; سنڌي شخصيتون: ياسر قاضي - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

ياسر قاضي - رياضت ٻرڙو


ياسر قاضي
رياضت ٻرڙو

ياسر قاضي سنڌ جو مشهور شاعر، مصور ۽ براڊڪاسٽر آهي. هو ۱۷ جنوري ۱۹۷۹ع تي رتيديري شهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، سنڌ جي معروف ادبي گهراڻي ”قاضي خاندان“ ۾ جنم ورتو. سندس والد مقصود گل سنڌ جو سرموڙ شاعر ۽ نثرنويس آهي ۽ سندس ڏاڏو قاضي عبدالحئي ”قائل“ قادرالڪلام شاعر، استاد، صحافي، مصور ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. ياسر قاضيءَ ۲۰۰۰ع ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي ڊگري، جڏهن ته سال ۲۰۰۲ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي.


هُن ميڊيا جي مختلف ادارن ۾ ڪامياب ڪيريئر گذاريو، جن ۾ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽوريل صفحي جي حيثيت سان روزاني” سنڌ سجاڳ“ ۽ روزاني ”عوامي آواز“ سميت انگريزي رسالي ماهوار Indus سان وابسته رهيو. هن ٻه سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”ريسرچ آفيسر“ طور، هڪ سال وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد طور، ساڍا ٽي سال وفاقي ثقافت کاتي، حڪومت پاڪستان جي اداري پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ ”پروگرام ايگزيڪٽوِ“ ۽ ڪراچي دفتر جي سربراهه طور ذميواريون نڀايُون. ريڊيو سان سندس وابستگيءَ کي ۱۷ ورهه ۽ ٽيليويزن سان وابستگيءَ کي ۱۰ ورهه ٿي چُڪا آهن. کيس ”ڪي ٽي اين“ جي پهرين مرد ميزبان ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي پهرين موسيقيءَ جي چئنل ”ڪشش“ ٽي ويءَ جي پهرين ميزبان هئڻ جو شرف حاصل آهي. هاڻِ ياسر، شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽ ڪمپنيءَ جي ايف ايم چينل، شاليمار ايف ايم ۹۴.۶ ڪراچيءَ سان پروڊيوسر، پروگرامر ۽ پريزنٽر (RJ) جي حيثيت سان وابسته آهي. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان به پروگرام پيش ڪندو آهي. سندس ادبي وابستگي پڻ ڪيترين ئي تنظيمن سان رهي آهي. هن انيڪ ايوارڊ ماڻيا آهن.
ياسر شاعريءَ جي شروعات ۱۹۸۸ع کان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استادُ مقصود گل آهي. هن تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس سنڌي ۽ اردو شاعريءَ جا ٻه ٻه مجموعا ڇپائيءَ جا منتظر آهن ۽ ٻارڙن جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي. نالي واري شاعره ساڀيان سانگي سندس گھر واري آهي. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا