; سنڌي شخصيتون: رضوان گل - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

رضوان گل - رياضت ٻرڙو


رضوان گل
رياضت ٻرڙو

رضوان گل نثرنويس، شاعر ۽ مترجم آهي. هو ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ع تي، لاڙڪاڻي ۾، نالي واري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٺيءَ نانءُ رضوان الحق پٺاڻ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.ايس سِي جاگرافيءَ ۾ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۲۰۰۱ع کان ليڪچرر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي.

رضوان ۹۲-۱۹۹۱ع کان وٺي نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ ڪئي. سندس تمام گھڻا ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن، ان سبب ئي سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ نثرنويس طور وڌيڪ آهي. هن جا هي ڪتاب ڇپيل آهن: (۱) پنج ڏينهن (سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو)، (۲) ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (سوانحي ليک ۽ تاثر) ۽ (۳) پيار جي پهرين بارش (شاعري).
هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي هاسٽل جو سيڪريٽري رهيو آهي ۽ نيشنل جياگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، انڊس جياگرافيڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل آهي. هُو ”جيو مئگ“ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ نيوزليٽر ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل آهي. کيس ڪلهوڙا عباسي تنظيم سنڌ پاران بهترين مقالي نگار طور ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“۽ سچل ادبي مرڪز توڙي س.ا.س قنبر شاخ پاران بهترين ڪهاڻيڪار جا تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا