حليم
چريو پروميٿيس!
نور
ڪلهوڙو
حليم بروهي جي شناخت مختلف ماڻهن وٽ مختلف قسم جي آهي. ڪير کيس چريو
۽ بيوقوف سمجهندو آهي. ڪو کيس انا، هوڏ ۽ ضد ڪري سڃاڻيندو آهي. ڪو سندس مزاح (جنهن
کي حليم پاڻ مشڪري چوندو هو) ڪري ياد ڪندو آهي. ڪو سندس سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي تي
اٿاريل سوالن ڪري کيس ذڪر هيٺ آڻيندو آهي. ڪنهن وٽ سندس تصور سنڌي ادب جي ڪاسائي
جو آهي جنهن ادبي ڍورن ۽ ٻڪرن کي ماءُ سميت سير وڌي (پهريان ٻڪري جي ماءُ هُنن
لاءِ خير گهرند ي هئي پر حليم بروهي ڪاتي وهائي اهڙين مائرن کي به ڌوڙ ڪري ڇڏيو)
ڪو کيس سنڌي ٻولي کي فنا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڏنل رومن اسڪرپٽ ڪري ڄاڻندو سڃاڻندو
آهي، ڪو کيس حرامي ڪلرڪ طور، ڪير ٻوڙي ڀوڪ طور، ڪو ايماندار ۽ صاف گوئي ڪري ۽ ڪو
عطيم ۽ خوددار شخص طور سڃاڻندو آهي.
حليم بروهيءَ جو جيڪو وساريل پاسو آهي اهو آهي سندس سچو پچو پروميٿيس
هجڻ. پروميٿيس اهو يوناني ڏندڪٿائي ڪردار آهي جنهن سڀني آقائن سان بغاوت ڪئي هئي.
... هن جي باري ۾ مشهور آهي ته هو آسمانن تان باهه کڻي زمين تي آيو هو... باهه
مطلب بغاوت... باهه مطلب انقلاب... باهه مطلب ترقي.... باهه مطلب خود انحصاري...
باهه مطلب خودي! پروميٿيس کي جرمن اديب ۽ شاعر گوئٽي ائين ڳايو آهي جيئن پاڻ وٽ
لطيف ابليس کي ڳايو آهي. گوئٽي وارو پروميٿيس ته صفا ٻروچ قسم جو باغي آهي.
حليم بروهيءَ ۾ پروميٿيس واريون سڀ خاصيتون هيون. حليم به ڪنهن هڪ کي
به نه بخشيو. (سنڌي ادب جي ڪاٽڪو ترن مان اهڙو تيل ڪڍيائين جو هو سڄي عمر ياد
رکندا)... حليم بروهي پنهنجي هر عمل هر خاصيت ۽ هر عادت ۾ پروميٿيس هو.جيئن
پروميٿيس باهه آندي، حليم بروهي به ”اوڙاهه“ آندو. اوڙاهه حليم بروهيءَ جو اهو
نالو آهي جيڪو اگر اولهه ۾ ڇپجي ها ته اتان جا ادبي ذوق رکندڙ ماڻهو سندس ناول
پڙهي سندس پير چمن ها. Stream
of Consciousness جي
لڏي وارا اديب کيس وچ ۾ ويهارين ها. ٽو دي لائيٽ جهڙو شاهڪار ناول ڏيندڙ ورجينيا
وولف حليم سان ضرور واڪ تي وڃڻ جي گذارش ڪري ها... جيمس چوائس جهڙيون هستيون حليم
کي پاڻ سان گڏ drink ڪر لاءِ Insist ڪن
ها. ورجينيا وولف جي ناول ٽو دي لائيٽ هائوس کي ادبي حلقن 20 صدي ۾ لکجندڙ بهترين
ناولن مان هڪ ڄاڻايو هو.. جيڪڏهن حليم جو اوڙاهه اوڏانهن publish ٿي ها ته ماڻهو شرطون هڻن ها ته ورجينيا وولف جو ناول وڌيڪ
آهي يا حليم بروهيءَ جو. پر افسوس حليم جو ناول هتي ڇپيو ۽ سو به سنڌيءَ ۾! حليم
بروهيءَ کي بذات خود سنڌيءَ ۽ سنڌ ۾ لکڻ تي هميشه افسوس رهيو. هن کي سنڌي ۾ ڪتاب
لکي پنهنجي کيسي مان publish ڪرائڻ تي آخري دم تائين افسوس رهيو...
منهجي دعويٰ آهي ته اگر ڪير لطيف ۽ گوئٽي واري اک سان ڏسي ته حليم جو اوڙاهه جي
اڳيان انهن ڪاڪٽو اديبن جون جهاٽڪو لکڻيون ڪا معنيٰ نٿيون رکن جن هميشه حليم کي
الزامن جي عتاب هيٺ رکيو.
حليم
پنهنجي شخصيت ۾ گهڻو ڪجهه هو. شروع ۾ بيان ڪيل رخن مان هر هڪ رخ ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان حليم بروهيءَ تي Apply ٿي سگهي ٿو. حليم جي مزاح تي PHD ڪري
سگهجي ٿي. سندس تاريخ ۽ جاگرائي تي اٿاريل سوالن تي تحقيق ڪري سگهجي ٿي. سنڌ جي
تعليمي نظام، تعليي پٽڪن تي سندس اڇلايل تيرن کيserious وٺي
سگهجي ٿو. هن جي ڪيترن ئي عجيب لڳندڙ خيالن، خوابن ۽ تجويزن تي غور ڪري سگهجي ٿو.
سندس عمر خيام کان نصيحت وٺي سگهجي ٿي. سندس هٽلر مان سبق پرائي سگهجي ٿو... حليم
جي نه صرف سنڌي پر ٻين ٻولين لاءِ ڏنل script کي
به serious وٺي سگهجي ٿو. In fact ضرور وٺڻ گهرجي.
مان دهرائيندس ته حليم جي ذات تي PHD ڪري
سگهجي ٿي. توهان ضرور حليم کي يا حليم جي باري ۾ پڙهيو هوندو... جي نه پڙهيو آهي
ته ضرور پڙهڻ گهرجي... هاڻي اچون ٿا ڪم جي ڳالهه تي...
جيڪي حليم جا مخالف آهن ۽ حليم جي ذات تي حملا ڪندا آيا آهن تن کي
ڇڏيو... وڃي ڌوڙ پائين! پر جيڪي حليم جا شيدائي آهن انهن کي حليم جي لکڻين تي صرف
ڏند ڪڍي کلڻ نه گهرجي... حليم جون لکڻيون ۽ خيال پڙهي کلي اهو چوڻ ڪافي ناهي ته
”حليم بروهي وڏو حرامي هو“. اسان سڀني تي فرض ٿو ٿئي ته اسان صرف واڇون ٽيڙي کلڻ
کانسواءِ ڪجهه Practically به ڪيون... حليم پنهنجي پويان هڪ عظيم
مقصد ڇڏي ويو آهي... ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ اسان جو فرض آهي ان ڏس ۾ مان ڪجهه
تجويزون پيش ڪندس (مون کي خبر آهي ته ڪير به انهن تجويزن کي گاهه نه وجهندو! حليم
کي ئي گاهه نه وڌن ته اسان وات ڳاڙها ڇورا وري ڪير ٿيندا آهيون.)
(1) هڪ سرڪل، گروپ يا School of thought جوڙيو
وڃي جيڪو حليم جي مشن کي اڳتي وڌائي. ان لاءِ مان مظهر لغاري، حفيظ ڪنڀر، منوج
ڪمار ۽ نور جوڻيجو پارن کي گذارش ڪندس ته اهي اڳواڻي ڪن.
(2) حليم بروهيءَ جون سڀ
لکڻيون جمع ڪري ڪليات جي صورت ۾ ڇاپڻ گهرجن ته جيئن نوجوان نسل کيس پڙهي سگهي.
هينئر ته اها حالت آهي جو حليم جا ڪتاب، ڪتاب گهرن ۾ ته ڇا پر لائبيرين ۾ به نٿا
ملن. حليم بروهي پاڻ پنهنجا ڪتاب ماڻهن کان پيو پنندو هو پر ملندا ڪو نه هئس. ان
لاءِ مان منوج ڪمار کي گذارش ڪندس ته ٻه قدم اڳتي وڌي ڇاڪاڻ ته ٻڌو اٿئون ته هن وٽ
حليم بروهيءَ جا سڀ ڪتاب آهن.
(3) حليم بروهي جي تيار ڪيل Script ۾
هلڪيون ڦلڪيون تبديليون آڻي ان کي فروغ ڏيڻ گهرجي... سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۾ Interest رکندڙ
(نه ڪي هي ڪاٽڪو فلرٽ اديب جيڪي ڪرو ڪوڊائيل ٽيئرز وهائي سنڌي ٻولي سان پيار، انس،
محبت، عشق ۽ لڳاءَ جي ڪوڙي دعويٰ ڪندا آهن) حليم بروهيءَ جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ تيار
ڪيلRoman script کي سکن ۽ استعمال ڪن.
(4) سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي Roman script کي
ضرور Space ڏيڻ
گهرجي (خبر آهي ته اهي مري وڃن ته به حليم ۽ سندس Script کي Space ڪو
نه ڏيندا)
(5) حليم جي تاريخ، ادب،
جاگرافي وغيره تي اٿاريل سوالن کي Serious وٺي انهن تي سائنسي انداز
سان تحقيق ڪرڻ گهرجي.
(6) ادب ۾ نواڻ ۽ نون لاڙن کي
متعارف ڪرائڻ گهرجي.
(7) حليم بروهيءَ جي دانهن کي Follow ڪندي
اسان کي پنهنجي تعليم سميت زندگيءَ جي هر شيءِ کي سائنسي انداز ۾ پرکڻ گهرجي وغيره
وغيره.
آخر
۾ حليم بروهيءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هي نظم پيش ڪندس.
مون پنهنجو ڳلو
پاڻ چاڪ ناهي ڪيو
نه ئي محبوب سائين ڪيو آ
نه ئي وقت جي ڊينگهر ڪيو آ
منهنجو ڳلو ان لاءِ چاڪ ناهي
جو مان چريو ٿي ويو آهيان
هي ڳلو ان لاءِ چاڪ آهي
جو مان وقت جي خدائن
مذهب، ادب، آرٽ ۽ اخلاقيات جي خدائن
۽ انهن سڀني خدائن جي خدا سان
باهم دست و گريبان ٿيو آهيان
منهنجو ته صرف ڳلو چاڪ ٿيو آ
پر هنن جو پورو حرامپائي وارو جبو
ليڙون ليڙون ٿي ويو آ...
No comments:
راءِ ڏيندا