; سنڌي شخصيتون: اقبال کوکر - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

اقبال کوکر - رياضت ٻرڙو


اقبال کوکر
رياضت ٻرڙو

اقبال کوکر ڀلوڙ شاعر آهي. اقبال علي ولد اللھ ڏنو کوکر ۲۳ فيبروري ۱۹۷۶ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي ۽ مشهور ڳوٺ باڊهه ويجهو، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ڳوٺَ مولوي فيض محمد کوکر ۾ پيدا ٿيو، پر اقبال کوکر سميت سڄي ڳوٺ جو وهنوار ۽ اُٿاويٺي عملي طور باڊهه سان آهي. اهو ئي سبب آهي ته گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج نصيرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ هُو باڊهه ۾ هڪ دڪاندار طور روزگار ڪري رهيو آهي. عموماً کيس باڊهه جو ئي سمجهيو ويندو آهي.


هن لکڻ جي شروعات پنهنجي مامي ۽ مشهور سگهڙ-شاعر لقمان کوکر سان لڳاءَ سبب ۱۹۹۵ع ۾ ڪئي. هن گهڻي ڀاڱي غزل، وايون ۽ بيت لکيا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه سان ۱۹۹۵ع کان لاڳاپيل آهي، جنهن جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهيو. جڏهن ته سندس تعلق سرواڻ سماجي سنگت بـاڊهه (۹۸-۱۹۹۷ع) ۽ جـيـئـي سـنـڌ قـومي محاذ (۹۸-۱۹۹۵ع) سان پڻ رهيو.

No comments:

راءِ ڏيندا