; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار سيال - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

ذوالفقار سيال - رياضت ٻرڙو


ذوالفقار سيال
رياضت ٻرڙو

ذوالفقار سيال نالي وارو شاعر آهي. هو ۲۸ مئي ۱۹۵۷ع تي ڳوٺ فريد آباد، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان، انٽر حيدرآباد مان ۽ ايم بِي بِي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي) ڄامشوري مان ۱۹۸۱ع ۾ ڪئي. هُو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ايل ايم سِي ۾ آر ايم او، جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر ۽ چانڊڪا اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو، جنهن بعد ۱۲ سال ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ ائڊيشنل پوليس سرجن رهيو. هينئر ڪراچيءَ ۾ مقرر آهي.


ذوالفقار سيال ڪالم نويس پڻ آهي. هن شاعريءَ ۾ گيت، غزل، بيت، دوها، هائيڪو ۽ آزاد نظم ليکا آهن ۽ ٻاراڻي شاعريءَ جا پڻ ڪيئي ڪتاب سرجيا آهن. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: رڻ سڄو رت ڦڙا، مکڙين مالها. ڳاڙها هٿ پيلا چهرا، منهنجي ديس جا ٻار، گلڙن جهڙا گيت، لفظن جا رانديڪا، بارش کان پوءِ، اکر اکر سرهاڻ ۽ چهرا چنڊ گلابن جهڙا.
هُو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن سالن (۲۰۰۷-۲۰۰۵) لاءِ جنرل سيڪريٽري ۽ ان کان اڳ مرڪزي خزانچي رهيو. هو هڪ روزاني سنڌي اخبار جي ادبي صفحي جو انچارج آهي. سندس مستقل رهائش ڳوٺ ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا