ڀوت خروس
پير علي محمد راشدي
هڪ ٻيو ڳوٺاڻو ڪئريڪٽر به نگاهه جو مستحق آهي.
ڀوت خروس جي وانڍ، منهنجي ڳوٺ کان ميل- ڏيڍ پنڌ تي هوندي هئي. پنهنجي
وانڍ تي سواءِ ذاتڀائي ٻروچن جي، ٻئي کي ويهڻ ڪو نه ڏيندو هو. هونئن به اهو عام
دستور هوندو هو ٻروچن جو. ٻيلن جي اندر يا ٻيلن جي وٽ سان، وانڍيون ٺاهيندا.
جيڪڏهن هڪ-اڌ ڇپر هوندن ته اُن کي ”ڀاڻ“ سڏيندا. ٻيءَ ذات واري
ماڻهوءَ کي پاڻ وٽ يا پنهنجي ويجهو هرگز گهر ٺاهڻ نه ڏيندا. سندن ڌنڌو هوندو هو
چوپايي مال، خاص طرح سان مينهن، جي ”ٻڌي ڇوڙي“. ان اصطلاح
جي معنيٰ هئي-مال جي چوري، چورايل مال جي پرداخت، ۽ ڀُنگ (يعني رقم) وٺي چورايل
مال ڀاڳئي (يعني مالڪ) کي موٽائي ڏيڻ. اصلي چورايل مال عيوض ٻيو مال ڏيندا ته اُن
کي ”ويڳو مال“ سڏيو ويندو. سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان،
ڪشمور کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين، ان قسم جون ٻروچن جون دُڻيون يا پاٿاريون پکڙيل
هونديون هيون. اهي پاٿاريون، چوري ٿيل مال جي پاڻ ۾ ڏي-وٺ ڪنديون رهنديون هيون.
پنجاهه يا سؤ ميل پري وڃي، مال چورائيندا. اُن مال کي رات جو درياهه ۾ وجهي، پاڻ
سيڻاهن تي چڙهي، ان کي تاريندا، آڻي پنهنجي پاٿاريءَ يا ڀاڻ وٽان ٻاهر ڪڍندا.
ٿڌيءَ ڪوسيءَ جي ڪا پرواهه ڪا نه هوندي. سياري جي ڄمندڙ پاري وارين راتين اندر به
پيا درياهه ۾ ترندا. جيڪڏهن بنهه ٿڌ محسوس ٿيندين ته ڄانڀي جو تيل جسم تي مکي
ڇڏيندا. نه وري مانيءَ جي ئي گهڻي طلب هوندين-وڌ ۾ وڌ، ته به جوئر جي مانيءَ جا
ٽُڪر ۽ مُستيءَ جي مُٺ بوڇڻ ۾ ٻڌي، مٿي سان مولهو ڪري، لڙهندا هلندا. جت به بک
ورائيندين ته اهي ٽڪر ڇوڙي چٻي ڇڏيندا. رات جيئن اونداهي، تيئن پيو کين مزو ايندو.
چانڊوڪين راتين کي پنهنجي ڌنڌي لاءِ سخت مضر سمجهندا. ٻروچن جون ڪيتريون ذاتيون
محض ڪم ئي اهو ڪنديون هيون. مثلًا خروس، تڙت، شر، جتوئي، کوسا، چانڊيا، بنگلاڻي ۽
بڙدين جا مختلف پاڙا. ٻروچن جي چوراڪاريءَ جي ڌنڌي اندر اهي ڪامرانيون ڏسي، ڪيترين
غير ٻروچ ذاتين به اهو ڪاروبار شروع ڪري ڏنو هو- مثلًا ناريجا، ڪلهوڙا، جوڻيجا،
ابڙا، وغيره.
ڀوت خروس، پنهنجي ڪٽنب اندر، ”مهانڊو مڙس“
ليکيو ويندو هو. مون کيس سندس پڇاڙيءَ واري زماني ۾ ڏٺو. اَسي کن ورهين جي ڄمار کي
پهچي چڪو هو. سنهو، قداور، ڏاڙهي دُن کان به هيٺ پوندي هيس. اکيون هميشه ڳاڙهيون
هونديون هيس. چوندا هئا ته؛ ڀنگ ڪثرت سان پيئندو هو. گهوڙي جي سواري ڪندو هو.
ٻروچن جي دستور موجب، ڪپڙا فقط سفيد پهريندو هو، نه رنگين، نه کومان. سندس ضد ۽
سختدليءَ جون ڪهاڻيون ڏاڍيون مشهور هونديون هيون. چوندا هئا ته؛ جنهن جو دشمن ٿيو،
ان جو سر وڃائي ڇڏيائين. پنهنجيءَ قوم جي ڪيترين عورتن کي جن تي سياهڪاري جو شبهو
هوس، بيهي خون ڪرايائين. ڪنهن زميندار مٿس بدمعاشيءَ جو بيان ڏيئي کيس تڪليف هيٺ
آندو، ته ساري ڄمار ان جو سڄڻ نه ٿيندو، بلڪ اوچتو منهن پئجي ويندس ته پنهنجي منهن
کي پڳ جي پلاند سان ڍڪي ڇڏيندو ۽ ڏند ڀڪوڙي چوندو رهندو: ”ويري آهي ويري، ڪارو
ڪارو، ٻوٽيون کاوانس، رت پيئانس، هڏا چٻيانس.“
ڀوت کي ماڻهو سچو مهانڊو سمجهندا هئا، ڇو ته هو انهن سمورين روايتن
کي قائم رکيو آيو، جيڪي مهانڊن ٻروچن سان وابسته هونديون هيون. اهو واقعو آهي ته
چورن ۾ به اخلاق Honor ٿئي
ٿو، جنهن کي هو ڪنهن به قيمت تي هٿان نٿا ڇڏين. مثلًا، سنڌ جي مهانڊن ڪاٽڪن، يا
چورن جا ”رول ريگيوليشن“ ملاحظو فرمايو:
1.
چوريءَ جي حالت ۾، ڀاڳيو قرآن شريف کڻي وٽن لنگهي آيو، ته هڪدم
چوريءَ جو اقرار ڪري ڏيندا. قرآن شريف ڏسي ڪوڙ نه هڻندا.
2.
آيل قرآن شريف تي رنگين ڪپڙي جو پڙ يا غلاف چاڙهي پوءِ واپس ڪندا -
گهڻو ڪري مصري، کنڊ، يا پتاشا به ورهائيندا.
3.
هلندي جهيڙي اندر ڪنهن شخص آڻي قرآن شريف وچ ۾ جهليو، ته جهيڙو هڪدم
ختم ڪيو ويندو، ۽ غير مشروط طرح.
4.
ميڙ طور، سيد پير در پيهي آيو، ته ان جي عزت به قرآن شريف جهڙي ئي
ڪندا. اُن جو چيو نه موٽائيندا. کيس نذر نياز پڻ ڏيئي روانو ڪندا.
5.
ان جُوءِ جي سيد يا فقير جي شيءِ کي هرگز هٿ نه لاهيندا.
6.
ڌاريءَ عورت ڏانهن اکيون کڻي نه ڏسندا - ڳالهائڻو پوندن، ته به ”ادي -
امان“ ڪري، ۽ وڏيءَ عزت سان.
7.
گهڻو ڪري پاڙي مان چوري نه ڪندا - بلڪ پاڙيوارن جي مدد ۽ حفاظت ڪندا
رهندا.
8.
ڪنهن تي چغلي نه هڻندا. ڪا گهٽ-وڌ ڳالهه ڏسندا ته سنگتي ساٿيءَ، پاڙي
واري يا واقف تان ”پن نه کڻندا“.
9.
ڪا عورت بدپيشي ٿي ته اُن کي ”ڪاري“ ڪندا (يعني
”ڪاري“ ڊڪلئر ڪندا)، ۽ اُن کي ۽ اُن جي يار کي خون ڪري ڇڏيندا، ۽ پوءِ اچي پاڻ
پوليس کي اطلاع ڏيندا.
10. ڪا ڪاري عورت يا ڪارو مرد،
ڪنهن ٻئي شخص جي هٿان قتل ٿيو، ته ان جي خلاف چغلي نه هڻندا، نه ان جي ابتڙ شاهدي
ئي ڏيندا، پوءِ ڪري مقتوله يا مقتول سان ويجهڙي کان ويجهڙي مائٽي ئي ڇو نه هوندين.
11. ڪو چور سنگتي ڪنهن مقدمي
۾ ڦاسي پين، ته ان جي مدد ڪندا. کيس خرچ لاءِ پئسا ڏيندا، سندس لاءِ وڪيل ڪندا،
ڪيس جي شنوائي ٿيندي ته ان تي وڃي موجود ٿيندا، ملزم حوالات ۾ هوندو ته پوليس وارن
کي پئسا ڏيئي ساڻس ملاقات ڪندا. گهڻو ڪري ٻيڙيون ۽ ميوو به کيس ڏيندا. مسڪيني حال
هوندن، ته به گهران مکڻ ۾ اُڦراٽو پچائي، بوڇڻ ۾ ٻڌي، کڻي ويندا، ۽ ملاقات وقت
کسڪائي کيس ڏيئي ڇڏيندا. ڏنڊ پوندس ته چندو ڪري ڏيندس، ڇٽي ايندو، ته ”مبارڪيءَ“ جا رپيا ڏيندس.
12. پنهنجي قومي سردار (جنهن
کي ”لٺ سردار“ به چوندا) جا فرمانبردار ٿي رهندا. سندس کٽ تي
هٿ رکي، جا ڳالهه ڪندا، سا ڪوڙ کان خالي هوندي. سردار جيڪو فيصلو ڪندو، ان جي
تعميل ڪندا. چندو گهرندن، يا ڏنڊ طور چَٽِي رکندن، ته
ڀري ڏيندا. سردار سان ڪنهن جو جهيڙو يا مقابلو ٿي پيو، ته سندس ڪوٺ تي سِرُ تريءَ
تي کڻي وڃي وٽس موجود ٿيندا.
13. پنهنجي پڳ ۽ ڏاڙهيءَ جي
عزت ۽ حفاظت پنهنجي سِر کان وڌيڪ ڪندا. ڏاڙهي ڏيئي واعدو ڪيائون ته ان کي ضرور
پاڙيندا. ڪنهن پڳ يا ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌن ته ان جو سِر وڍي ڇڏيندا.
14. ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي عورت
(جنهن کي ”ننگ“ سڏيندا) آڻي سندن گهر ۾ ڇڏي، ته ان کي ”سام“
سمجهندا ۽ ان جي حفاظت پنهنجيءَ جان سان ڪندا. مري ويندا، پر اها عورت ڪڍي ٻئي کي
نه ڏيندا - چوندا، ”سامن تي سِر
آهن!“
15. هڪ ٻئي جي گهر ڏانهن نه
تڪيندا. گهوڙي تي چڙهيل هوندا ته گهر کان پري گهوڙي تان لهي پوندا.
16. انتقام ۽ بدلي نه وٺڻ کي
سخت نامردي تصور ڪندا، خون جو عوض ضرور خون سان ئي ٿيندو. پيءُ انتقام وٺي نه
سگهيو، ته پٽ، پوٽو، بلڪ پوٽي جو پوٽو به انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ايندو.
17. جنهن سان دشمني ٿيندي، ان
جي گهر جي ماني نه کائيندا. ”نمڪ
کائي“ وڙهڻ ڪمينن جو ڪم
سمجهندا.
18. هر مهيني جي يارهين
تاريخ، ميهاڳ مان ايندڙ سارو کير حضرت غوث الاعظم شيخ
عبدالقادر گيلانيءَ جي نيت ورهائي ڇڏيندا.
19. آئي وئي، مسافر مَڙي کي
کُليءَ دل سان پيا ماني ٽڪر کارائيندا. پاڻ بک تي به ويهي رهندا، پر مهمان کي بکيو
وڃڻ هرگز نه ڏيندا.
20. پنهنجي پاڙي مان هڪ شخص
کي پنهنجو ”مهانڊو“ مقرر ڪندا، جنهن جي اڳيان نه ڪوڙ ڳالهائيندا، نه
ان جي راءِ کي ئي ريٽيندا.
ڀوت انهن اصولن جي ساري عمر پوئواري ڪئي، جنهن ڪري سندس عزت قائم
رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا