; سنڌي شخصيتون: ابرار ابڙو - رياضت ٻرڙو

27 July, 2012

ابرار ابڙو - رياضت ٻرڙو


ابرار ابڙو
رياضت ٻرڙو

ابرار ابڙو ڀلوڙ شاعر آهي. ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو ۲۱ مارچ ۱۹۷۴ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي نئين ٺاهيل تعلقي باقراڻي (اڳ ڏوڪري) جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي ادب ۲۰۰۸ع ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان ڪئي آهي. هن ۱۹۹۶ع کان ۲۰۰۱ع تائين سب ايڊيٽر طور روزاني ”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت خانگي اسڪول ۾ به پڙهايو.


ابرار لکڻ جي شروعات ذاتي لڳاءَ سبب ۱۹۹۶ع ۾ ڪئي ۽ سنڌي ادبي سنگت ڳيريلي شاخ مان رهنمائي حاصل ڪئي جنهن جو هُو ۱۹۹۶ع ۾ ٿوري وقت لاءِ سيڪريٽري به رهيو. هن شاعريءَ ۾  بيت، وايون، نظم ۽ غزل لکيا آهن ۽ نثر ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ۽ اڀياس پڻ لکيا آهن. ۲۰۰۷ع کان وٺي سندس رهائش ڳيريلي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا