; سنڌي شخصيتون: حبدار سولنگي - رياضت ٻرڙو

28 July, 2012

حبدار سولنگي - رياضت ٻرڙو


حبدار سولنگي
رياضت ٻرڙو

حبدار سولنگي مشهور شاعر آهي. حبدار علي سولنگي پهرين مارچ ۱۹۷۸ع تي، اڳوڻي لاڙڪاڻي تعلقي ۽ هاڻوڪي باقراڻي تعلقي جي معروف ڳوٺ ڳيريلٖي ۾، علي بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ ۲۰۰۸ع ۾ ڪئي آهي، جڏهن ته ۲۰۰۲ع کان ڳيريلي ۾ خانگي اسڪول ٽيچر طور پـڙهـايـائـيـن ۽ هـاڻي ۲۰۱۰ع کـان پـرائـري اسـڪـول اسـتـاد طــور پــڙهــائــي رهيو آهي.


حبدار سولنگيءَ لکڻ جي شروعات پنهنجي شوق سبب ۱۹۹۶ع ۾ شاعريءَ سان ڪئي. نثر ۾ هن مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. سندس ادبي رهنمائي نالي وارن ليکڪن رزاق مهر ۽ محمد علي پٺاڻ ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”سانت جو آواز“ (۲۰۰۴ع) ڇپجي چڪو آهي ۽ سندس شاعري سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپبي رهندي آهي.
حبدار سولنگي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڳيريلو (غير الحاق) جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري (۱۹۹۷ع) رهيو آهي. هينئر پڻ ۲۰۱۰ع ۾ سيڪريٽري آهي.
سندس رهائش ڳيريلي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا