري لاءِ ڏني هئي، جيڪا
هن وقت به سندس پونئيرن جي گذران جو ذريعو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن وزيراعظم
بڻيو ۽ سنڌ جي مڙني فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ ماهوار وطيفن ڏيڻ جو سلسلو شروع
ڪيو ته کيس به ان سان نوازيو ويو پر وفات بعد سندس بيوهه کي ملندڙ اهو وظيفو آمرن جي
دور ۾ ثقافت کاتي جي آمر ڪامورن اهو بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته هن عظيم فنڪار جي بيوهه
هن وقت به لڳ ڀڳ ۹۰ سالن جي ڄمار ۾ بيماري جي بستر تي پيل آهي.
مرحوم محمد فقير ۲۸ فيبروري ۱۹۸۵ ۾ ساهه جي تڪليف سبب هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم کي دادو شهر جي مشهور قبرستان لال هندي ۾ مٽي ماءُ حوالي
ڪيو ويو جتي سندس جو مقبرو آهي ۽ وڏي انگ ۾ سوالي سوال کڻي دعا گهرڻ لاءِ به ايندا
رهن ٿا. هڪ ڳالهه جو جيڪو فقدان آهي سو اهو آهي ته سندس ڪنهن به پونئير مرحوم جي فن
کي اڳتي نه وڌايو يا وري سنڌ ثقافت کاتي پاران مرحوم جي پونئيرن جي ڪا سارسنڀال
لڌي وئي يا سندس مڃتا طور ڪو ڏينهن ملهايو ويو. مرحوم پنهنجي پويان هڪ بيوهه ۽ ٽي
پٽ ڇڏيا. سندس پٽن مان وڏو پٽ ائنٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر ۽ ٻيو نمبر غلام علي
لغاري روينيو کاتي ۾ مختيارڪار آهي جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍو غلام مصطفي لغاري پنهنجي والد
جي انعام ۾ حاصل ڪيل زمين آباد ڪري رهيو آهي. مرحوم جو وڏو سئوٽ غلام حسين لغاري
پاڻ هڪ ليکڪ ۽ صحافي هجڻ سان گڏوگڏ زراعت
کاتي جو ڊ ڊئريڪٽر اطلاعات ۽ ٽريننگ رهڻ سان گڏ هن ريڊيو پاڪستان جي زرعي پروگرام
کيتي سر کيتي لاءِ سون جي انگ ۾ مزاحيه فيچر پڻ لکيا آهن. مرحوم جو سئوٽ غلام حسين
لغاري مرحوم جي ڪيل وصعت موجب سنڌ جي فنڪارن سان پنهنجي ويجهائپ رکيو پيو اچي ۽
انهن جي فلاح بهبود لاءِ ڪافي سرگرم رهي ٿو. مرحوم جي شاگردن ۾ ڪوٽڙي وارو مزاحيه
فنڪار مٺو ڪافي پاڻ مڃايو آهي جڏهن ته دادو وارو رشيد چارڻ جيڪو سندس ڌاڳي ٻڌل شاگرد
ناهي پر سندس ڀر ۾ رهي ڪافي ڪجهه پرايو ۽ هن وقت سنڌ جي مڃيل مزاحيه فنڪار طور
سڃاتو وڃجي ٿو. دادو جو حضور بخش گوپانگ به مرحوم جي شاگرد طور سڃاتو وڃجي ٿو
جنهنجا گفتا ۽ گفتار اها ساڳي آهي جيڪا مرحوم جي هئي. سنڌ جي واين جو بادشاهه مرحوم علڻ فقير به مزاحيه
فن ۾ اچڻ لاءِ مرحوم محمد فقير وٽ پهتو هو پر هن کيس ڌاڳي ٻڌڻ بدران کيس اهو چئي
واپس ڪيو ته علڻ منهنجي دعا آهي ته تون شاهه سائين جي ذڪر ۾ پنهنجي زندگي گذارين
تنهنڪري تون وڃي ڳاءُ ۽ وڄاءُ. اهائي مرحوم جي دعا هئي جنهن علڻ فقير کي سنڌ جو نالي
وارو ڳائڻو ڪيو. مرحوم محمد فقير پنهنجي
زندگي ۾ هڪ ٻه نه پر هزارن جي انداز ۾ ٽوٽڪا تيار ڪيا ۽ عوام کي وندرائڻ ۽ خوش ڪرڻ
لاءِ ٻڌايا جن مان هڪ اڌ هن ريت آهن.
(۱) دادو ۾ مقرر ٿيل ڪنهن ڊپٽي ڪمشنر جيڪو فارسي
ڳالهايندڙ هو تنهن هڪ سنڌي ڳوٺاڻي کي پنهنجي گهوڙي جي سارسنڀال لاءِ مامور ڪيو. هڪ
ڏينهن جڏهن هو گهوڙي کي درياهه تي وٺي ويو ۽ گهوڙي پير ترڪڻ سبب درياهه ۾ ٻڏي مري
وئي ته پاڻ مايوسي وارو منهن ڪري واپس بنگلي تي جيئن پهتو ته مالڪ گهوڙي نه ڏسي کائنس پڇا ڪئي ته ڪجا بودي يعني
گهوڙي ڪٿي آهي. جنهن تي نوڪر وراڻيو ته وئي سنجن سودي. مالڪ نوڪر جي ڳالهه نه
سمجهندي وري کائنس پڇا ڪئي ته چمي گوئي يعني ڇا ٿو چوين. نوڪر وراڻيس ته ائين پئي ڦري
جيئن ڀت ۾ ڏوئي. مالڪ نيٺ خفا ٿي چيس ته چي ڪردي يعني ڇا ٿو ڪرين جنهن تي نوڪر
معصوميت ۾ وراڻيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب ماڻهو ڪٺا ڪندين ته ڇو نه نڪرندي.
(۲) ڪنهن وٽ ڪو مهمان ورلي اچي نڪتو ۽ سڻڀا
کاڌا ڏسي موٽڻ جي ڳالهه ئي نه پيو ڪري جنهن تي گهر ڀاتي تنگ اچي ٿيا ۽ انهن نيٺ دال
پچائڻ شروع ڪئي ته من مهمان هاڻ هليو وڃي. دال کائي کائي جڏهن تنگ ٿيو ته پاڻ ورڻ
جي ڪيائين ۽ ميزبان کي ٻڌايائين ته ڀائو پاڻ صبح جو هليا وينداسين ۽ اها ڳالهه ٻڌي
ميزبان صبح جو پلو وٺي آيو ته اڄ منجهند جو پچائي ڪو پيٽ ڀرينداسين ۽ مهمان وري پلو
ڏسي دل ۾ چيائين ته اهو پچي ته کائي پوءِ وڃان پر گهرڌياڻي پڪو پهه ڪيو ته مهمان
وڃي ته پوءِ ٿي پلي ۾ هٿ وجهان. مهمان پلي کي ڏسندو ۽ تڪيندو رهيو ۽ جهن ڏٺائين ته
مائي سڳوري پلي ۾ هٿ ئي نٿي وجهي ته رڙ ڪري چيائينس ته ادي اهو پلو آهي. جنهن تي
گهرڌياڻي وراڻيو ته ادا پلو ناهي ته ڪو کلو آهي. مهمان اهو ٻڌي ڍڪرجي ويو. وري ٿوري
دير ترسي ٻيهر پڇا ڪيائين ته ادي اهو ڀلا پچندو يا نه جنهن تي مائي سڳوري ڪاوڙ مهانڊي
ٿي جواب وراڻيو ته ادا پچندو نه ته ڪو وري نچندو. همراهه وري به ڍڪرجي ويو ۽ نيٺ تنگ
ٿي چيائينس ته ادي ڀلا مون کي به کائڻ لا ملندو يا نه. گهر ڌياڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي
تيل سان ڀڳل ڏنڊو ۽ رسو هٿ ۾ کڻندي وراڻيس ته هي به ڪي کارائڻ جا پار آهن. جيئن ئي
مائي سندس ڀر ۾ پهتي ته همراهه پوتڙو ڇنڊي جيئن ئي ٻاهر ڀڳو ته ميزبان چيس ادا ترس
پلو ته کايو وڃ. مهمان رڙ ڪري چيس ته ادا تو وارو ورت پلو ته کڻي کاوان پر تو واري
مائي جو تيل ۾ ڀڳل ڏنڊو کائڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي.
(۳) هڪ ڀيري محمد فقير جو لنڊن وڃڻ ٿيو. لنڊن جي
موسم ڪجهه جهڙالي هوندي آهي جنهن ڪري سج ۽ چنڊ ڪو ورلي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هڪ ڀيري
پاڻ ۱۰ ڊائوننگ اسٽريٽ وٽان لنگهيو ته برطانوي پارليامينٽ جا ٻه وزير پاڻ ۾ پئي
وڙهيا ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن ڪا موسم صاف هئي ۽ سج نڪتل هو ۽ ٻئي ڄڻا بضد هيا. هڪ پئي چيو
ته اهو سج آهي ۽ ٻئي پئي چيو نه اهو چنڊ آهي. جڏهن محمد فقير سندن ڀر ۾ آيو ته
ٻنهي ڄڻن کيس بيهاري کائنس پڇا ڪئي ته جينٽل مين ٽيل اس ويڌر ديٽ از مون آر سن يعني
ٻڌاءُ ته اهو سج آهي چنڊ. محمد فقير ڏٺو ته ٻئي ڄڻا وزير آهن سو به هن ملڪ جا ڪٿي منهنجي
جواب تي ويتر نه چڙي پون ۽ ڪرائين اندر سو هن وچ وٺندي کين جواب ڏنو ته پليز مي
آلسو اسٽرينجر هيئر سو آءِ ڊونٽ نو ويڌر ديٽ از سن آر مون. يعني مان پاڻ هتي پرديسي
آهيان خبر ناهي ته اهو سج آهي يا چنڊ.
مرحوم محمد فقير
مسخرو پنهنجي فن جي شروعات من ڪبت اول ۾ الله ڀلو، ماري به الله ڀلو ته جياري به الله
ڀلو ۽ شاهه جي ڪجهه بيتن سان ڪندو هو جيڪي محفل ۾ ويٺلن کي هن فقير ڏانهن متوجهه ڪندا
هيا. اسانجي دعا ته سنڌ ۾ مزاحيه فن کي فروغ ملي ته جيئن سنڌ جي پراڻن مسخرن جي روايت
۽ مزاح زنده رهي. آمين. ضرورت ان ڳاله جي آهي ته محمد فقير جهڙن
فنڪارن جا ڏينهن تقافت کاتو ملهايي، هن فن جي سهايتا ڪري.
(حاجي غلام
حسين لغاري جي ٿورن سان).
(حاجي شھمير احمد آخوند جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ جون ۲۰۲۰ع تي کنيل)
محمد فقير
ماڻهن جي چهرن تي مرڪون
پکيڙيندڙ مسخرو
غلام حسين لغاري
اوائلي دور ۾ سنڌ
جي ماڻهن ۾ مرڪون ونڊيندڙ لوڪ مسخري محمد فقير جي اڄ ۲۸ فيبروري تي ۳۸ هين ورسي آهي، جيڪا انتهائي سادگي سان
ملهائجي رهي آهي. بزرگ هستيءَ جو لقب ماڻيندڙ هن لوڪ مسخري جي مزار دادو شهر جي مک
لال هندي قبرستان ۾ آهي، جتي اڪثر ماڻهو گل ۽ چادرون چاڙهيندا آهن. اڄ به اهو
سلسلو جاري رهندو. جن به هن مسخري جي مسخري وارو انداز ٻڌو آهي سي کيس سنڌ جو ٻيو
وتايو ڪري به سڏين ٿا.
جڏهن اسٽيج ناٽڪن
جو دور نه هو، ميلا ملاکڙا ۽ شادي وارا ڪاڄ ئي اسٽيج طور ليکيا ويندا هئا، ان وقت
جا لوڪ مسخرا ميلن ملاکڙن ۽ شاديءَ جي ڪاڄن ۾ پهچي ماڻهن کي پنهنجي منفرد ڀوڳ چرچن
سان کلائيندا هئا ۽ مسخرن جو کلائڻ وارو انداز به پنهنجو ۽ منفرد هوندو هو ۽ گهڻو ڪري
فضيلت ڀريا ڀوڳ چرچا ڪندا هئا. ان وقت جي مسخرن جي سڃاڻپ چمڙي جي ٺهيل ڊگهي ٽوپي
هوندي هئي جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ گل لڳل هوندو هو جنهن کي ڏسڻ شرط ماڻهو ٽهڪ ڏيڻ
شروع ڪندا هئا. اهي پٽاپٽي پاجاما ۽ پتلون پائيندا هئا. ميلن ملاکڙن ۾ اهي دهلڙي هٿ
۾ کڻي وڃائيندا هئا ته جيئن شائقين متوجهه ٿي سندن آکاڙي تي پهچن. مسخرا ميلن ملاکڙن
کان علاوه ريل گاڏين، بسن ۽ هوٽلن جي ڇتين تي پهچي به ماڻهن کي پنهنجي منفرد انداز
۾ کلائيندا هئا.
محمد فقير مسخرو به
ان دور جو مسخرو هو جنهن ۱۹۱۴ع ڌاري دادو لڳ جوهي تعلقي جي ڳوٺ وارياسو ۾ هڪ پورهيت
هاري چاڪر خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. هن مزاحيه فن جي سکيا اٽڪل ڏهن ٻارهن
سالن جي عمر ۾ بروهي قبيلي سان تعلق رکندڙ ڳوٺ قاضي عارف ۾ رهائش پذير پنهنجي مامي
پرئي مسخري کان ورتي جيڪو پنهنجي وقت جو لوڪ مسخرو هو. محمد فقير جڏهن مزاحيه فن
جي شروعات ڪئي ته ان وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عبدو فقير، خميسو فقير، دلو فقير،
پوپٽ فقير، ڀليڏنو فقير، چارڻ فقير، نفير سنگهه، مٽر فقير، اسماعيل فقير، محمد
پلهه ۽ ٻيا مسخرا به هوندا هئا. جڏهن ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جو دور شروع ٿيو ته ان وقت
قادو شيدي ماتلي وارو، حيدرآباد جو جي ايم پلپلي، ٽنڊوآدم جو بيگو خان، ڪنڊولاشاري،
جوهي جو آچر لاشاري ۽ ٻيا مسخرا به منظرعام تي آيا جن به پنهنجي مختلف اندازن سان
لوڪ مزاح کي هٿي وٺرائي. محمد فقير مسخري جي سڃاڻپ ۱۹۴۴ ع ڌاري دادو لاڙڪاڻي لائين تي ريل گاڏين جي
مسافرن کي وندرائڻ سان ٿي ۽ اها وڌندي رهي جنهنڪري مسافرن جو سفر سٺو گذرندو هو.
مرحوم محمد فقير جڏهن مزاحيه فن ۾ پير پاتو هو ته پاڻ نڪورو اڻ پڙهيل هو پر پاڪستان
ٺهڻ بعد ۱۹۵۵ع ۾ مزدورآباد محلي دادو جي پرائمري اسڪول ۾ اٽڪل ۴۰ سالن جي ڄمار ۾ داخلا ورتي جتي سنڌ جو اڳوڻو
سينئر وزير پير مظهرالحق هن عظيم فنڪار جو ڪلاس فيلو ٿي رهيو. ست درجا پاس ڪرڻ بعد
هن فنڪار کي اهو به اعزاز مليو جو هن شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جو رسالو به ياد ڪيو،
جنهنڪري ريڊيو پاڪستان جي لوڪ ڪچهريءَ ۾ مڃتا حاصل ٿي ۽ مهيني ۾ ٻه ڀيرا کيس
گهرايو ويندو هو تڏهن آرٽسٽ کي صرف پنجاهه رپيا معاوضو ملندو هو.
مرحوم محمد فقير سنڌ
جي لوڪ مسخري طور مڃتا حاصل ڪئي ۽ وڏي انگ ۾ انعامات حاصل ڪيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
بطور پرڏيهي وزير ۽ وزيراعظم، سنڌ جي وڏن وزيرن هرهڪ پير الابخش، عبدالستار
پيرزادو، محمد ايوب کهڙو، گورنر دين محمد شيخ، وفاقي وزير اطلاعات پير علي محمد
راشدي، مير غلام علي ٽالپر، گورنر سنڌ مير رسول بخش ٽالپر، صوبائي وزير ڄام صادق
علي ۽ عبدالوحيد ڪٽپر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلرز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سيد
غلام مصطفي شاهه ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شخصيتن آڏو هن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري نه صرف
مڃتا حاصل ڪئي پر کيس نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽن کان علاوهه اڳوڻي گورنر شيخ دين محمد
کيس ۱۲ ايڪڙ زرعي زمين گذاري لاءِ ڏني هئي، جيڪا هن وقت به سندس پونئيرن جي گذران
جو ذريعو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن وزيراعظم بڻيو ۽ سنڌ جي مڙني فنڪارن جي
فلاح و بهبود لاءِ ماهوار وظيفن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته کيس به ان سان نوازيو
ويو پر وفات بعد سندس بيوهه کي ملندڙ اهو وظيفو ثقافت کاتي جي آمر ڪامورن اهو بند ڪري
ڇڏيو هو جيڪا پڻ کاتي جي بي حسي سبب ترت انتقال ڪري وئي.
سنڌ جو هيءُ لوڪ
مسخرو پنهنجي جاءِ تي پر حقيقت ۾ کل ڀوڳ جي هڪ يونيورسٽي مثل هو، جنهن جي انداز
گفتگو ۾ بي حيائي شامل نه هئي پر هو پنهنجي مسخري ۽ انداز گفتگوءَ کي اصلاح طور
استعمال ڪندو هو. کيس سنڌ جو جيڪڏهن ٻيو وتايو سڏجي ته به غلط نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته
سندس مسخري جي گفتن گهڻن ماڻهن کي بهتر زندگي امن، صبر ۽ ڀائيچاري سان گذارڻ جو پڻ
احساس ڏياريو. هن وقت سنڌ جا لوڪ مسخرا گهڻي ڀاڱي ناهن رهيا سندن جاءِ اسٽيجي
مسخرن والاري آهي، جن جو هن دور جي لحاظ کان قدر ڪيو ۽ کين ٻڌو وڃي ٿو. البته
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسٽيجي مسخرا ڀلي پنهنجي جاءِ تي هجن پر لوڪ مسخرن کي به
ڳولهڻ گهرجي انهن جي حوصله افزائي ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته لوڪ مسخري سنڌ جو هڪ ورثو
آهي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
محمد فقير مسخرو
ظرافت جو شهنشاھ
رجب آزاد
سال ۱۹۷۴-۷۵ع ۾
منهنجو مامو ميان محرم خان سولنگي جيڪو دادوءَ ۾ تپيدار هو. سندس رهائش مزدور آباد
محلي ۾ هڪ ڪرايي جي جاءِ ۾ هئي، جيڪا محمد فقير جي ذاتي ملڪيت هئي. ان جڳھ کان
اولھ طرف هڪ گهٽي ڇڏي ٻيءَ گهٽيءَ ۾ محمد فقير جن جا گهر هئا.
وئڪيشن جي ڏينهن ۾
ماما وٽ اچڻ ٿيندو هو ۽ ٻئي مهينا اتي ئي گذاريندو هيس. اڪثر ڪمين ڪاريين به مامو
گهرائي وٺندو هو، گهڻو وقت رهڻ ڪري پاڙي ۾ لنڊ برادري جا هڪ جيڏا دوست ٿيا.گهر جي ڀرسان
پرائمري اسڪول ۽ اسڪول لڳ مسجد هوندي هئي.
مسجد شريف جي پٺ ۾
مينهون خان ڪاسائيء جي هوٽل هوندي هئي، جتان کير ۽ چانهن وٺندا هياسين. ان هوٽل تي
ڪيترائي دفعا محمد فقير کي ويٺل ڏٺوسين ۽ سندس ڪچهرين مان مزو ورتوسين. مزاح ته الڳ
پر، سنجيده ڪچهريء وقت پاڻ بلڪل سنجيده گفتگو ڪندو هو.
سائين شفيع محمد
سولنگي، سائين علي احمد قريشي ۽ سائين تاج صاحب وٽ به فقير سائينء سان ڪجه
ملاقاتون ٿيون، کيس پروگرامن ۾ به پرفارم ڪندي ڏٺوسين، بلڪل به بافضيلت انداز ۽ ڪا
به ڍلا ياڇسا لفظ نه، بلڪل سنجيده ظريفاڻو انداز، ممڪن آ ته عام ميلن ۾ فقير به
عام مسخرن جيان، ڪجه ولگر لفظن جو سهارو وٺندو هجي، والله اعلم بالصواب.
محمد فقير سنڌ جي
مسخرن ۾ تمام وڏو ۽ معتبر نالو آهي، جنهن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن مان قادر بخش
مٺو به هڪ آهي. فقير سائينءَ جا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي به متعدد پروگرام نشر ٿيا، جيڪي
بيحد پسند ڪيا ويا.
محمد فقير شرناء به
وڄائيندو هو ته سٺو ڳائي وڄائي به سگهندو هو کيس راڳداريء جي به چڱي خاصي ڄاڻ هئي،
پر فقير سائين انهن کان به مزاح جو ڪم وٺندو هو ۽ خلق کي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو
هو.
محمد فقير لغاري (محمد
مسخرو) محمد فقير جو اصل نالو محمد خان ولد چاڪر خان لغاري آهي. سندس والد ڳوٺ ۾
هارپو ڪندو هو.
ظرافت جي فن سبب
محمد مسخرو (مشڪرو) جي نالي سان مشهور ٿيو. کيس سروٽو فقير به ڪوٺيو ويندو هو.
محمد فقير جو جنم ۱۹۱۴ع
ڌاري جوهي تعلقي جي ڳوٺ وارياسي ۾ ٿيو. جتان لڏي اچي دادوءَ جي مزدور آباد محلي ۾
رهائش اختيار ڪيائين. کيس مزاح سان دلچسپي ڪيئن ٿي ان بابت ايترو ته سندس مامو
محمد پريل المعروف (پريو مسخرو) جيڪو سندس مسخريء جي فن ۾ سندس استاد آهي، ان سان
گڏجي ميلن ملاکڙن ۾ وڃڻ ڪري کيس به ظرافت جو شوق ٿيو، ان وقت سندس عمر تيرهن چوڏهن
سال کن مس هئي.
محمد فقير مسخرو پڙهيل
لکيل بلڪل ڪو نه هو، پر سندس گفتگو جي انداز مان ڀاسندو هو ته ڄڻ هو گهڻو نه، ته، ٿورو
ئي سهي، پر ڪجه پڙهيل ضرور آهي، جو سندس اٿڻ ويهڻ پڙهيل ڳڙهيل ۽ پوش ماڻهن سان
هوندو هو.
سندس ڀاڻج اڳوڻي
زرعي آفيسر ۽ هاڻوڪي صحافي محترم غلام حسين لغاريء چواڻي ته. (محمد فقير کي چاليهن
سالن جي عمر ۾ پڙهڻ جو شوق ٿيو سال ۱۹۵۵ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مزدور آباد ۾
داخلا ورتائين، اڳوڻو صوبائي وزير پير مظهرالحق سندس ڪلاس فيلو رهيو آهي، اهڙي طرح
فقير سائين ستين ڪلاس تائين پڙهيو، تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء هن شاه سائينء جو رسالو
به ياد ڪيو.)
محمد فقير شادين
مرادين کان علاوه سرڪاري محفلن جي به جان هوندو هو، پاڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽي
صاحب کان ويندي وزيرن توڙي مشيرن ۽ اعلي عملدارن آڏو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري
انعام ۽ اڪرام حاصل ڪيا، گورنر شيخ دين محمد کيس ٻارهن ايڪڙ زرعي زمين بخشش ۾ ڏني
هئي.
محمد فقير مسخري جي
وقت ۾ سنڌ اندر عبدو ۽ خميسي جهڙا ٻيا به ڪيترائي مسخرا هوندا هئا پر محمد فقير سڀن
کان مٿانهون ۽ منفرد فنڪار هو. سنڌ ۾ سندس ئي نالي جو سڪو هلندو هو. سندس آڏو قادو
شيدي ۽ جي ايم پلپلي جهڙا فنڪار به بيهي نه سگهيا.
محمد فقير جي پٽن
مان سندس وڏو پٽ غلام الرسول جيڪو اينٽي ڪرپشن ۾ اسپيڪٽر جي عهدي تي رهيو، سو رٽاير
ٿيڻ بعد پنهنجي بابا جي نقش قدم تي هلڻ لڳو ۽ ظرافت جي حوالي سان سنڌ ۾ سٺو نالو پڻ
ڪمايائين. وڏي عمر ۽ طبيعت جي ناسازيء سبب هاڻي گهر ۾ آرامي آهي. سندس ٻيو نمبر پٽ
غلام علي روينيو ۾ اي ڊي سي جي عهدي تان رٽاير ٿيو، جڏهن ته سندس ٽيون پٽ غلام
مصطفي پنهنجي زمين سنڀالي ٿو.
فن ظرافت جو هي
شنشاه فنڪار ۲۸ فيبروري ۱۹۸۵ع تي سڄي سنڌ کي ٽهڪن بجاء اکين ۾ ڳوڙها ڏئي آخري سفر
تي روانو ٿيو. سندس آخري آرام گاه دادو شهر جي تاريخي قبرستان لال هنديء ۾ آهي.
محمد فقير مسخرو هڪ
سگهڙ فنڪار هو. سندس ڪجھه سگهڙائپ وارا نقطا هيٺ ڏجن ٿا.
(۱)
اول ۾ الله ڀلو
لڪيء ۾ لال ڀلو
سيوهڻ ۾ شهباز ڀلو
پلي ۾ پلاءُ ڀلو
جنڊ ۾ ڪيرُ ڀلو
داتا دستگير ڀلو
ڄڃ ۾ گهوٽ ڀلو
پڪو لولو روٽُ ڀلو
نماز جو وقت ڀلو
بادشاه جو تخت ڀلو..
(۲)
ڪڻڪ کري ڌڻڪ ڪري
جوئر کري ڪاڻي ڪري
زال کري گهر نه ڪري
ڏاند کري وراڻي نه
وري
گهوڙو کري گه ڪري
بادشاه کري ظلم ڪري
وڏيرو کري ته جيئن
وڻيس تيئن ڪري....
(۳)
هٿ نه وجهجي سر۾
نانگ نه وجهجي ور ۾
ڌاريو نه ويهارجي
گهر ۾...
(روزاني
برسات اخبار ۾، ۰۵ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا