; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر احسان دانش

27 July, 2012

ڊاڪٽر احسان دانش

احسان دانش

رياضت ٻرڙو



احسان دانش مشهور ۽ معروف ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. سندس پورو نالو احسان الحق پٺاڻ آهي. هو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو نالي وارو اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو پهريٺو پُٽ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان، بِي.ايس سِي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. اَي (پرائيويٽ) اردو ۾ (۱۹۹۵ع) آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ٻيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ (۱۹۹۷ع) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. هينئر ۲۰۱۲ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي. ڪري رهيو آهي. هُن روينيو کاتي لاڙڪاڻي ۾، اردو جي ليڪچرار طور پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو آهي ۽ ۲۰۰۲ع کان وٺي سنڌي جي ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي ۽ هفتيوار ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان آهي.


احسان دانش ۱۹۸۸ع کان وٺي مسلسل، گهر ۾ مليل ادبي ماحول سبب نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. سندس رهنمائي ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ ڪئي آهي. سندس لکيل انيڪ ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ شاعري پڻ ڇپجندي رهي آهي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (۲۰۰۵ع)، تحقيقي مقالن جو سهيڙيل ڪتاب ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (۲۰۰۵ع)، شخصيتن بابت مقالن جي سهيڙ ”ويل نه وسريام“ (۲۰۰۷ع)، شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ (۲۰۰۹ع) ۽ موهين جي دڙي بابت تحقيقي مقالن جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو: موهن جو دڙو“ ڇپجي چڪا آهن.

هُو سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل آهي. هُو ”ادبِ پاڪ“ (اردو) انٽرنيشنل ۽ ماهنامي ”بي لاگ“ ڪراچي (اردو) جو بيورو چيف ۽ نيوزليٽر ”شعور“ لاڙڪاڻي جو ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ رهيو آهي. کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران ٻه ڀيرا بهترين مقالي نگار طور ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“، سچل ادبي مرڪز پاران”شاهه لطيف ايوارڊ“ ۽ ٻيا تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.


 

ڊاڪٽر احسان دانش

سنڌ جو انتهائي خوبصورت لکاري - سندس سالگرهه تي ننڍڙي ڀيٽا

آصف رضا موريو

جهڙي ريت دنيا جي هر علائقي ۾ ڪجهه مانائتا خاندان ادب پروري، انشا پروازي ۽ روح ادب جي حوالي سان مشهور هوندا آهن تهڙي ريت لاڙڪاڻو جي سدا بهار خطي ۾ پڻ ڪجهه جيڪي اهڙا ڀاڳ ڀريا گهر رهيا آهن جيڪي ساهت کيتي جي سرجڻهاري متعلق ايترا ته معتبر ۽ امين ڀانئيا وڃن ٿا جو هن شهر جي هنج ۾ پلجندڙ بيشمار ادبي روايتون، رهبريون ۽ رونقون اهڙي خاندانن جي خالقي ذهنن اڳيان هٿ جوڙيندي بيٺل نظر اينديون آهن. اسان جي شهر لاڙڪاڻو جي اهڙن محسن ادب خاندانن مان هڪ گهر سائين بشير احمد شاد جو پڻ آهي.

هن خاندان جا ڀاتي ادبي سڃاڻپ کان هٽي ڪري به بيشمار حوالن کان پرامن، پڙهيل، ڳڙهيل، مهذب، بامروت، اڪابر، بااخلاق، مدبر، محجوب ۽ محبوب قسم جا ماڻهو آهن. سندن قد ڪاٺ ته ايترا ٺاهوڪا آهن جو جيڪڏهن اهي رومي اٿلاءَ جي دور ۾ پيدا ٿين ها ته يقينن دروسس، ايگريڪولا، سيزر، ايگريپا، ميگنس وغيره جهڙي ارڏي يوڌن ۾ شمار ٿين ها. ماشاءَ الله جهڙا قدآور تهڙا سهڻا، جهڙا سلڇڻا تهڙا مهذب، جهڙا اديب تهڙا تعليمدان، اصلي ساڙ کائڻ جهڙا ته ڪاش اسان به اهڙا سهڻا يا اهڙا اديب يا اهڙا معلم هجون. مولا سائين کين نظرِ بد کان بچائي آمين.

سائين بشير احمد شاد ته مون وانگر ۱ اپريلي آهي پر سندس ٻنهي قابلِ فخر پٽن احسان دانش ۽ رضوان گل ۾ پيدائش جي حوالي سان هڪ اها مماثلت پڻ آهي ته انهن ٻنهي فيبروري مهيني ۾ جنم ورتو. رضوان گل ۱۳ فروري تي ۽ احسان دانش ۱۵ فيبروري تي. قلمي، ادبي ۽ ڪرتي حوالي سان به ٻنهي ۾ بيشمار هڪ جهڙايون آهن جن تي ڪنهن ٻئي واري لکبو جو اڄ پنهنجي دوست احسان دانش جي سالگرهه جي حوالي سان ٻه اکر لکڻ چاهيان ٿو. اسان جي موجوده ادبي لڏي ۾ جنهن لکاري جو سڀ کان وڌيڪ ڪم منظر عام تي اچي يا ڇپجي چڪو آهي اهو احسان الحق المعروف احسان دانش آهي. سائين بشيراحمد شاد جي هن هونهار فرزند جو جنم ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع ۾ لاڙڪاڻو جي اولاهئين علي گوهر آباد محلي ۾ ٿيو.

احسان دانش جي نالي سان مون کي “یہ اڑی اڑی سی رنگت یہ کھلے کھلے سے گیسو۔ تیری صبح کہہ رہی ہے تیری رات کا فسانہ” جهڙي شعر جو خالق “جهانِ دانش” جو مصنف، اردو جو هڪ مشهور شاعر احسان دانش پيو ياد اچي جنهن جو نالو به احسان الحق هيو ۽ ان جو تخلص به احسان دانش هيو جڏهن ته اهو پڻ فيبروري واري مهيني ۾ پيدا ٿيو هيو. اهو حيرت انگيز اتفاق آهي ته سائين احسان الحق جو نالو به ان اردو شاعر جهڙو ساڳو ۽ شاعري ۾ تخلص به هڪ جهڙو.

احسان دانش پنجين جماعت پرائمري اسڪول علي گوهر آباد مان ۽ ميٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ پائلٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو. پائلٽ اسڪول ۾ پڙهائي دوران ئي احسان دانش جي دل ۾ ادب ڏانهن شوق جي چڻنگ ٻري. اردو ادب ۾ ايم اي ڪرڻ سان گڏ احسان دانش سنڌي ادب ۾ پڻ ايم اي ڪئي جنهن کان پوءِ هن “شاهه لطيف جي شاعري جو سماجي ڪارج” جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي.

احسان دانش کي پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ ملي هئي جتي هو هائر جو ڊيپارٽمينٽل امتحان ڏئي مختيار ڪار ٿيڻ جي تياري به ڪري پيو پرسندس والد اهو چئي اها نوڪري ڇڏائي ته “ان اداري ۾ رهي ڪري اڳتي هلي تون راشي ٿي ويندين ۽ اسان جي خاندان جي بدنامي ٿيندي”. احسان دانش ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ اردو جي ليڪچرار طور ملازمت ڪئي جڏهن ته ۲۰۰۲ع ۾ هو ڪميشن ڏئي سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو. تڏهن کان وٺي هو لاڙڪاڻو ڊگري ڪاليج ۾ تدريسي فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. احسان دانش پاڪستان آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو (پبليڪيشن ڊيپارٽمنٽ جو چيئرمن)، انڊس لٽرري فورم (نائب صدر)، سچل ادبي مرڪز ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ مختلف عهدن تي فرائض نڀائيندو رهيو آهي.

احسان دانش جي علمي تربيت سندس والد سائين بشير احمد شاد جي رهنمائي ۾ ٿي جيڪو کيس ننڍي هوندي کان علمي ادبي ميڙاڪن، محفلن توڙي مشاعرن ۾ ساڻ وٺي ويندو هيو. ان کان علاوه به سندن گهر ۾ متحرڪ ادبي ماحول ننڍڙي احسان جي علم و ادب دوستي سان سنگت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن ڪري هن ميٽرڪ ۾ پڙهائي دوران ئي ننڍڙا ننڍڙا ليک سرجڻ شروع ڪيا. وقت گذرڻ سان گڏ سندس ذهني ۽ فڪري اوسر جا نوان نوان گونچ ڪڍندي ۽ گس وٺندي رهي رهي. سندس ادبي قد آوري ۽ اورچائي کي موجوده مقام تائين پهچائڻ ۾ سچل ادبي مرڪز جو پڻ تمام گهڻو ۽ لاڀائتو ڪردار رهيو آهي. پنهنجي ادبي زندگي جي شروعات ڌاري هو احسان الحق احسان جي قلمي نالي سان لکندو رهندو هيو. پر بعد ازان هن تخلص بدلائي احسان دانش رکيو.

احسان دانش هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، شاعر، نقاد، لطيف شناس، محقق، مرتب، مورخ، مقالانگار، نثر نويس، ڪالمنگار، شارٽ اسٽوري رائيٽر، ۽ ڪمپيئر پڻ آهي جنهن ۱۹۸۸ع کان ادبي دنيا جي کسٿوريل کيتي ۾ پير پاتو. سندس پهرين ڪهاڻي سرجيس تان سور ۱۹۸۹ع ۾ عبرت ميگزين ۾ ڇپي هئي. اڳتي هلي هن شاعري کي اظهار جو ذريعو بڻايو جنهن کان پوءِ هن پنهنجو ادبي لاڙو نثر ڏانهن لاڙيو. ان سان گڏ بيشمار ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا اٿائين. هن وقت تائين سندس بيشمار ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن بشمول، “لاڙڪاڻو (تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو)” جيڪو لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽوريڪل سوسائٽي طرفان ۲۰۰۵ع ۾ ڇپرايو ويو هيو. ٻيو ڪتاب “بي سڪون خواب جوسچ” ڪهاڻين جو مجموعو هيو جيڪو سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن وارن ۲۰۰۵ع ۾ ڇپرايو هيو. سندس “ويل نه وسريام” نالي ڪتاب ۾ هن ضلعي لاڙڪاڻو جي اهم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا هيا جيڪو ۲۰۰۷ع۾ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي ڇپرايو. سندس ڪتاب “لفظن جي خوشبو” (شاعري جو مجموعو) ۲۰۱۰ع ۾ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو وارن ڇپايو، “سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثوموهن جو دڙو” نالي سندس ڪتاب ۲۰۱۲ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپرايو. ان کان علاوه ۲۰۱۷ع ۾ تنقيد تي “پيهي پروڙيم” نالي ڪتاب پڻ ڇپجي چڪو آهي جنهن کي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ طرفان بهترين ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو هيو. سندس ڪتاب شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج کي پڻ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۱۷ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ڄامشورو طرفان سال ۲۰۱۶ جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ پڻ مليو هيو. سندس ان ڪتاب کي ئي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري طرفان ۲۰۱۶ ۾ لطيف شناسي جو ايوارڊ پڻ مليو هيو.

حساس طبيعت ۽ ماٺيڻو مزاج رکندڙ ڊاڪٽر احسان دانش لاڙڪاڻو توڙي سنڌ جي علمي ادبي سرگرمين جو مک ڪردار رهندو ايندو آهي جنهن جي شرڪت کان سواءِ اهڙيون منڊليون ٻسيون ٻسيون لڳنديون آهن پوءِ چاهي اهي ادبي فيسٽيول هجن، مشاعرن جون محفلون يا ٻيا ڪي ادبي ميڙاڪا. اهڙي ريت احسان دانش مختلف موضوعن تي مختلف ادارن ۾ تمام ڪارائتا ليڪچر پڻ ڏيندو رهندو آهي ته هر آچر تي ريڊيو پاڪستان لارڪاڻو تان “تخليق” جي نالي سان هفتيوار پروگرام ڪندو رهندو آهي.

سندس طرح دار ڪهاڻين توڙي وضع دار شاعريءَ ۾ ڪائنات، سنڌ، انسان، شخصي آزادي، سماجي ڪشمڪش، انساني جدوجهد، محبت ۽ زندگيءَ جهڙا ڪلاسيڪل موضوع ۽ ڪردار گهڻوتڻو سلهاڙيل هوندا آهن. مون سدائين ڏٺوآهي ته هن ٻهروپي سماج ۾ احسان دانش جهڙو آهي پنهنجو پاڻ کي اهڙو ئي پيش ڪندو آهي جهڙو هو اندران آهي. پنهنجي شاگردن ۾ احسان دانش هڪ بهترين استاد مڃيو ويندو آهي جنهن کي خبر هوندي آهي ته انهن “سيکڙاٽن” جي اندر موجود “بهترين” انسان کي ڪهڙي ريت ٻاهر آڻي سماج اڳيان بيهاريو وڃي. منهنجي دعا آهي ته منهنجي ڀاءَ احسان دانش کي ۽ سندس قادرڪلامي ۽ قلمي ڄمار کي مالڪِ ڪائنات عمرِ حضوري عطا فرمائي.


 

ڊاڪٽر احسان دانش

ناميارو محقق نقاد ۽ لطيف شناس

شھزادو شيخ

سونهاري سنڌ ڌرتيءَ عظيم شخصيتن کي پنهنجي زرخيز مٽيءَ مان جنم ڏنو آهي. جن ٻين شعبن سان گڏ فن، آرٽ ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجو پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي ۽ سر بلنديون ماڻيون آهن. هونءَ ته سنڌ جو چپو چپو سونُ آهي ۽ هر علائقي جي پنهنجي اهميت آهي پر تاريخي شهر لاڙڪاڻو شاعرن، اديبن، ڪھاڻيڪارن، عالمن ۽ دانشورن، محققن ۽ نقادن توڙي ڊراما نگارن، ناول نگارن، ڪالم نگارن، اداڪارن، گلوڪارن ۽ چترڪارن کي جنم ڏيندڙ علائقو آهي. لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي کي ليڊرن جي ڌرتي به چوندا آهن، جتان هر شعبي ۾ اڳواڻ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن سنڌ ۽ ملڪ ۾ ئي نه پر بين الاقوامي سطح تي به اعليٰ مقام ماڻيو آهي. لاڙڪاڻي جي اهڙن اعلى ۽ آدرشي انسانن ۾ خوبصورت شاعر، ڪھاڻيڪار، محقق، نقاد، لطيف شناس تعليمدان ۽ منهنجو پيارو استاد، محسن، رهنما ۽ هر دل عزيز ۽ منهنجي پسنديده شخصيت پروفيسر ڊاڪٽر احسان دانش به هڪ آهي، جنهن سنڌ جي سر تاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ تي پي ايڇ. ڊي جي سَندَ به حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر دانش شاهه سائين جو شارح ئي نه پر عاشق به آهي.ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب هجڻ سان گڏ هڪ سٺي سيرت ۽ سھڻي صورت رکندڙ هڪ قد آور شخصيت جو مالڪ آهي. هن جو جنم ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع تي علي گوهر آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي نامياري اديب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي گهر ۾ ٿيو، سندس پورو نالو احسان الحق ۽ ادبي نالو احسان دانش آهي. سندن تعليم جو آغاز به پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان ٿيو تعليمي ميدان ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ايم اي (اردو ادب) ۽ پي ايڇ ڊي (سنڌي ادب/ لطيفيات) جو اعزاز ماڻي چڪو آهي. هن ادب ۾ لکڻ جي شروعات ۱۹۸۸ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي جنهن سان هن وقت تائين نڀايون پيو اچي. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليقڪار آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش عملي زندگيءَ جو آغاز ۱۹۹۳ع ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت سان ڪيو، ان کانپوءِ ۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۲ع تائين پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت ليڪچرار اردو رھيو اهڙي طرح ۲۰۰۲ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچر شپ لاءِ ورتل امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت ليڪچرار (سنڌي) مقرري ٿيو، جتي هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر ۽ شعبي جي سربراهه جي حيثيت ۾ درس وتدريس جو عمل جاري آهي. ڊاڪٽر دانش ۲۰۰۳ع کان لاڙڪاڻي جي نجي ادارن ۾ اعزازي طور سي ايس سي ۽ پي سي ايس جي ڪلاسن کي سنڌي ادب پڙھائيندو رهيو آهي. هن جي سنڌي ادب سان گڏوگڏ علمي ادبي، تعليمي ۽ سماجي تنظيمن سان وابستگي پڻ رهي آهي. ڊاڪٽر احسان هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورننگ جو ميمبر ۽ گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي ايگزيڪيوٽو باڊي جو پڻ ميمبر آهي. سندس مختلف علمي ادبي تنظيمن سان تعلق پڻ رهيو آهي جن ۾ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي سان گذريل ۳۶ سالن کان ميمبر ۽ عهديدار طور، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي جو گذريل ۲۵ سالن کان مختلف عهدن تي ڪم ڪيو ۽ هن وقت به بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. اهڙي طرح پبلڪ اسڪول لٽرري ڪلب لاڙڪاڻي جو ۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۲ع تائين ۽ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان برانچ لاڙڪاڻي جي ڪور گروپ جو ۱۹۹۸ع کان ۲۰۰۱ع تائين رڪن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان  لاڙڪاڻي جو ۲۰۱۱ع ۾ چيئرمين پبليڪيش طور ذميداريون سرانجام ڏيندو رهيو آهي.ڊاڪٽر احسان دانش با ڪردار ۽ اعلي اخلاق جو مالڪ ماڻهو آهي، سندس دل ۾ ٻين لاءِ هميشه پيار ۽ محبت رهي آهي. هن جي اندر ۾ ڪنهن جي لاءِ به ۽ ڪڏهن به نه ڪينو رهيو آهي نه بغض ۽ حسد. ھر ماڻھو سان مِٺو ڳالهائي پنهنجي قرب ۽ محبت سان نوازيندو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي، چاھي اھو سندس عمر کان ننڍو هجي يا وڏو هو سڀني سان سدائين خلوص ۽ احترام جو رشتو قائم رکيو ايندو آهي ۽ ٻين لاءِ ڀلائيءَ جو درس پڻ ڏيندو آهي. ڊاڪٽر احسان جو تعلق هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي، سندس علمي، ادبي ۽ اخلاقي تربيت سندس والد صاحب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب ڪئي. ڊاڪٽر دانش، علم ادب ۽ فنونِ لطيف سان گذريل ۳۲ سالن کان سلهاڙيل آهي ۽ پيغمبري جهڙي مقدس پيشي درس وتدريس سان ۲۳ سالن کان لاڳاپيل آهي جتي پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجون خدمتون ۽ فرض بخوبي نڀائي رهيو آهي. پنهنجي علمي  ڏات جي ذريعي سوين نه پر هزارين شاگردن کي تعليم جهڙي خوبصورت زيور سان سينگاري اعليٰ عهدن تي پهچايو آهي. ڊاڪٽر احسان دانش هڪ اهڙو علمي ۽ ادبي ڪردار آهي، جنهن جي اخلاق، عمل ۽ ڪردار جي خوشبوءِ چوڏسا موجود آهي. ھن عظيم ڪردار سنڌي ادب جي ميدان ۾ پنهنجي ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي پورهيي سان پاڻ مڃايو آهي. هن وقت هن جي هڪ اهم لطيف شناس واري حيثيت به آهي. هن شاھ سائين جي ڪلام تي  تحقيق جو ڪم ڪري پنهنجو پاڻ موکيو آهي. ان سلسلي ۾ هن جي شاھ سائين جي ڪلام تي ڪيل پي ايڇ. ڊي نمايان ڪم آهي. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون، ۲۰۰۵ع)، لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو (لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مقالن جي سهيڙ ۲۰۰۵)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مقالا، ۲۰۰۷)، لفظن جي خوشبو (شاعري، ۲۰۱۰)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو (تحقيق ۽ تلخيص ۲۰۱۲ع)، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (تحقيق / لطيفيات، ۲۰۱۶) ۽ پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس۲۰۱۷ ) شامل آهن. جڏهن مختلف موضوعن تي لکيل سندس پنڌرنهن ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر احسان دانش کي سندس تحقيقي ڪم توڙي پي ايڇ. ڊي واري پورهيي تي حڪومتِ سنڌ طرفان ۲۰۱۶ع  ۾ سنڌي ادب جو وڏي ۾وڏو ايوارڊ شاهه لطيف ايوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان علاوه سندس علمي، ادبي ۽ قلمي پورهئي جو قدر ڪندي سنڌي لئنگويج اٿارٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم ادارن طرفان لڳ ڀڳ ۳۰ مڃتا ايوارڊ ملي چُڪا آهن. ڊاڪٽر دانش صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي ۴۲ ڪانفرنسن ۾ بحيثيت مقالانگار شرڪت ڪري چڪو آهي. ان ڪري سنڌي کان علاوه اردو حلقه ادب ۾ پڻ هو نمايان طور ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. هو گذريل ۱۳ سالن کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان پڻ آهي. جنهن ۾ هن ۱۰۰ سنڌي اديبن جا تفصيلي ۽ يادگار انٽرويو پڻ ورتا آهن. هر شاعر پنهنجي دور جو باشعور ۽ با ضمير انسان هوندو آهي اهڙي طرح اهو پنهنجي قلم جي ذريعي پنهنجي ٻوليءَ، ڌرتيءَ ۽ سماج جي خدمت به ڪندو آهي. شاعر اديب هميشه پنهنجن احساسن ۽ جذبن جو اظهار قلم جي ذريعي ڪندا آهن ڊاڪٽر دانش به قلم جي حرمت ڪندڙ تخليقڪار آهي، جنهن جو هر پاسو سگهارو ۽ نرالو آهي. هن وٽ علمي ادبي ڄاڻ جو خزانو موجود آهي، وٽس علمي ادبي ٻولي ڳالهائڻ جو ڏانءُ موجود آهي ۽ لکڻين ۾ اعليٰ پايي جي پختگي ۽ سونهن سمايل آهي. هو پنهنجي لکڻين وسيلي پڙھندڙن جي اندر ۾ شوق ۽ ذوق پيدا ٿئي ٿو. ھي لطيف شناس پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ جذبن کي قلم جي ذريعي اظهاري نه رڳو پنهنجو فرض پيو نڀائي پر پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان عشق جو اظهار به ڪري ٿو. دانش سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ڪلچر سان بيحد پيار ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌ جي مختلف ماڳن، مڪانن، قديمي آثارن ۽ تاريخي شهرن جا مطالعاتي دورا به ڪندو رهي ٿو. هو سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي مسئلن کان ته واقف آهي پر سندس دلچسپيءَ جو مرڪز سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، ريتون رسمون توڙي ٻولي ۽ ان جا لهجا آهن. هو پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ احساسن کي خوبصورت لفظن جي مالها ۾ بيان ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. ڊاڪٽر احسان دانش هڪ مثالي استاد آهي. مان هن کي هڪ عظيم استاد چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان. هڪڙا استاد ذهن سان پڙهائيندا آهن ۽ ٻيا روح سان، سائين احسان دانش انهن استادن مان آهي جيڪي روح سان پڙهائيندا آهن. هن پنهنجي سموري زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي آهي. مون کي ذاتي طور خبر آهي ته هن جو وسيع مطالعو ٿيل آهي ۽ هن سنڌي ادب، عالمي ادب، تاريخ، تصوف، فلسفي ۽ سائنس جهڙن موضوعن تي گھڻو مطالعو ڪيو آهي. خاص طور سنڌي ادب تي کيس عبور حاصل آهي. هن جو پهريون عشق ڪتاب آهن ۽ هن جي اِن عشق جو سفر اڃان تائين جاري ساري آهي، سندس چوڻ آهي ته ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي، قلم سان منهنجو عشق آهي، ڪتاب منهنجي زندگي آهن ۽ لفظ مون لاءِ پناھ گاھ آهن.“ دانش صاحب جا چيل اِهي سونهري لفظ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جهڙا آهن. مون کي اها ڄاڻ آهي ته ڊاڪٽر صاحب کي جيڪا به علمي ۽ ادبي اسائمينٽ ملندي آهي ته ھو ھميشه ان کي چيلينج ڪري کڻندو آهي ۽ ان کي پنهنجي وقت تي پايه تڪميل تي پهچائيندو آهي. ھن اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪندي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آهي. منهنجو پيارو استاد محسن ۽ آئيڊيل شخصيت ڊاڪٽر احسان دانش منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو آهي. اها منهنجي فخر جهڙي ڳالهه آهي ته مان ان عظمت جي مينار جو شاگرد آهيان. سر احسان دانش سان منهنجو گذريل ۹ سالن کان وٺي روح جو رشتو قائم آهي. ھو مون سان والد جهڙو پيار ڪندڙ آهي ۽ مون کي سدائين پنهنجي اولاد جيان سمجهيو آهي. سچ ته اها منهنجي لاءِ ڀاڳ جي نشاني آهي. ڊاڪٽر دانش، زندگيءَ جي اونداهه ۾ منهنجي لاءِ مشعل راھ آهي. انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا رشتا جنم وٺندا آهن جيڪي رت جي رشتن کان وڌيڪ مضبوط ۽ دلين جي ويجهو هوندا آهن جن کي روح جا رشتا چيا ويندا آهن، منهنجو سائين احسان سان اهڙو ئي رشتو آهي. مون هميشه پنهنجي دلبر سائينءَ ۾ پنهجائپ ۽ پيار جو عنصر ڏٺو آهي. منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون پياري سائين گڏ آهن الله پاڪ کين وڏي ڄمار، صحت ۽ تندرستي عطا ڪري هو ھميشه گلن جيان مهڪندا رهن ۽ مالڪ سندس علم ۽ قلم جي قوت ۾ اڃا به واڌارو ڪري. آمين. مان پنهنجو هي مضمون سائين احسان دانش جي ئي هڪ شعر سان ختم ڪرڻ چاهيان ٿو:

آءُ تو کي اکين ۾ جاءِ ڏيان،

تون به ٿورو ته ويجهو آءُ پرين،

مون کي تون جاءِ ڏي رڳو دل ۾،

پيار جو مان ڪندس پڙاءُ پرين.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۵ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



ڊاڪٽر احسان دانش

املھ انسان - سلسلو ۵۹ هون

حفيظ چانڊيو

ڊاڪٽر احسان دانش سنڌ جو ناميارو اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق، نقاد ۽ لطيف شناس آهي. سندس جنم لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾ نامور دانشور ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر دانش جي اڻ ٿڪ محنتن کي ڏسندو آهيان ته مون کي هو لطيف سائين جي سر کاهوڙي جو ڪوئي ڪردار ڀاسندو آهي.

هو نهايت محنتي، پڙهيو لکيو ۽ نهايت محبتي انسان آهي. ڊاڪٽر احسان دانش ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي ۽ ساڳي مضمون ۾ ۲۰۱۴ع ۾ پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي. هن جن ادبي شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي تن ۾ تحقيق، تنقيد، شاعري ۽ ڪهاڻيون قابلِ ذڪر آهن. هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۸۸ع کان ڪئي. سرڪاري نوڪري کان اڳ هن پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اردو ليڪچرار طور مسلسل پنج سال درس و تدريس جون ذميواريون نڀايون.

اهو ۲۰۰۰ع جو دور هو، جڏهن ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ليڪچرار جي لکت واري امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي هئي، اهو امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ورتو، امتحان پاس ڪرڻ بعد هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بطور سنڌي ادب جي ليڪچرار ڪم ڪيو، سخت محنتن سبب اڄ هو ساڳي شعبي جو سربراھ پڻ بڻيل آهي، جتي هو درس تدريس وارو ڪم جاري رکيو ٿو اچي. هن جو شمار ڪاليج جي نهايت اهم پروفيسرن ۽ شاگردن جي پسنديده استادن ۾ ٿئي ٿو. هو لاڙڪاڻي جي الائي ڪيترن نجي ادارن ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي ڪلاسن ۾ وڃي اعزازي طور شاگردن کي سنڌي سبجيڪٽ جي تياري پڻ ڪرائيندو رهيو آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪيل خدمتن عيوض مختلف ادارن طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جو سنڌي ادب ۾ منفرد مقام آهي، سندس مثبت ۽ تعميري ڪردار الاهي ساترو اتساهڪ آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ هن سچل ادبي مرڪز ۽ ٻين ادارن پاران الائي ڪيتريون ڪانفرنسون، سيمينار، مذاڪرا ۽ مشاعرا منقعد ڪرايا آهن، جن ۾ سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهرين شاعرن، اديبن شرڪت ڪئي آهي.

هو شاعر آهي، ان ڪري نهايت حساس آهي، وٽس حسناڪ خيال پرديسي پکيئڙن جيان سندس قلم کي عقيدت مان چمي اڏري هليا ويندا آهن. سندس اظهارِ بيان سادو سلوڻو پر آرٽ سان ڀرپور آهي، پڙهندڙ کي جلد سمجھ ۾ ايندڙ سندس ڪلام ۾ سندس اندر جون ڪيفيتون ۽ اهي سموريون وارتائون بيان ٿيل آهن، جيڪي هر ماڻهو سان لاڳو آهن، پڙهندڙ کي محسوس ٿيندو ته شاعرَ سندس اندر ئي اوريو آهي. هو ڏکين حالتن ۾ حوصلي کي هٿان وڃڻ نٿو ڏئي.

ڊاڪٽر احسان دانش جي ڇپيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون)، لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو (تحقيق - ترجمو)، ويل نه وسريام (شخصيتون - ترتيب) لفظن جي خوشبوءِ (شاعري)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو - موهن جو دڙو (تاريخ) شاھ لطيف جي شاعري جو سماجي ڪارج(پي ايڇ ڊي مقالو)، پيهي پروڙيم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس) ۽ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو (لطيفيات) شامل آهن.

مٿين ڇپيل ڪتابن کان علاوه ڊاڪٽر احسان دانش صاحب جو علمي، ادبي، تاريخي، تنقيدي، شاعري ۽ ڪهاڻين جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ڏهاڪو کن آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي بطور آرٽسٽ (ميزبان) ڪم ڪندو رهيو آهي، سندس ادبي پروگرام "تخليق" ۾ هن ۱۰۰ کان وڌيڪ ناميارن اديبن ۽ دانشورن کان انٽرويوز ڪيا، جيڪي هن وٽ محفوظ آهن. .

ڊاڪٽر احسان دانش جي جدا جدا تخليقن کي مختلف ٻولين جهڙوڪ انگريزي، اردو، هندي، فارسي، براهوي ۽ بلوچي ۾ الڳ الڳ مترجمن ترجمو ڪيو آهي، جنهن سبب کيس وڏي مڃتا ملي چڪي آهي.

ڊاڪٽر دانش کي ادبي کيتر ۾ مڃتا خاطر ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن. جن مان سڀ کان اهم سنڌ جو سڀ کان وڏو ايوارڊ، جنهن کي سنڌ جو نوبل پرائز يا آسڪر ايوارڊ سڏيو ويندو آهي، يعني "لطيف ايوارڊ" به سندس حصي ۾ آيو آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت کاتي پاران کيس ۲۰۱۶ع ۾ ارپيو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران پڻ هن کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو، ان کان علاوه انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کيس بهترين تحقيقي ادب جو ايوارڊ ڏنو، ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ مسلسل ٻه سال سندس حصي ۾ آيو، زخمي چانڊيو يادگار ايوارڊ، ايڪسيلينس ايوارڊ، طارق عالم ابڙو يادگار ايوارڊ، انجمن ترقي پسند منصفين سنڌ ايوارڊ، بهترين مقالا نگاريءَ بهترين ڪهاڻيڪار سميت لاتعداد مڃتا ايوارڊ ۽ اعزاز کيس ملي چڪا آهن.

ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ٻوليءَ جو نهايت برجستو ليکڪ، نقاد، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. هو سنڌي ٻوليءَ جو وينجھار آهي، لفظن کي پنن تي پوکي مئل اندر جيئاريندو رهيو آهي. سندس ادبي پورهئي ۾ شاعري، تنقيد، تحقيق، ترتيب سان گڏ لطيف شناسي قابلِ ذڪر آهن. هن جي تخليقن ۽ تحريرن ۾ هڪ انفراديت آهي، هن مسلسل پتوڙيو آهي ۽ اڄ تائين ٻوليءَ جي وسعت ۽ واڌاري لاءِ نور نچوئيندو رهي ٿو. آرٽ ۽ ادب لئه سنڌ جي هن اديب جون خدمتون انتهائي ساراھ جوڳيون آهن.

دنيا جو مڃيل اصول آهي ته هر مزدور پنهنجي اجرت گهرندو آهي، پر ڊاڪٽر احسان دانش صاحب جهڙي محبوب شاعر، معتبر محقق، ڪمال جي ڪهاڻيڪار، لطيف شناس، اديب ڪنهن اڳيان قلمي پورهئي عيوض اجرت ناهي گهري نه ئي هن ڪٿي سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن واري ڪارڊ کي ڪٿي ڪيش ئي ناهي ڪرايو. هن اجرت گهرڻ بجاءِ پنهنجي رت ساڙي قوم جي لئي ڏياٽين ٻارڻ کي ايمان جو جزو سمجهيو آهي. هن ڪنهن کان ڪجھ ڀي ناهي طلبيو. . .

نوٽ: اهڙي گهڙيءَ ۾ مون سنڌ جي سڄڻن ۽ املھ انسانن جي خاڪن کي قلمبند ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي جا هڪ نه هڪ ڏينهن نئين نسل جي هٿن تائين ضرور پهچندي. .

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

احسان دانش

سنڌي ادب جو اڃارو ليکڪ

امتياز دانش

احسان دانش هڪ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، شارح، تنقيد نگار، ڪمپيئر، محقق ۽ استاد. هونئن ته هو لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر بشير  شاد جو پٽ آهي پر ادب ۾ هِن جتي ڪٿي پنهنجي پيءُ جو نالو وٺي پنهنجو قدڪاٺ نه ٺاهيو آهي. هو پنهنجي تخليقي ڪم سان اڳتي نڪري آيو آهي ۽ پنهنجي ان منفرد ڪم سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي، جيڪا هڪ سُچيت اديب جي خوبي آهي ۽ اديب هجي به ته ائين. پنهنجي ڪم تي اڳيان اچي ۽ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ قائم ڪري. نه ڪي پنهنجن وڏڙن جي نانءَ تي.

هونئن ته احسان دانش جي ڪريڊٽ ۾ شاعري، ڪهاڻي، مضمون نويسي، ڪمپيئرنگ ۽ ٽيچنگ اچي ٿي پر جنهن پورهيي سنڌي ادب ۾ کيس هڪ منفرد حيثيت ڏياري ۽ مٿانهون رتبو ڏياريو، اهو آهي تحقيق. تحقيقي ميدان ۾ هِن ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي تحقيق ڪري هڪ اهڙو ڪم ڪيو آهي، جيڪو پهرين ڪڏهن به نه ٿيو هو. احسان دانش جو شاهه لطيف تي تحقيق وارو ڪم، هڪ اهڙو ڪم آهي، جو هو ٻيو تحقيقي ڪم نه به ڪري، تڏهن به اهو ڪم کيس سنڌي ادب ۾ زنده رکندو پر هن، جيڪو پاڻ کي تحقيق سان جوڙيو هو، اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. تحقيق هڪ ڏکيو ڪم آهي. اهو تخليق ۽ تنقيد کان به ڏکيو ڪم آهي.تحقيق ڪيترو ڏکيو ڪم آهي؟ اهو ڪم اهو ڄاڻي سگهي ٿو، جيڪو تحقيق جي اڻانگن پيچرن تان گذريو هوندو. تحقيق هڪ ذميداراڻو ڪم آهي ۽ اهو هڪ ذميداريءَ سان ڪبو آهي. ڇو ته تخليق ۽ تنقيد کي ڪير به چئلينج نه ٿو ڪري سگهي پر تحقيق هڪ اهڙو ڪم آهي، جنهن کي ڪير به چئلينج ڪري سگهي ٿو ۽ احسان دانش پنهنجي حَسِين زندگي بلڪه پنهنجي جوانيءَ جا خوبصورت پل ان ڪم جي نذر ڪري ڇڏيا. هو تحقيق جي ميدان ۾ اڃا به اڳ کان اڳڀرو آهي. کيس نت نين شين ڄاڻڻ جي ايتري ته اڃ آهي جو  تحقيق جي رڃ ۾ اها منجهس ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي پئي.

احسان دانش هڪ اهڙو شارح ۽ محقق آهي، جنهن جو تحقيق ۾ پنهنجو هڪ انداز آهي. هڪ نرالو انداز. هو تاريخ جي بند گهٽين ۾ گم ٿي ويل شين کي دانشوراڻي نظر سان ڏسي ٿو ۽ سماج کي لاڀ ڏيندڙ نتيجا اخذ ڪري ٿو. هو تحقيق ۾ روايتي حوالن تي نه ٿو ڀاڙي پر پنهنجون تخليقي صلاحيتون ڪتب آڻي ٿو. جنهنڪري سندس پورهيي مان سوچ ۽ لوچ جا رستا نڪرن ٿا، جيڪي ايندڙ وقت جي رهنمائي ڪن ٿا.

ڊاڪٽر احسان دانش ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ ع ڌاري ساهه سيباڻي لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي  ۾ ڊاڪٽر بشير شاد جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڇٺيءَ جو نانءُ احسان الحق رکيو ويو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. هن ايم. اي اردو ۽ سنڌي ادب ۾ ڪئي. بعد ۾ ۲۰۰۲ ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پهرين پوزيشن کڻي سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرر ٿيو ۽  ترقي ڪندو هن وقت اڻويهين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي.

احسان دانش هڪ جاکوڙي ليکڪ آهي. هن لکڻ جي شروعات ۱۹۸۸ ع کان ڪئي. اهو سلسلو اڃا تائين هلندو اچي. بي سڪون خواب جو سچ، لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو، ويل نه وسريام، لفظن جي خوشبو، سنڌو سڀيتا جو  عظيم ورثو: موهن جو دڙو، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج، پيهي پروڙيم ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏک جو فلسفو ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ ۱۷۰ کان مٿي مختلف موضوعن تي سندس تحقيقي مضمون، ايڇ اي سي کان منظور ٿيل مختلف جرنلن ۽ رسالن ۾ به ڇپجي چڪا آهن.

ڊاڪٽر احسان دانش آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز، انڊس لٽرري فورم، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ ٻين ادبي ادارن ۾ رهي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.  هونئن ته کيس سندس تحقيقي ۽ تخليقي ڪم تي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ادارن پاران ايوارڊ ملي چڪا آهن پر جيڪو سڀ کان وڏو ايوارڊ آهي اهو آهي ماڻهن طرفان محبتن جو، جيڪو کيس هر وقت ملي رهيو آهي. بهترين ڪم تي کيس سنڌي ادب ۾ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا