; سنڌي شخصيتون: ساجد سنڌي - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

ساجد سنڌي - رياضت ٻرڙو


ساجد سنڌي
رياضت ٻرڙو

ساجد سنڌي ڀلوڙ شاعر ۽ صحافي آهي. سندس ڇٺيءَ نانءُ امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هُو ۵  مارچ ۱۹۷۸ع تي، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان پرائي ۽ بِي.اَي. (پرائيويٽ) ڪئي آهي، ۽ آرمي ڪلارڪ جي ٽريننگ آرمي اسڪول آف ڪلڊنا ڪوهه مري مان ڪئي آهي. هُو گذريل ڪجھه عرصي کان صحافت سان لاڳاپيل آهي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ روزاني اخبار ”سڪار“ جي هفتيوار ادبي صفحي جو انچارج آهي.


ساجد سنڌي ۱۹۹۱ع کان نثر توڙي نظم ۾ لکي رهيو آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مروج صنفن ۾ لکيو آهي. نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، مقالا ۽ مضمون لکيا اٿائين. سندس سَوين تحريرون ڇپيل آهن. سندس هڪ شعري مجموعو ”تون، مان ۽ خدا“ (۲۰۰۴ع) ڇپيل آهي. ساجد سنڌي کي ڪيترائي مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن. سندس رهائش حيدرآباد ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا