; سنڌي شخصيتون: سرمد چانڊيو - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

سرمد چانڊيو - رياضت ٻرڙو


سرمد چانڊيو
رياضت ٻرڙو

سرمد چانڊيو سنڌ جي اهم ۽ مشهور شاعرن مان هڪ آهي. هن ڪيترائي اهم تحقيقي مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. ان کان سواءِ سرمد چانڊيي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ، فڪر ۽ فن تي پڻ هڪ مفصل ناول لکيو آهي (جيڪو اڃا اڻ ڇپيل آهي).


سرمد جو ڇٺيءَ نانءُ سونو خان ولد جمعو خان چانڊيو آهي. هُو جولاءِ ۱۹۵۲ع ۾ تعلقي قنبر جي ڳوٺ جمال خان چانڊيي ۾ ناناڻن ۾ پيدا ٿيو. سندس اباڻو ڳوٺ، تعلقي شهدادڪوٽ ۾، حاجي فقير محمد چانڊيو آهي. هن ابتدائي تعليم شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نيڪ محمد مغيري ۾ ۽ تعلقي ميرو خان ڳوٺ ميرڻ ماڇي ۾ پڙهيو جنهن کان پوءِ وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو ۽ هارپو ڪرڻ لڳو. هو روزگار سانگي ڪجھ وقت سعودي عرب ۾ رهيو (جتي ”سر وينگس“ لکيائين). ۱۹۸۴ع ۾ سرمد چانڊيو ٻارن جي بهتر تعليم ۽ روزگار لاءِ قنبر لڏي آيو ۽ نصيرآباد ناڪي لڳ اچي ويٺو. هتي هن مخلتف روزگار ڪيا. ٻارن جي اڃا سٺي تعليم ۽ تربيت جي خيال سان ۱۹۹۶ع ۾ هو لاڙڪاڻي لڏي اچي، رائيس ڪئنال جي اولهندي/ساڄي ڪپ تي واقع ميراڻي محلي ۾ ويٺو. اتي ئي سندس مستقل رهائش آهي.
هن ۱۹۷۸ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪافين جي صنف سان ڪئي پر صحيح طور سندس شاعريءَ جي اوسر ۽ پختگي ۱۹۸۴ع ۾ قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي، جتي هو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) شاخ قنبر جو ميمبر ٿيو ۽ نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، عظيم سومري، ميهر مجاهد، پيرل قنبر ۽ ٻين دوستن جو ساٿ مليس، تنهن کان سواءِ ۱۹۸۴ع ۾ ئي مشهور شاعر سرڪش سنڌيءَ سان دوستي ٿيس. شاعريءَ ۾ سرمد چانڊيي جا استاد ميهر مجاهد ۽ عظيم سومرو ٿيا جن کان رهبري ورتائين. هو ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع تائين س.ا.س قنبر شاخ جو سيڪريٽري، ڊسمبر ۱۹۸۸ع کان اپريل ۱۹۹۲ع تائين س.ا.س قنبر شاخ جو ڪائونسلر، سيپٽمبر ۱۹۹۴ع کان ڊسمبر ۱۹۹۵ع تائين ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي ۽ پوءِ ڊسمبر ۱۹۹۵ع کان مارچ ۱۹۹۶ع تائين، لاڙڪاڻي لڏڻ ڪري استعيفا ڏيڻ تائين، سيڪريٽري رهيو، جنهن کان پوءِ س.ا.س قنبر شاخ جو تاحيات اعزازي ميمبر ڪيو ويو. هو س.ا.س ضلعي لاڙڪاڻي جو ۱۹۹۲ع ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري به رهيو. ۱۹۸۵ع کان مارچ ۱۹۹۶ع تائين ”سرمد جي اوطاق“ ادبي سنگت جي سرگرمين جو مرڪز رهي، جتي پورو ڏهاڪو ورهه اديبن جي ادبي ترتيب ٿي. سنڌي، سرائڪي، بلوچي ۽ اردو ٻوليون ڄاڻيندڙ سرمد چانڊيي جي شاعريءَ جا ۳ ڪتاب ڇپيا آهن: (۱) ”ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت“ ۱۹۹۵ع  ۾ لوڪ گيتن ۽ گيتن تي مشتمل، (۲) ”مون کي سڏ اروڙ جا“ ۱۹۹۹ع ۾ وايون، لوڪ گيت ۽ گيت، (۳) ”سانوڻ پهرين بوند“ ۲۰۰۶ع ۾ غزل، نظم، وايون ۽ لوڪ گيت، (۴) ”جمهوريت جو چنڊ“ (ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي سان سه حرفيءَ جي صنف ۾)، (۵) ”جمهوريت جي شهزادي“ (محترمه بينظير ڀُٽو جي حوالي سان) ۽ (۷) ”جمهوريت ڪِي نوِيد (اردوءَ ۾). هن ٻه ٽي تخليقي ڪهاڻيون لکڻ سميت روسي اديب پشڪن جي ناوليٽ ”خدوءَ جي راڻي“ جو ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو اڃا اڻ ڇپيل آهي. هن ڪيترائي ادبي ليڪچر پڻ ڏنا آهن. هو لاڙڪاڻي مان پڌري ٿيل هفتيوار اخبار ”چانڊڪا“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جيتوڻيڪ ايڊيٽر طور سندس نالو لکيو نه ويو. ان اخبار جو صرف هڪڙو پرچو پڌرو ٿيو.
سندس سياسي تعلق جيئي سنڌ قومي محاذ قنبر ۽ پوءِ عوامي تحريڪ قنبر سان رهيو. هو ”سنڌي ڪلاڪار ساريندڙ سٿ“ سان به لاڳاپيل رهيو ۽ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ جو ميمبر پڻ رهيو.
سرمد جو وڏو پٽ عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا