; سنڌي شخصيتون: ياسين چانڊيو - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

ياسين چانڊيو - رياضت ٻرڙو


ياسين چانڊيو
رياضت ٻرڙو

ياسين چانڊيو ڀلوڙ شاعر آهي. محمد ياسين ولد خادم حسين چانڊيو پهرين فيبروري ۱۹۸۰ع تي تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن (BA) تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو پرائمري تعليم جي استاد طور باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محراب سنديلي ۾ مقرر آهي. پڙهائڻ سان وابستگيءَ سبب کيس تعليم کاتي پاران بيسٽ ٽيچنگ شيلڊ ڏني وئي آهي.


هن ۰۴-۲۰۰۳ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس ادبي رهنمائي مشهور شاعر ۽ ڳيريلي ۾ ادبي ماحول جي سرواڻي ڪندڙ حبدار سولنگيءَ ڪئي آهي. سندس شاعري ادبي رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي. سندس رهائش ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا