; سنڌي شخصيتون: سائينداد - پير علي محمد راشدي

25 July, 2012

سائينداد - پير علي محمد راشدي


سائينداد
پير علي محمد راشدي
سائينداد جيهو، ڏاڪڙائي جيهن جي وانڍ جو ويٺل، منهنجو هڪ ٻيو غريب يار هو، جو ٻڌان ٿو ته اڃا تائين حيات آهي. پنجويهن ورهين کان منهنجو شيدائي ٿي رهيو. سندس زندگيءَ جا مقصد فقط ٻه هوندا هئا: مون ساڻ ڪچهري ڪرڻ، ۽ منهنجي نالي ٿيل ڪڪڙ، دعوت ڪري، مون کي کارائڻ. بنهه غريب هو. ڪنهن زماني تائين ته ڪيئي ويلا ويهي گذارڻا پوندا هئس، مگر اُن نالي پيل ڪڪڙ کي پاليندو رهيو، ان آسري تي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن آءٌ سندس گهر ويندس ۽ ان ڪڪڙ مان طعام تيار ڪري مون کي کارائيندو. ورهيه گذري ويا، ڪيئي ڪڪڙ ان وچ ۾ پنهنجي عمر طبعي پوري ڪندا اڳئين جهان ڏانهن هلندا رهيا، پر آءٌ سندس دعوت تي وڃي نه سگهيس. هميشه شڪايتون ڪندو رهيو: چي، “پير، غريب ڏسي، مون وٽ نٿو اچين، منهنجو ڪو خيال ڪو نه ٿو پوئي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪڪڙن تي ته ڪو رحم ڪر! حلال شيءِ آهن، مفت ۾ مردار ٿيندا مرندا پيا وڃن. ايڏي خدائي گناهه جو بمبال ڪنهن جي ڳچيءَ تي پيو پوندو هوندو. ڪو شرع شريعت جو ويچار به ته رکُ! ڀل پير هجين، پر الله جي سرڪار ڏاڍي اٿئي. قيامت ڏينهن اهي ڪڪڙ تو تي دانهين ٿي بيهندا - تو کان وڏو پڇاڻو ٿيندو!“


تقريبًا پندرهن-ويهه ورهيه اهو حال رهيو. سائينداد هر وقت هڪ ڪڪڙ موجود رکندو آيو - ايستائين، جو اُن وانڍ بلڪ ساريءَ پسگردائيءَ اندر ان ڪڪڙ تي ”پيراڻي ڪڪڙ“ جي ال پئجي ويئي. مجال آهي جو ڪو ماڻهو ان ”پيراڻي ڪڪڙ“ جي حق ۾ ڪا گستاخي ڪري. ڪڏهن ڪنهن پاڙي واري جي ڪتي کان ڪڪڙ جي شان ۾ ڪا هيٺ-مٿانهين ٿي ويئي، ته سائينداد لٺ هٿ ۾ کڻي وڃي ڪتي جي مالڪياڻيءَ تائين پهچندو. مخصوص ڳوٺاڻيءَ زبان ۾ خطاب ڪري چوندس:
”...تنهنجو ڪتو پيراڻي ڪڪڙ کي ڊوڙائيندو پيو وتي، ڪا خبر به پوي ٿي يا نه؟ پنهنجا ٻئي جهان پئي ڪارا ڪرائين! ٻچي ٻار جو به ته ڪو ويچار ڪر، نيٺ ته پيراڻي شيءِ آهي.“
مائي ويچاري ڊڄي ويندي:
”ادا ڙي سائينداد، ڪتو جانور آهي، منهنجو ڪهڙو ڏوهه، مان ته پيراڻي ڪڪڙ ڏانهن ڪڏهن آڱر به نه کنئي آهي. سارو ڏينهن اسان جي گهر ۾ پيو چُڳي. اَن ٻُڪي سُڪائي به ساهه نٿا ڪريون، هوڏانهن اَنُ سُڪڻو وڌوسون ۽ هيڏانهن اچي ٿو ڪڪڙ اَن ۾ پوي. دانگيءَ مان اڃا مس ٿا ماني ڪڍون ته پٺيان ڦريو اچيو مانيءَ ۾ چنهنبون هڻي. ڪالهه جهڻ جي چاڏيءَ تي چڙهي، مٿانئس وٺيون لاهي هليو ويو. ماريو بي سناختو آهي. ادا سائينداد، تو به ڪهڙو ڪڪڙ پيراڻو ڪيو آهي.“
سائينداد: ”وري ساڳي جهڳ؟ پيراڻيءَ شيءِ لاءِ اهڙا شُکن ڪڍڻ پنهنجي پاڙ پٽائڻي آهي. پر تو کي ايترو ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته پيراڻي ڪڪڙ سان ڪا هيٺ-مٿانهين ٿي، ته پوءِ توهانجن سِرن ڏانهن خير ڪونه هوندا: اها ڳالهه ٻڌي هجيئي، متان تنهنجا مٽ مائٽ پيا پوءِ ميارون ڏين!“
اها هوندي هئي پوزيشن ڪُڪڙ جي!
ان وچ ۾ سکر بئراج جا واهه چالو ٿي ويا. سينٽرل رائيس ڪئنال ته بنهه سائينداد واريءَ وانڍ جي ڪناري سان وهي هليو. فصل عام جام ٿيڻ لڳا. سائينداد جي حالت به گهڻو سڌري ويئي. مون کي اچي چيائين:
”پير، هاڻي ته تو واري ڪڪڙ ڪينجهر ڪري ڇڏيا آهن، آءٌ سکيو ستابو ٿي ويو آهيان، گهر ۾ اَن جون ڪيئي گُنديون ڀريون پيئون آهن. چانور کائين، توڙي ڪڻڪ جا اڦراٽا، گيهه مکڻ به جام آهن، چار سئائون مينهون به آهن. هاڻي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن وير اچي پير گهماءِ، خلق پيئي ٿي مِهڻا ڏئي!“
ان هوندي به، اتفاق ئي ڪونه ٿي ٿيو جو آءٌ وڃي سائينداد جي دعوت وٺان. هڪ دفعي آءٌ موٽر تي چڙهيو رائيس ڪئنال جو ڪنارو ڏيو ٿي ويس. سائينداد واريءَ وانڍ جي ڀر ۾ موٽر خراب ٿي پيئي. ڏينهن تتل، نه اوهي نه واهي، لاچار سائينداد ڏانهن خبر موڪليم. پوءِ ته مورڳو عيدون ٿي ويس. اها خبر ڪا نه رهيس ته منهنجي موٽر خراب ٿي پيل هئي، سمجهيائين اهو ته آءٌ خاص سندس دعوت وٺڻ لاءِ ڪَهي آيو آهيان. کُٿي ڪو نه ٿي پُڳو. جيڪڏهن انساني رت حلال هجي ها، ته ان ڏينهن سائينداد، مکڻ عيوض پنهنجي رت سان طعام تيار ڪرائي ها.
انهن ڏينهن ۾ ڪم حاج پوندو هو ته پاڙي وارن کي وانگار ڪئي ويندي هئي. ڪو بند ٻڌائڻو هوندو، ڪا ڀت کڻائڻي هوندي، ڪو جهنگ ڪڍائڻو پوندو، ته راڄ وارن ڏانهن ڪوٺ ويندي هئي. مزوري ڪو نه وٺندا هئا، فقط منجهند ويلي چانور (مُستيءَ پيل) رڌي، کين کارايا ويندا هئا.
منهنجي وانگار جي سڌ سائينداد کي پوندي، ته بنا سڏ جي هليو ايندو. پاڻ اچي ڏک ڏوراپا ڏيندو ته مون ڏانهنس وانگار جي ڪوٺ ڇو ڪا نه موڪلي. ڪم ڪهڙو به ڏکيو هوندو، سائينداد چولو لاهي، پٺي اگهاڙي ڪري، هڪدم منجهس جنبي ويندو. آءٌ گهڻو ئي چوانس ته ڪم ڇڏي اچي ويهي مون سان ڳالهيون ڪري، پر ڪو نه ٻڌندو. چوندو: ”هيءَ ويل ڪم جي آهي، ڇڏ ته ڪم ڪري ڪجهه دعا کٽي وٺان.“
چورن چڪارن ۽ مخالف مائٽن بنسبت عملدارن ڏانهن شڪايتن ڀريل درخواستن موڪلڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس. لکيل پڙهيل ماڻهو هٿ ايندس ته کانئس ڪا نه ڪا درخواست لکائي وٺندو. ان مقصد لاءِ خالي اڇا پنا هر وقت گهر ۾ موجود رکندو. درخواست مدئجيءَ مان وڃي ٽپال ۾ وجهندو، ۽ هميشه ٽي آنا ڏيئي رجسٽر ڪرائيندو، رجسٽر جي رسيد پَٽڪي ۾ ٻڌيو پيو گهمائيندو، ۽ عام پڙها ڏيندو وتندو ته؛
”فلاڻي کي درکاش (درخواست) جي ٺوڪ ڏيئي آيو آهيان، درکاش به رجيٽڻ (رجسٽر) ٿي ويئي آهي، اجهي ٿا گهوڙا گهر تي اچنس.“
سندس اهڙيءَ ”هابيءَ“ ڪري پاڙي جا ماڻهو کانئس گهڻو ڊڄندا هئا - چوندا هئا: ”سائينداد کان پاسو ڪجي، وڏو ڦشادي (فسادي) ماڻهو آهي.“
اڇا لَٽا نه پائيندو هو، ڇو ته انهن جي ميري ٿي وڃڻ جو امڪان نظر ايندو هوس. جوڙي يا بافتي مان ٺهيل گوڏ ۽ چولو پائيندو هو، سو به نيروٽيءَ کان رڱائي، گهڻو ڪري موڱي رنگ تي. چوندو هو:”نير ۾ رڱيل ڪپڙا ٿڌا ٿين ٿا.“ بشرط ضرورت شرعي. حجامت سال ۾ هڪ - اڌ دفعو.

No comments:

راءِ ڏيندا