; سنڌي شخصيتون: استاد مصري جوڳي - راجا رشيد ڪنڀر

13 July, 2012

استاد مصري جوڳي - راجا رشيد ڪنڀر


استاد مصري جوڳي
مرليءَ واري من موهيو ڙي الا....
راجا رشيد ڪنڀر
عمرڪوٽ کان وهرو ويندڙ وچئين روڊ تي، مصري جوڳي ڪالونيءَ ۾، شيران والي مندر جي پاسي ۾ رهندڙ استاد مصري جوڳي ولد مٺو جوڳي مرلي وڄائڻ ۾ يڪتا فنڪار آهي. اڪ جي اڍائي فوٽ ڪاٺيءَ جي ۸ سوراخن ۾ ڪدو ڪنگور ۾ ميڻ چنبڙايل هن مرلي سان جڏهن مصري ڪلياڻ، ڪوهياري، ملهار، سورٺ، ڀيروي، مانجهه سُر جا آلاپ اچاريندو آهي ته ڏومي، سومي، ڪارو ڪوراڙو ڪونڀارو، اصيل ڦڻ ڪڍي جهومن ته ديسي پرديسي ٻڌي ڪنڌ ڌوڻڻ سان گڏ نير به وهائين.


گيڙو لباس، سليماني عقيق جو ڪنٺو، ڪنن ۾ والا پائيندڙ ۶۰ سالن جو هي گرناڙي جوڳي، نانگن ۽ مرلي جو بادشاهه هجڻ سان گڏ پنھنجي برادريءَ جو چڱو مڙس به آهي. سامي شڪاري، گودڙي انگ فقير، رنگ فقير، فقيرن کي ساڻ سرچائي هلندڙ هن مهان ڪلاڪار جرمني، جاپان، سنگاپور، اٽلي، فرانس، سريلنڪا، ڪوريا، لنڊن، انڊيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪري، سنڌ جي سڃاڻپ بڻيو آهي. سندس مرليءَ جي لهرن تي تڏهوڪي جاپاني وزير اعظم جي زال زارو قطار روئندي ۽ جس ڏيندي رهي. اُتي جرمني جي جرڪان جوڳڻ، سندس مرليءَ جي الاپ تي نانگڻ ٿي نه رڳو نچي، پر ويزا وٺي امراڻي اچي مصريءَ سان به ملي.
۱۲ سالن جي ٻاروتڻ واري وهيءَ ۾، مصريءَ پنهنجي پيءُ مٺوءَ کان، باقاعده مرلي وڄائڻ جو فن سکيو. هن قداور ڪلاڪار، ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا، خانصاحب منظور علي خان کان ورتي. ڀٽائي سرڪار جي درگاهه تي ۱۴ سال ٻُهاري ڏيندڙ مصريءَ جي فن کان متاثر ٿي ڪيترن گورن، گورين، ڪارن نه رڳو گڏ فوٽو ڪڍرايا آهن پر مرلي وڄائڻ جي پريڪٽس به ڪئي.
چوهاڻ قبيلي جي هن ڪلاڪار جي نگريءَ ۾ مورگي ڏيوڙا، مرکٽ، ڏوپگا، پونهار، پرمار، لانگوٽي، گاروڙي ۽ آديسي پڻ رهن. مرليءَ تي هو سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، پشتو، بلوچي ڌنون پڻ وجھائي سگهي ٿو. مصري جڏهن مرليءَ تي؛
”جڏهن ليار پيرون، پٽن تي پچن ٿا،
اتان منهنجا مارو، ميارون مُنجِن ٿا“
ڇيڙيندو آهي ته سندس پٽُ، مور سان گڏ، هر ٻڌندڙ بي ساخته ٿي جهومڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.
جرمني مان گولڊ ميڊل هن ملڪ ۾ آڻيندڙ هن سيلاني سيوڪ کير ٿر جي ٽڪرين مان وڏي جاکوڙ بعد اصيل نانگ جي ”مڻ“ پڻ حاصل ڪئي. ٻڪر جي پوئين ٽَنگ جي هڏيءَ مان نلي ٺاهي، نانگن کي کير پياريندڙ مصريءَ کي چئن پٽن ۽ اٺن نياڻين جو اولاد آهي.
مصري ۵۳۶ شاگردن جو استاد آهي.
”نوري“ جي هن سهاڳ تي ڪاري سائي جو پڻ حملو آهي. جنهن لاءِ هن حڪومت کان علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سندس اها به خواهش آهي ته حڪومت سندس مرلي جا لهرا، رڪارڊ ڪري مارڪيٽ ۾ آڻي، رهڻ لاءِ اجهو ڏنو وڃي.

No comments:

راءِ ڏيندا