; سنڌي شخصيتون: منصور ابڙو - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

منصور ابڙو - رياضت ٻرڙو


منصور ابڙو
رياضت ٻرڙو

منصور ابڙو ڀلوڙ شاعر آهي، پر هو ذاتي مصروفيت سبب شاعريءَ کان پرڀرو رهيو آهي. منصور احمد ولد انور علي ابڙو ۷ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ پِرائي، جنهن بعد بِي ايس سِي آنرز (سلور ميڊل) ۽ ايم ايس سِي، زولاجي سبجيڪٽ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فيڪلٽي ٽاپ ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ گولڊ ميڊل ماڻيو. هُو ۱۹۹۷ع ۾، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ زولاجي جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۶ع کان وٺي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي رهيو آهي. هاڻ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.


هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۹۰ع ۾ ڪئي. سندس ادبي رهنمائي نالي واري شاعر جواد جعفريءَ ڪئي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پر خاص طور غزل پسنديده صنف اٿس. سندس ڪافي مواد مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهي. هُو سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. هن زولاجيءَ جون ڪيتريون ئي سکيائون ڏنيون ۽ ڪيون پڻ آهن. سندس رهائش سچل ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا