; سنڌي شخصيتون: خالد زخمي چانڊيو - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

خالد زخمي چانڊيو - رياضت ٻرڙو


خالد زخمي چانڊيو
رياضت ٻرڙو

خالد چانڊيو شاعر ابن شاعر آهي. سندس والد زخمي چانڊيو مزاحمتي شاعر هو، جيڪو جوانيءَ ۾ شهيد ٿي ويو. خالد حسين ولد ڄام خان ’زخمي‘ چانڊيو ۵ جنوري ۱۹۸۱ع تي، ڳوٺ جواب پور، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪٽنب ۱۹۹۶ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن ايم.اي سنڌي ۽ بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ۲۰۰۹ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۹۱ع ۾ ڪئي. سندس ادبي رهنمائي زخمي چانڊيي ۽ سرڪش سنڌيءَ ڪئي آهي. هن ڪجھ ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. سندس ادبي تعلق سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ شاخ، تعلقي ڳڙهي ياسين سان آهي، جنهن جو هو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري به رهيو آهي.
خالد چانڊيي کي ريڊيو پاڪستان پاران مختلف موقعن تي بهتر ڪارڪردگيءَ جا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن. سندس رهائش سچل ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا