; سنڌي شخصيتون: سُشيلا مهتاڻي - نصير مرزا

23 July, 2012

سُشيلا مهتاڻي - نصير مرزا

سُشيلا مهتاڻي
سر نامي وارو پٿر يا ڪوھِ نور ھيرو
نصير مرزا
هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪا نه ڪا ڪلاڪار خاتون، ضرور محترم هوندي آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ به آهي، پر ڪير؟ سنڌ جي امير ڪبير ۽ سکر خاندان جي، پر مزاجن صوفي، سڀاءُ راڳي خاتون ..... سُشيلا مهتاڻي!


هوش سنڀاليم ته، گهر جي وڏي شاهي ريڊيو سيٽ تان سڀ کان پهرين سندس ڳايل هي ڪلام ڪنايم،
”ٻانهي آهيان، گولي آهيان، آئون ته يار سڄڻ جي الا“
۽ ان ڪلام کان پوءِ مون سندس ڳايل ٻيا به ڪلام نوٽ ڪرڻ شروع ڪيا؛
”دل ڪر درخت جي دستور .....
لاشڪ آهيون، لا مذهب، اسان غرق ٿياسون درغب، غب غب، ڪر ڪتڻ ول ڌيان .....
ننگڙا نماڻي دا .....
ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي .....
واڳ ڌڻي تنهنجي وس ۾ الا .....
اسان عشق وارن جي عادت نياري .....
لوڏي پينگهو ڏيان توکي لولي .....“ 
۽ يا الله! هي ڪي ڪلام هئا؟ آئون ته انهن سڀني کي ور ور ٻڌڻ جي لاءِ ريڊيو جي فرمائشي پروگرامن ۾ خط به لکڻ لڳو هئس. پوءِ مون ان وضعدار ۽ عاليشان خاتون کي پنهنجي ٻالڪ-پڻي دوران، اکين جي سامهون به ڏٺو. ڪٿي!؟ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ قليچ ڪتب خاني جي ديوار مٿان ٽنگيل، سفيد ۽ شفاف پردي تي! ۽ هيءَ ڀٽائي صاحب جي ميڙي جي ڪا فلم هئي ۽ ان جي موسيقيءَ واري محفل ۾، اسٽيج تي پلٿي ماري هوءَ ڳائي رهي هئي.
”پيرين پوندي سان، چوندي سان، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“ .....
اصل ۾ ڀٽائي صاحب جي ميڙي جون اهڙيون فلمون، پنهنجي ذاتي پروجيڪٽر تي، خاندان جي خواتين ۽ ٻارن کي ڏيکارڻ جو اهڙو سمورو ڪريڊٽ، قليچ بيگ صاحب جي لائق فرزند مرزا اسد بيگ ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو سنڌ انفرميشن کاتي جي فلم سيڪشن منجهان اهڙيون ناياب فلمون هٿ ڪري، خاندان جي مستورات کي، اوطاق جي چؤديواريءَ اندر آڻي ڏيکاريندو رهندو هو.
خير، اها ڳالهه ته ٿي اتي ..... سوال هتي هيءُ آهي ته قليچ ڪتب خاني جي ديوار مٿان اسڪرين تي سُشيلا مهتاڻي ڳائڻ وقت، ڪيئن نظر آئي هئي مون کي!؟ بلڪل زبردست خاتون! بدن تي شفون جي عاليشان سفيد ساڙهي، وار گهاٽا ۽ نڀور ڪارا، پيشانيءَ تي بنديا، سينڌ ۾ سيندور، گول مٽول پيارو چهرو، اکيون ڪجل ڪجل ۽ ان ڏيا سان فيلڊ مارشل صدر محمد ايوب خان جي آڏو، مون هن کي هاڻي هي ٻيو ڪلام ڳائيندي ٻڌو:
”هي سڀ هلڻ هارا... ڪو نه رهندو ڪو هڪ جيڏو“
۽ اجهو اهي سِٽون ياد ڪندي، جڏهن هي ڪلام لکان ويٺو، تڏهن لڳيم پيو، هوءَ ان وقت محض ڪا راڳي خاتون ٿورو ئي پئي نظر آئي، لڳو پئي دُرگا مَيا هئي يا سُرن جي راڻي، سرسوتي ديوي ..... ۽ ڪنهن حال حيات هستيءَ هن بابت ٻڌايو پئي ته، نوجوان ۽ خوبرو ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب کي به هيءَ شريمتي سشيلا مهتاڻي انهن ئي اوصافن سبب بي حد ئي وڻندي هئي. تڏهن ان وقت دولتاڻي فيمليءَ جي هي امير ڪبير خاتون، ڪراچيءَ جي سوشل لائيف ۾ گهڻو اٿندي ويهندي به ته هئي، ان ڪري گهڻن ئي پارکو نگاهن جو مرڪز بنيل هئي. ريڊيو پاڪستان جو ناميارو براڊڪاسٽر خواجه امداد علي عيني گواهه آهي ته ڇاهٺ يا ستهٺ ڌاري، ڀارت جو وزير خارجه، سردار سورن سنگهه (جيڪو سنڌي ٻولي سمجهي ۽ ڳالهائي سگهندو هو) پاڪستان آيو هو ته، ڪراچيءَ ۾ سندس آجياڻي ۾ ڀُٽي صاحب جي خواهش تي سندس آڏو ڳائڻ لاءِ صرف سُشيلا مهتاڻيءَ کي ئي مدعو ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته ڪروڙ پتي خاتون هئي، ان ڪري ڪنهن کان به هوءَ ڪو به معاوضو طلب نه ڪندي هئي. ڪراچيءَ ۾ سندس رهائشگاهه جمشيد روڊ تي هئي ۽ ان ئي روڊ تي پاڻ ٻين به ڪيترن ئي بنگلن جي مالڪياڻي هئي، جيڪي مسواڙن تي ڏنل هئا.
خواجه امداد صاحب ان ڳالهه جو به گواهه آهي ته سُشيلا مهتاڻي ايڏي ته ڪلچرڊ خاتون هئي ۽ همعصر گائڪائن ۾ هن جو اسٽينڊرڊ ايترو ته اوچو هئو، جو راڳ ڳائڻ لاءِ اسٽيج تان هن جو نالو جڏهن انائونس ڪيو ويندو هو، تڏهن پاڻ وي وي آءِ پيز واري قطار مان اُٿي پرفارم ڪرڻ جي لاءِ رنگ منچ جا ڏاڪا، پوري وقار سان چڙهي وڃي مائيڪ آڏو پلٿي ماري ويهندي هئي. تازو ادي روبينه قريشيءَ به ٻڌايم پئي؛ ”سُشيلا آپا شادي شده، کِل مُک، سخي، ۽ بي حد دل آويز خاتون هوندي هئي“. تاج بلوچ ٻڌايو هئم؛ ”سندس چاچي دادا دولت مهتاڻيءَ جو ايلفيءَ ۾ گلم غاليچن جو وڏو ڪاروبار هوندو هو ۽ صدر ڪراچيءَ واري هيوج بلڊنگ ”راڪ ڪورٽ“ سندن ئي خاندان جي ملڪيت هئي. گائيڪيءَ ۾ سُشيلا صاحبه جو انداز ڀڳتي رنگ جو هو، ۽ سندس ان ئي انداز تي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ئي ڇا، اسانجيءَ سنڌ جو هاڪارو عالم، ڊاڪٽر بلوچ صاحب به سؤ جان فدا هوندو هو.“ چون ٿا؛ سنڌ جي هن صوفي گائڪا جي راڳ، دولت ۽ ٺاٺ باٺ ڏانهن ڪن وڏن گهرن جي عاشق سڀاءُ مردن جڏهن طلب جا تير تاڻيا، ته هن جي اندر جي بلبل، پنهنجا پَر سوئي سڀ ارڪو ترڪو وڪڻي، اسپين جي باغن ڏانهن اڏامي وئي هئي، جتان پوءِ حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾، هوءَ بمبئي ۾ اچي سڪونت پذير ٿي هئي.
ڳچ جيترا سال ٿيندا، جو ادي عابده پروين ۽ سندس ور، غلام حسين شيخ بمبئي سميت ڀارت جي ڪجهه ٻين شهرن ۾ موسيقيءَ جا وڏا وڏا منڊل مچائي موٽيا ته، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ادي عابده هڪڙي ڳالهه ته عجب جهڙي مون سان ڪئي هئي. ٻڌائڻ لڳي: ”بمبئيءَ بيچ تي، يعني سمنڊ جي ڪناري سان، شيخ صاحب ۽ مون گڏجي سياري جي ٿڌي ٿڌي اُس ۾ پسار پئي ڪئي، جو دور کان ڏٺم، بيچ مٿان کُتل، هڪ امبريلا نما خيمي جي هيٺان آرام ڪرسيءَ تي، ڪا بزرگ خاتون، اکين تي ڪارو چشمو پائي، اڪيلي ئي اڪيلي سمنڊ جي ڇولين کي ڏسي رهي هئي. بدن ڀريل ڀريل هئس، مٿي تي تلڪ، ڪاٽن جي سفيد ساڙهي پاتل ۽ ڏسڻ ۾ ائين پئي لڳي، ڄڻ ڪائي وڏي ڏيا واري هستي هجي. اڳيان وڌي وڃي هٿ جوڙي ”نمستيءَ“ جو ڪئيسين، ته انهيءَ کان اڳي جو اسين ڪي ٻيا گفتا هن سان ڳالهايون، هوءَ پاڻ به سنڌياڻي نڪري پئي. يڪدم ئي پيار ۽ حيرت مان پُڇڻ لڳي: ”بابا! تون عابده ته ڪا نه آهين!؟ عابده پروين!“ ۽ پوءِ حب منجهان چوڻ لڳي؛ ”منهنجو نالو سُشيلا مهتاڻي آهي بابا ..... آئون تنهنجي وڏي فين آهيان“ ۽ هن جو بس ائين چوڻ هو جو ادي عابده ٻڌائڻ لڳي؛ ”مون ۽ شيخ صاحب فورن جُهڪي، سنڌ جي هن عظيم گائڪا جا چرن چميا ۽ پيرن جي خاڪ، پنهنجي پيشانيءَ تي هڻي، سندس قدمن ۾ ويهي رهياسين. تڏهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪراچيءَ ۾ موجود راڪ ڪورٽ بلڊنگ ۽ جمشيد روڊ وارن پنهنجن بنگلن ۽ ٿاڻي بولا خان واري ”راڪ لطيف محل“ جو ذڪر ڇيڙي دير دير تائين روئندي رهي هئي.
خير... ادي عابده ته اهو دل گداز قصو، ڪي ٿورا ورهيه اڳ، مون کي گوش گذار ڪيو هو، پر هڪ اڌ سال اڳ، ڏياريءَ جي هڪ شڀ تهوار تي هي جو آئون ٿاڻي بولا خان وڃي نڪتس ته، سشيلا صاحبه جي ”راڪ لطيف محل“ جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن نڪري پيو هئس. خبر پئي ته ان هنڌ تي هاڻي ٿاڻي بولا خان جي هڪ وڏي خيراتي اسپتال کڙي آهي ۽ ”راڪ لطيف“ وارو سرنامو، محل جي پيشانيءَ تان لاهي، ڪنهن ڪنڊ ۾ محفوظ ڪري رکيو ويو آهي. تڏهن ڏياريءَ جي ان شڀ تهوار ۾، محل جي رهائشي دروازي تي دستڪ جو وڃي ڏنم، ته خوش نصيبيءَ سان اهو مون تي ائين کُلي پيو، ڄڻ آئون ناچيز، نصير مرزا نه، دادا جشن واسواڻي هجان يا ساڌو هيرا نند، يا ڄڻ حيدرآباد وارو ساڌو واسواڻي. تڏهن گهر ڀاتين پاران پنهنجي ايڏي آءُ ڀڳت ڏسي، هجت منجهان جڏهن ”راڪ لطيف“ سرنامي واري پٿر جي پُڇا ڪيم، ته چيائون؛ ”محل کي اسپتال ۾ تبديل ڪرڻ واري مرحلي دوران، ان کي لاهي، اسان گدام ۾ محفوظ ڪري رکي ڇڏيو آهي. سو جي اوهان کي گهرجي ته کڻي وڃو ۽ سشيلا مهتاڻيءَ جي ياد ۾، ريڊيو حيدرآباد جي ڪنهن اسٽوڊيو، يا باغ ۾ وڃي نصب ڪرائي ڇڏيو. اڙي هان!؟ ياد ۾ ڇو!؟... ڇا مطلب!؟ تنهن تي اُتي موجود هڪڙو وڏڙو ٻڌائڻ ٿو لڳي؛ ”ٿورو وقت ٿيندو، جو ديدي سشيلا جو بمبئيءَ ۾ ديهانت ٿي ويو آهي ۽ هي محل، سندس پونئيرن ان شرط تي ٿاڻي بولا خان واسين کي وقف ڪيو آهي، ته ان ۾ يا ته ڪا تعليم گاهه کولي وڃي يا خيراتي اسپتال. ائين هي محل هاڻي هڪ اسپتال آهي.“ تنهن رات وقت، ان محل جي واسين مون کي جڏهن مٺائين جي سوکڙين سان اتان رخصت پئي ڪيو ته؛ ”راڪ لطيف محل“ وارو سنگِ مرمر جو اهو سرنامو مون پاڻ پنهنجي هٿن سان کنيو هو ۽ دل سان ان کي لائي، گاڏيءَ ۾ سوار پئي ٿيس، ته لڳو هئم، هي سشيلا مهتاڻي جي ”گهر - در“ واري سرنامي جو پٿر نه، ڄڻ اڪبر بادشاهه جي تاج وارو ڪوههِ نور هيرو هو، جيڪو ٿاڻي بولا خان مان، سدائين سدائين جي لاءِ مون کي ملي چڪو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا