موسيقار روشن جي سان ڳالھ ٻولھ
انٽرويو: گلزار
ڪلهوڙو پاٽائي
سنڌي موسيقيءَ جو جڏهن به ذڪر
ڪبو ته اسان کي ڪيترا ئي اهڙا وڏا وڏا فنڪار ذڪر ڪرڻ لاءِ ملندا جن فني حوالي سان
تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. پر اهڙن نامور فنڪارن جي اڳتي وڌڻ ۾ جنهن شخصيت جو اهم
ڪردار هوندو آهي. ان کي موسيقار چيو ويندو آهي ۽ سنڌ جي نامور موسيقارن استاد
فيروز گل، غلام نبي عبداللطيف، غلام علي، استاد خير محمد خان، غلامو خان ۽ استاد
رجب علي رضا سميت نوجوان موسيقار استاد ”روشن جي“ به انهن مان هڪ آهي جن جي خاندان
صدين کان سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪئي آهي.
سوال: خانصاحب سڀ کان
پهرين اوهان پنهنجي متعلق ڪجهه ٻڌائيندا؟
جواب: منهنجو نالو روشن
علي عرف روشن جي آهي. منهنجو جنم پهرين مئي ۱۹۷۳ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.
منهنجي والد صاحب جو نالو ضامن علي عرف ببر علي آهي ۽ ذات شيخ آهي. تعليم ايم اي،
ايل ايل بي آهي. فني حوالي سان منهنجي سڃاڻپ ڪي بورڊ پليئر ۽ ڪمپوزر طور آهي ۽ ۲۶ سالن کان فن جي
خدمت ڪندو پيو اچان. شادي ٿيل اٿم ۽ اولاد ۾ ۵ ٻارڙا آهن.
سوال: اوهان هن فن جي سکيا
ڪنهن کان ورتي.
جواب: هي فن مون کي ورثي ۾
مليو آهي. منهن جو والد صاحب هارمونيم ۽ طبلو وڄائيندو هو ۽ ڳائيندو به هو ۽ مون
به ۱۹۸۶ع کان باقاعده بابا سائين کان موسيقي جي تربيت وٺڻ شروع
ڪئي ۽ اڄ جيڪي ڪجهه آهيان، انهن وڏڙن جي محنت جو نتيجو آهيان.
سوال: اوهان پنهنجي خاندان
متعلق ڪجهه ٻڌايو.
جواب: اسان جو خاندان هڪ
راڳي گهراڻي طور مشهور آهي ۽ اسان جي وڏڙن جو تعلق جيسلمير راجستان گهراڻي سان
آهي. جنهن جي باري ۾ ڀٽائي سائين به پنهنجي شاعري ۾ ذڪر ڪيو آهي ته
”جُتي
جيسلمير جي، آندي استادن.“
گائڪي جي حوالي سان ٽن صدين کان
وٺي سنڌ ۽ سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪندا پيا اچون. مشهور موسيقار استاد فيروز گل
منهنجو چاچو هو ۽ خان صاحب عارب خان منهنجو ڏاڏو هو.
سوال: اوهان کي ”روشن جي“
ڪري پڪاريو وڃي ٿو. ان ”جي“ جو ڇا مقصد
آهي.
جواب: جنهن جي نالي پٺيان
جيڪو ”جي“ جو لفظ اچي ٿو اهو احترام طور سڏيو وڃي ٿو ۽ ميوزڪ ۾ اهڙو لقب اهڙن
ماڻهن کي ملندو آهي، جيڪي پنهنجي فن ۾ انتهائي مهارت رکندا آهن ۽ منهنجي لاءِ به
اهو اعزاز آهي ته مون کي به روشن جي ڪري پڪاريو وڃي ٿو.
سوال: علم موسيقي ڇا آهي.؟
جواب: ”موسيقي“ فارسي زبان
جو لفظ آهي. جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي؛ ستن سرن جو سنگم. موسيقيءَ ۾ ڪل ۳۶۰ تال آهن. موسيقيءَ
جا بنيادي ست سر هي آهن؛ سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني، سا. علم موسيقي، ڪلاسيڪل
موسيقيءَ جي حوالي کان ڏهن ٺاٺن تي مشتمل آهي. لفظ ٺاٺ سنسڪرت زبان جو لفظ آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي؛ زمين. هر ٺاٺ ۾ ڪيترا ئي راڳ ۽ راڳڻيون آهن. هر ٺاٺ جو پنهنجو
مخصوص ٽائيم هوندو آهي. وقت تي ڳائڻ سان انهن جو وڌيڪ اثر ٿئي ٿو. ڏهن ٺاٺن جا
نالا هي آهن؛ ۱ ڀيرو، ۲ ٽوڙي، ۳ ڪافي ۴ پوربي ۵ ماروا ۶ ڪلياڻ ۷ بلاول ۸ آساوي ۹ کماچ ۽ ۱۰ ڀيروي ٺاٺ.
موسيقيءَ جو دارومدار آواز تي هوندو آهي. آواز ڪميونيڪيشن لاءِ اهم ذريعو آهي ۽
علم موسيقي انهن ستن سرن جي ميلاپ ۽ لئه جو نالو آهي. جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
موسيقيءَ جا ماهر، هڪ عام مثال ڏيندا آهن ته؛ بي سرو ڳائڻو يا سازندو، موسيقيءَ جي
دنيا ۾ هلي ويندو پر بي تالو ڳائڻو يا سازندو نه ٿو هلي سگهي. هونءَ به ڪائنات جي
فطرت تي غور ڪنداسين ته پاڻ کي هر شيءِ رڌم ۾ ملندي.
سوال: هڪ عام راڳي ۽
موسيقار ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي؟
جواب: راڳي صرف پنهنجو فن
پيش ڪري ٿو. پر موسيقار جو ان معاملي ۾ اهم رول هجي ٿو. ڇو جو ڪنهن به ائٽم کي پيش
ڪرڻ کان پهرين ان جي ڌن يا طرز تيار ڪرڻ ضروري آهي ۽ اها شيءِ هر ڪنهن جي وس جي نه
آهي. اهو ڪم صرف ڪو راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ موسيقار ئي ڪري سگهي ٿو.
سوال: اوهان هن وقت تائين
ڪيتريون ڌنون تيار ڪيون آهن؟.
جواب: منهن جون سوين ڌنون
تيار ٿيل آهن، جيڪي مختلف فنڪارن ڳايون آهن ۽ هن وقت آ ڀٽائي سائين جي سرن کي اصل
شڪل ۾ ڪمپوز ڪري رهيو آهيان. انهن سرن ۾ ڪلياڻ، سهڻي، بلاول، رامڪلي، ديسي،
معذوري، پرڀاتي، ڪيڏارو، سسئي آبري، راڻو ۽ آسا شامل آهن. جن تي ثقافت کاتي جي
وزير ادي سسئي پليجو مون سان تمام گهڻو سهڪار ڪيوآهي. هيءَ واحد ثقافتي منسٽر آهي
جيڪا شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي مسئلن تي سنجيدگي سان سوچيندي آهي ۽ همٿائيندي آهي.
سوال: ماضي وارن فنڪارن ۽
اڄوڪن فنڪارن ۾ ڪهڙو فرق آهي.
جواب: ماضي وارا فنڪار
جديد سهولتون نه هوندي به پنهنجي محنت سان وڏا وڏا فنڪار ٿي ويا. ٽيلينٽ جي کوٽ،
هن وقت به نه آهي. پر موجوده فنڪارن جي يا نون فنڪارن جي اها ڪوشش آهي ته اسان
راتو رات وڏا فنڪار به بڻجون ۽ دولت به حاصل ڪريون. اڳ وارا فنڪار ڳائڻ کي عبادت
جو درجو ڏيندا هئا ۽ سالن جا سال استادن جون خدمتون به ڪندا هئا ته علم موسيقي به
پرائيندا هئا.
سوال: ڪهڙن ڪهڙن فنڪارن
سان گڏ، اوهان پنهنجي پرفارمنس پيش ڪري چڪا آهيو.
جواب: مان پاڪستان جي
تقريبن سڀني وڏن وڏن فنڪارن استاد فتح علي خان، حامد علي خان، عابده پروين، حميرا
چنه، شازيه خشڪ، صنم ماروي، بلقيس خانم، رئيس خان، نصرت فتح علي خان، نصيبو لال،
شرافت علي خان، شمن علي ميرالي، ممتاز لاشاري ۽ تعمير حسين سميت سنڌ جي به سڀني
فنڪارن سان گڏ بحيثيت ڪمپوزر طور ۽ ڪي بورڊ پليئر طور پرفارمنس ڏئي چڪو آهيان.
سوال: اوهان جي ڪا اهڙي
خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي.
جواب: ادا منهنجي خواهش
آهي ته هندستان جي نامور گلوڪاره لتا منگيشڪر سان گڏ پرفارمنس ڏيان. اها ئي
زندگيءَ جي خواهش آهي.
سوال: ڇا توهان ٻاهرين
ملڪن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.
جواب: مان يونيسڪو جو
سرٽيفائيڊ ميوزيشن آهيان ۽ يو ايس اي، يو ڪي، جرمني، فرانس، ڪئنيڊا ۽ يو اي اي ۾
مختلف فنڪارن سان فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهيان.
سوال: اوهان پنهنجي
زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو ٻڌايو.
جواب: منهنجي يادگار واقعن
۾ شهيد بينظير ڀٽو صاحبه سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪرڻ، ترڪمانستان جي پريزيڊنٽ طرفان
مليل انعام ۽ ان کان علاوه اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي طرفان مليل نقد انعام ۽
اڳوڻي صدر پرويز مشرف طرفان مليل شاباس ۽ ايوان صدر ۾ ڏنل دعوت کي آ وساري نٿو
سگهان. اهي ئي منهنجي زندگيءَ جا يادگار واقعا هئا.
سوال: اوهان کي ايوارڊ
ڪهڙا مليل آهن.
جواب: ۳ دفعا شهباز ايوارڊ،
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايوارد، ايف ايم ۱۰۱ ڪراچي ايوارڊ ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ
طرفان گولڊ ميڊل مليل آهي.
(روزاني عوامي
آواز تان، ٿورن سان.)
No comments:
راءِ ڏيندا