; سنڌي شخصيتون: فياض لطيف - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

فياض لطيف - رياضت ٻرڙو


فياض لطيف
رياضت ٻرڙو

فياض لطيف نامور نثر نويس، مترجم ۽ شاعر آهي. سندس ڇٺيءَ نانءُ بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هُو پهرين اپريل ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڳيريلي مان، انٽر  حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان، گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ۱۹۹۴ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪئي، جتي هُن ۹۶-۱۹۹۵ع ۾ سچل چيئر ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون ۾ ليڪچرار رهيو. هُو ۲۰۰۲ع کان ليڪچرار سنڌي طور ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هُو ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي ڪري رهيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي.


فياض لطيف ۱۹۹۱ع کان ذاتي شوق سبب شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ ۾ نظم، غزل، بيت ۽ وايون لکڻ سميت ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. هُو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مترجم آهي جنهن مشهور فلسفِي رجنيش اوشو جو ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ ٻين ڪتابن ۾ اوريانا فلاسي جو ناول ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“، ترجمو ڪيل ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“، شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊُ ڪڪر جي اوٽ“ ۽ سندس لکيل ادبي خطن جو مجموعو ”خط، خوشبو، خواب“ ڇپجي چُڪا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ميمبر رهيو ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل آهي. کيس ”ڪينجهر ترجمو ايوارڊ“، انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن لاڙڪاڻي پاران ”فقير بخش علي ابڙو ايوارڊ“ ۽ سچل ادبي مرڪز پاران ”پير حسام الدين راشدي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هُو سن ۲۰۰۰ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش مينهل آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا