; سنڌي شخصيتون: اُڌل - پير علي محمد راشدي

20 July, 2012

اُڌل - پير علي محمد راشدي


اُڌل
پير علي محمد راشدي
قادربخش جي پاڙي ۾ گهانگرن جي وانڍ اندر، هڪ ٻيو به اهڙو شخص هو - اُڌل نالي، عيد کان سواءِ، باقي سال جا سمورا ڏينهن گوڏ ۾ گذاريندو. لٺ دائما هٿ ۾، مٿي تي پڳ، جسم تي ڊگهو بافتي جو پيرهن، ڏاڙهي چاپئين، پيرن ۾ سنڌي موچڪي جُتي. پنهنجي وقت جي وڏن پيراڍن مان ليکيو ويندو هو. ڪنهن چوريءَ يا واردات جي سلسلي ۾ هڪ دفعي ڪو پير ڏٺائين ته سالن کان پوءِ به ساڳيو رند سڃاڻي ڪڍندو. پنهنجو گذران چوپايي مال تي هوندو هوس. ان سان گڏ، پوکي راهي به پيو ڪندو هو.


غريبيءَ هوندي به خودداريءَ ۽ عزت نفس جو ڪيئن لحاظ رکجي، سو ڪو کانئس سکي ها. ملڪ تي ڪن وڏيرن جو مارو هوندو هو. ڪنهن جي به جان يا مال، يا ننگ محفوظ ڪو نه هو. وڏيرن کي مرغوب خاطر هوندو هو. ڪوڙ، خوشامد - عام چوڻيءَ مطابق، ”راءِ تي رسو ڀڃڻ!“ مثلاً، پيراڍن مان کين اُهو شخص پيارو لڳندو هو، جيڪو وارداتن جي سلسلي ۾ ڪوڙا رند کڻي، ۽ بيگناهن جا پير ڪڍي، کين پوليس جي ٻوهي ۾ ڏئي.
اُڌل مرحوم اهڙو ڪم هرگز نه ڪيو. جا سچي ۽ صحيح حقيقت هوندي، سا ٻڌائي ڇڏيندو، پوءِ وڏيري صاحب يا پوليس کي وڻي يا نه وڻي. تنهنڪري پاڙي جا وڏيرا مٿس ناراض رهندا آيا، هڪ دفعي 110 قلم هيٺ اڙائي ڇڏيائونس. نه داد نه فرياد. بدمعاشيءَ جي مقدمن ۾ ڪوڙو بيان ڏيڻ وڏيرن لاءِ ائين هوندو هو، جيئن ڪنوار لاءِ ونواهه کائڻ. مُرڪي سرڪي، تيل ڦليل ڪري، ريشمي رومال پڳن ۾ ٽنگي، وڃي ڪورٽن اڳيان حاضر ٿيندا، ۽ الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي، جو اکر پيا چوندا، سو ڪوڙ هوندو. اُڌل مرحوم تي به اهڙي آپدا اچي ويئي. مون کي خبر پيئي، پاڙي وارن ۽ پوليس جي ڪا به پرواهه نه ڪري، مون وڃي سندس ضامن ڪرايو. مرحوم محمد اسحاق بدرالدين، جو پوءِ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ٿيو، انهن ڏينهن ۾ شڪارپور جو مختيارڪار هوندو هو. منهنجي خانگي چوڻ ۽ تسلي ڏيڻ تي، اُڌل کان ضمانت وٺي، کيس آزاد ڪري ڇڏيائين. اُن کان پوءِ اُڌل، جو دم جيئرو رهيو، سو مون ساڻ بيٺو رهيو. نه ٻئي ڪنهن وٽ ايندو نه ويندو. مندون موٽنديون رهيون، سالن پٺيان سال گذرندا رهيا، مگر اُڌل جو، جو قدم اُٿيو سو محض منهنجي در ۽ گهر طرف. کيس ڪنهن به ڳالهه يا ڪم چوڻ جو سوال ئي ڪو نه هوندو هو. ويٺو اکين جو مطالعو ڪندو، ۽ حال تي سخت مطمئن رهيو. چوندو هو؛ ”سڄي عمر هڪ سائينءَ جي ڳولا رهي هيم، سائين مليو، ڏوجهرو لٿو، هينئر سائين ڄاڻي ڪم ڄاڻي. باقي اسان کي ڪهڙو فڪر.“
مرحوم ڪچهريءَ ۾، ويهي گفتگو ڪندو ته اهڙي سليقي سان ۽ اهڙن چونڊيل اکرن ۾، جو کيس ٻڌي دل کي خوشي پئي حاصل ٿيندي. پهرين اڳلي جي ڳالهه ٻڌندو، خيال سان، صبر سان، ۽ تحمل سان. ان کان پوءِ کنگهي، گلو صاف ڪندو. گهڙي ساعت توقف ڪندو، پوءِ پنهنجو جواب پيش ڪرڻ شروع ڪندو، ٿورن لفظن ۾. پر جو اکر ڪڍندو، تنهن جو بنياد ذميداريءَ جي احساس تي هوندو. اجائي گفتگو ڪرڻ، يا چغليون هڻڻ، يا ٻين ٻن جي گفتگو هلندي وچ ۾ ٽپي پوڻ، سخت معيوب سمجهندو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪچهري هلندي سڄو ڏينهن گذري ويندو، پر اڌل جي پنهنجيءَ زبان مان هڪ حرف به ڪو نه نڪرندو، بُت بڻيو ويٺو ٻڌندو. جيڪڏهن هٿ هلندس ته فقط ناس جي دٻليءَ ڏانهن، جنهن مان چپٽيون ڀري نڪ ۾ وجهندو، ۽ نڪ کي بوڇڻ جي ڪنڊ سان صاف ڪري، وري چپ ڪري ويهي رهندو. مانيءَ يا پاڻيءَ تائين ڪنهن پاڻهرتو آڻي اڳيان رکيس ته کائيندو پيئندو، ور نه سارو ڏينهن اڃيو بکيو ويٺو هوندو، پاڻان لکا پوڻ هرگز ڪو نه ڏيندو، سانجهيءَ سومهاڻيءَ موٽي وڃي پنهنجي گهر کائيندو. چلم سان ڏاڍو چاهه هوس. پر نه چلم خاطر ڪچهري ڇڏي ويندو، نه ڪنهن کان گهُري وٺندو. خود محفل اندر چلم رکي رهندي، ته به جيستائين هٿ کان وٺي ڪو نڙ کيس نه ڏيندو، پاڻ طلب نه ڪندو. ٻهراڙيءَ جو ڄَٽُ هو، اڻپڙهيل، پر سندس زبان منجهان ڪنهن شخص نه ڪڏهن ڪا گار ٻڌي، نه پِٽ پاراتو. ڪنهن سان ڪا وک کنيل هونديس ته وري زبان تي نه آڻيندو ۽ نه ان جو عيوض ئي طلب ڪندو. بيماريءَ بي خوشائيءَ جي خبر پونديس ته رڙهي اچي پهچندو. ٻاهران اچبو، ته به خير عافيت پڇڻ لاءِ موجود هوندو. پاڻان ڪم حاج بلڪل نه چوندو. خوف خطري کان لاپرواهه هو. چور چڪار، جن جا پيرا ڪڍي کين ڦاسائڻ جو سبب بڻيو هو، سي سندس رت جا پياسا رهندا آيا، پر اُڌل ڪڏهن به هيٺانهين نه ٻولي. اڪيلي سر، لئي جي لٺ کنيو، پيو جهنگ جهر ۾ هلندو، سويل توڙي اويل چوندو هو ته؛ ”سر هڪ آهي، نه ٻه، مقرر وقت کان اڳ ڪو نه ويندو، ان جو مدار آهي مالڪ تي، بندو پاڻ پنهنجي ڪهڙي سنڀال ڪري سگهندو.“
ٻهراڙيءَ ۾ عام رواج هوندو هو ساک کڻڻ جو - يعني ماڻهو قرآن مجيد مٿي تي کڻي ڳالهه ڪندا هئا، بطور شاهد جي، يا پيراڍوءَ جي، يا مھتم جي. اُڌل پاڻ قرآن مجيد تي ڪڏهن ساک نه کنئي. سندس اکر ساک برابر سمجهيو ويندو هو. اُڌل ڳالهه ڪئي، معاملو ختم ٿيو. شڪ يا بي ويساهيءَ لاءِ ڪو سبب باقي ڪو نه رهندو.
هڪ دفعي ٻروچن جي ڪنهن پاٿاريءَ جا ماڻهو، جيڪي مٿس ناراض هئا، سندس مينهن جو وڳ چوريءَ ڪاهي ويا. اُڌل پير سڃاتا. ڏانهُن ماڻهو موڪليائين، پر چورن مال ورائڻ کان انڪار ڪيو. ڪجهه ڏينهن بعد اُڌل جا ننڍا به، عيوض ۾، ٻروچن جون ست - اٺ مينهون ٽڳائي آيا. ٻروچن جا ڪُنا اونڌا ٿي پيا. قرآن شريف کڻي مينهون ووڙڻ لڳا. اُڌل کي خبر پئي. پنهنجي ڇوڪرن کان پڇيائين، جن ساڻس سڄي سچي ڪئي. پاڻ لنگهي وڃي ٻروچن وٽ پهتو - چي:
”اوهين ڀلو سونهارو موٽائي رکو، اوهان جون مينهون منهنجن ڇوڪرن وٽ آهن، جي اچي ڪاهي وڃو، باقي مون وارو مال موٽائي ڏيو يا نه، سا نيت اوهان جي. مون کي ارمان آهي ته منهنجن ڇوڪرن کان ڇوڪراڻي ٿي ويئي آهي!“
پر ان جي معنيٰ اها نه هئي ته اُڌل پڻ ڊڄڻو هو، هڪ دفعي ضد تي چڙهي بيٺو، ته وري نه لهندو - پوءِ ڀل ته کيس ڪيڏو به نقصان ڇو نه رَسي. جن زميندارن مٿس ڪوڙا بيان ڏيئي کيس ۱۱۰ جي ڪيس ۾ ڦاسايو هو، انهن جو مرندي گهڙيءَ تائين وري منهن نه ڏٺائين. پاڻ، جڏهن به موقعو ملندو هوس، انهن کي نقصان پهچائي ڇڏيندو هو. انهن زميندارن مان هڪڙي جي اڳ-ڄائي ڇوڪري ڪنهن ٻاهرئين خسيس ماڻهوءَ سان تعلق پيدا ڪري وڌو. اُڌل، ان زميندار کي ذليل ڪرڻ خاطر، سندس ڇوڪريءَ کي، ڪوٽ ڀڃرائي، ڀڄارائي ڇڏيو. ”ننگاوتيءَ“ جو معاملو هو، سِرن تائين وڃڻ جا خوف هئا، مگر اُڌل هڪ لحظي لاءِ به خيال ڪو نه ڪيو. چوندو رهيو: ”دشمن جو ته نڪ وڍي ڇڏيو اٿم، هينئر جيڪڏهن منهنجو سر به ويو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پئي.“
ٻهراڙيءَ جي ڪوڊ اندر ”انتقام ۽ بدلي“ کي جائز قدم سمجهيو ويندو هو، ڇو ته ٻيءَ صورت ۾ ماڻهوءَ لاءِ ناممڪن هو ته پنهنجن حقن جي حفاظت ڪري سگهي.
مهمانداريءَ ۾ پڻ اُڌل مشهور هو. غريبيءَ هوندي سندس اوطاق پيئي هلندي هئي. هئي ڪکائين، پر کٽولن ۽ کٿين سان سٿيل. آيو ويو پيو آجهاپ ڪندو ۽ جائو جوارو مانيءَ ٽڪر کائيندو. ڪامورو يا ڪو معزز مهمان آيو ته اُن لاءِ ڪڪڙ ڪسجي ويندو، ۽ ڊڳڙين کي مکڻ سان جهِٻي، نين ڇٻين تي رکي، آڻي سندس اڳيان رکندا. ٺِڪر جي دکيءَ ۾ ڏُڌ يا لسي به ايندي، جنهن ۾ تازي مکڻ جو وڏو ٽيرو پڻ پيل هوندو. نيرن جي ويل هوندي ته مکڻ سان گڏ ماکيءَ جو پيالو به گڏيو ايندو، رات جو چانور ۽ ماهيي کير جا دلا، معمولي ماڻهو آيو ته جوئر جي مکيل ماني، لسيءَ جو وٽو، ۽ دال (يا چڻن يا مٽرن جي پليءَ) جو ڳنڌڻ. چلم هر وقت ۽ هر حال ۾ چالو رهندي.

No comments:

راءِ ڏيندا