; سنڌي شخصيتون: رضا بخاري - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

رضا بخاري - رياضت ٻرڙو


رضا بخاري
رياضت ٻرڙو

رضا بخاري مشهور شاعر آهي. سندس پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو ۷ آگسٽ ۱۹۸۰ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏاڻو ڳوٺ قنبر تعلقي ۾ کاهِي مينهون آهي، جتان سندس ڏاڏو ۱۹۴۲ع جي ٻوڏ ۾ قنبر لڏي آيو، جتان سندن ڪُٽنب ۱۹۶۳ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي اچي آباد ٿيو. رضا ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان، انٽر (پرائيويٽ) ۾ ۽ بِي.اَي. (پرائيويٽ) ۲۰۰۷ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي. هُو ۲۰۰۷ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.


رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو. هُو ۱۹۹۵ع کان شاعري ڪري رهيو آهي. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ به ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيائين. سندس ۳ شعري مجموعا ”شاعري تنهنجو بدن“ (۲۰۰۴ع)، ”هوا جي بانسري“ (۲۰۰۶ع) ۽ تروينن جو سنڌي ٻولي ۾ پهريون ڪتاب ”چاندنيءَ جو آبشار“ (۲۰۱۱) ڇپيل آهن.
رضا بخاري کي ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران ۲۰۰۲ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس. سندس رهائش شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا